شاهه لطيف جو پيغام - اي ڪي ــ بروهي



شاهه لطيف جي شاعري ۽ سندس پيغام متعلق ڳالهائيندي آئون اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آئون ڪنهن ناقد ۽ محقق جو ڪردار ادا نه ڪندس. منهنجو يقين آهي ته منهنجي حيثيت تمام معمولي آهي ۽ آئون انهيءَ حيثيت سان شاهه صاحب جي شاعري ۽ مقصد جي هڪ مداح جي حيثيت ۾ ڪجهه عرض ڪندس. اهو به منهنجي لاءِ ناممڪن آهي ته هن شاعر جي تاريخي متن کي تماشبينن وانگر پري کان ڏسندو رهان جنهن کي اوهين سندس شاعريءَ جو هڪ مقصدي جائزو چئي سگهو ٿا.

شاهه صاحب جو فڪر ۽ تاثير هر سنڌيءَ جي زندگي تي اهڙو گهرو ڇانيل آهي، جو هو انهيءَ کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ۽ جيتري قدر منهنجو تعلق آهي، آئون سمجهان ٿو ته شاهه جي شاعري مون کي ماءُ جي ٿڃ ۾ ملي آهي. جڏهن به آئون شاهه صاحب جي صرف ڪافي ڳائيندي! ٻڌان ٿو ته مون کي ايتري لطيف خيالي محسوس ٿئي ٿي، جيتري ”بيٿووين“ جي نائين نغمي مان به نٿي ٿئي. شاهه لطيف جيڪي شاعريءَ ۾ چيو آهي، اهو منهنجي زندگيءَ جو حصو بنجي چڪو آهي، تنهن ڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته آئون سندس پيغام کي صرف مقصدي نڪته نگاهه سان ڏسان.

انهيءَ کان اڳ، جو آئون ڪجهه چوان، اهو خيال ذهن ۾ رکجو ته منهنجو نڪته نگاهه، شاهه صاحب جي عاشق واري ڪردار وارو هوندو.


منهنجي خيال ۾ شاهه لطيف جي شاعري جو مکيه عنصر انهيءَ عاشق حق جي جستجو جو قابل ستائش رڪارڊ آهي، جيڪو پنهنجي هن زندگي کان اڳ ئي پنهنجي خالق سان ملڻ گهري ٿو.

شاهه لطيف، بنيادي طور تي ”عشق“ ۽ ”لوچڻ“ واري جذبي جو شاعر آهي. هن آفاقي زندگي جي تلاش ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي سو نه کانئس اڳ ڪنهن چيو آهي، نه وري کانئس پوءِ ڪنهن چيو آهي. هو ڪڏهن به انهيءَ تلاش ۾ ٿڪو ناهي. حق جي ڳولا ۾ جان نثاري ۽ پاڻ وڃائڻ واري جذبي سان ڪنهن به اهڙو اثرائتو نقشو نه چٽيو آهي. سندس هر سٽ انهيءَ فرمان اِلاهي جو عڪس آهي ته ”اسين اصل مان آهيون، ۽ حق ڏانهن موٽڻو آهي.

سر عمر مارئي ۾ اها ئي ڳالهه نروار ڪئي اٿس، جنهن کي اسين روح جي آتم ڪهاڻي چئي سگهون ٿا. روحاني رازن کي هن سهڻي سلوڻي شاعراڻي انداز ۾ جنهن گهرائيءَ سان عمر مارئيءَ ۾ چٽيو آهي، تنهن جو نظير شاعريءَ جي دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. شيڪسپيئر ۽ گوئٽي وانگيان، لطيف به انهن ڏينهن جي عام ڪهاڻين کي کڻي انهن کي شاندار شاعراڻو روپ ڏيئي، اسان جي زندگي جي رازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجون تمثيلون بنائي ٿو.

هي عظيم انسان، پنهنجن سمورين ڳالهين پورين ڪرڻ ۾ ڪهڙي طرح ڪامياب ويو، اهو سوال مون اڪثر پاڻ کان پڇيو آهي پر مون کي اعتراف آهي ته اڄ تائين مون کي انهيءَ جو اطمينان بخش جواب نه مليو آهي. هيءَ شخص سنڌ ۾ ارڙهين صديءَ عيسوي ۾  پيدا ٿيو، سو خود هڪ عظيم واقعو آهي. هو سنڌ جو ترجمان بنجي ويو، نه ته انهن ڏينهن جي سنڌي زبان ۽ نه وري سندس فڪري ماحول مان ڪا اهڙي شيءِ هئي، جيڪا ههڙي وسعت واري شاعر کي جنم ڏي.

هو جنهن بلندي تي رسي تخاطب ڪري ٿو، تنهن کي صرف دنيوي ڳالهين سان ماپي نٿو سگهجي، ۽ جيڪڏهن هن اهو سمورو اثاثو ڪنهن ڪتاب کان ورتو يا ڪنهن ماڻهو کان سکيو ته اُهو قرآن ڪريم ۽ سيرت پاڪ ئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو قرآن جي تعليم ۽ اسلامي طريقو ڏسندڙ آهي. اوهين رسالي جي ڪيترن هنڌن تي قرآني آيات کي اهڙي طرح استعمال ڪيل ڏسندؤ، ڄڻڪ اهي انهيءَ شاعرانه تخليق جو لازمي حصو آهن. انهيءَ کان به اڳتي ڏسندؤ ته هو جتي به قرآني آيات کي پنهنجي بيتن ۾ شامل ڪري ٿو ته اهي بيت اهڙي معنويت ۽ اهميت سان نمايان نظر ايندا، جو اوهان انهيءَ کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو.

هيءَ حقيقت ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته شاهه لطيف روايتي معنيٰ وارو شاعر نه هو. هن ڪڏهن به قلم کڻي شعر نه لکيو. هن جي اظهار جو ذريعو وڌيڪ سڌو هو. اوهين سندس رسالي ۾ جيڪي ڪجهه ڏسندؤ سو هو پاڻ سازن تي ڳائيندو هو ۽ گهڻو ڪري انهن فقيرن ۾ پري کان آيل عاشقن جي وچ ۾ هوندو هو، جيڪي ڀٽ شاهه تي کيس ٻڌي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا.

اهو سوال اڪثر اٿاريو ويو آهي ته جيئن عام عقيدو آهي ته شاهه صاحب وجد جي ڪيفيت ۾ شعر چوندو هو، سو ڪلام سندس ئي آهي يا پاڻ جيڪي ڪجهه محسوس ڪرڻ بعد چوڻ ٿي گهريائين، سوئي آهي. ڇاڪاڻ جو جيئن دستور هو ته شاهه صاحب پنهنجي مريدن ۽ فقيرن سان وهندو هو، جيڪي پڻ بيت ڳائڻ وقت هن سان شامل ٿي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته شروع ئي مريد ڪندا هئا يا وري بيت ۾ ڪٿي ڪا مصرع به ڏيئي ڇڏيندا هئا، جيئن معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان ڪلام وڌيڪ اثرائتو ٿئي.

شاهه جا شارح هن ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته لطيف 1689ع کان وٺي 1751ع تائين رهيو. جيتوڻيڪ هن سوال تي تاريخي شاهدين مطابق تحقيق ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي ــ سورلي (مصنف ”شاهه لطيف آف ڀٽ“) مطابق نوجواني جي ڏينهن ۾ شاهه صاحب، ڪلهوڙا گهراڻي جو اُڀرڻ ڏٺو ۽ سندس وفات، ٺٽي ۾ ٻي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪارخاني قائم ٿيڻ جي وقت ۾ ٿي هوندي. هي تاريخون ۽ واقعا، جيستائين ڪلام جو تعلق آهي، ٺهڪي اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندس ڪلام جو پهريون متن ۽ اهو به اڻپورو،  پهريون ڀيرو شاهه صاحب جي انتقال کان 115 سال پوءِ 1866ع ۾ ليپزگ (جرمني) مان انريسٽ ٽرمپ ڇپرايو.

تنهن ڪري آئون انهيءَ بيسود ڪوشش ۾ پوڻ نٿو گهران، جيڪا شاهه جي شارحن ۽ مورخن منجهائيندڙ ۽ اڻ منجهائيندڙ ڪسوٽين تي پرکڻ لاءِ ڪَئي آهي. پر آخر سندس سموري ڪلام جو ڪهڙو حصو آهي، جو سچ پچ شاهه جو آهي. مختصر هي ته زماني ۾ تڪبند شاعر پيا آهن، جن جو مقصد ڪهڙو به هجي، پر انهن شاهه جي ڪلام سان هٿ چراند ۽ ملاوت ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو. منهنجي خيال ۾ هن وقت جيڪو اهم ڪم آهي، سو هيءُ ته شاهه جي ڪن بيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ گهريءَ طرح هليا وڃون، جيئن هن جي ڳوڙهائي ۽ اونهائي جو ٿورو اندازو ڪري سگهون.

جيئن مون پهرين اشارو ڏنو آهي ته شاهه لطيف پاڻ پنهنجي شاعريءَ کي خدا جي پيغام ۽ احڪام نبوي جي هڪ طريقي جي تشريح ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو آهي، جيئن پاڻ فرمايو اٿن:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

پڙهندڙن کي ياد هوندو ته شاهه جو رسالو سڄو قرآن شريف جي آيتن جي حوالي سان ڀريو پيو آهي ۽ اُهي اهڙي طرح ته شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن، ڄڻڪ انهن جو سنڌيءَ ۾ متن آهن. مثال طور سُر مارئي انهيءَ ڏس ۾ واضح اشارو ڪندڙ سوال سان ٿئي ٿو. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته ”الست بربڪم“ ۽ ”قالو بليٰ“.

شاهه جي شاعريءَ جو ڳچ حصو خدا ذوالجلال جي حمد ثنا سان شروع ٿئي ٿو:
اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سان قائم آهه قديم،
والي واحد، وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو، ڌڻي چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.

وحده لاشريڪ له، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
تان تون وڃئو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

اوٽر ڪنهن نه اوليا، ستڙ وئا سالم،
هيڪائي هيڪ ٿئا، احد سين عالم،
بي بها بالم، آگي ڪئا اڳهين.

وحده جي وڍئا، ڪئا الا لله اڌ،
سي ڌڙ پسي سڌ، ڪنهن اڀاڳي نه ٿئي.

وحده لاشريڪ له، اي هيڪڙائي حق،
ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.

خدا تعاليٰ جي وحدت ۽ پالڻهار جي عظمت، شاهه جي شاعري، جو اڻ کٽ خزانو آهي. شاهه جي شاعري گهڻو ڪري سموري تمثيلي آهي. هاري، ناري ۽ ڪڙمي ڪاسبي جي عشقيه داستانن، جهڙوڪ سهڻي ميهار، عمر مارئي، سسئي پنهون ۽ ليلا چنيسر کي کنيو ۽ پنهنجي ڪردارن سان زندگي جي ڳوڙهي فڪر ۽ فلسفي جي مشڪل مسئلن کي تمام سولي ۽ اثرائتي نموني سمجهايو. آفاقي زندگي جو هي روشن پهلو، شاهه جي شاعريءَ جو هڪ لازمي جزو بنيل آهي.

عمر مارئي جي ڪهاڻي جو ورتاءُ ئي کڻي ڏسو، جنهن کي شاعر مڪمل تمثيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هو انهيءَ کي انهيءَ وعدي ۽ اميد جي معنيٰ ڏيکارڻ لاءِ ڪتب آڻي ٿو ته مخلوق وري خالق سان گڏجي وڃي ٿي، جيڪو قرآن شريف ۾ هيئن فرمايل آهي:

مَ ڪي رو، مَ رڙ ڪي، مَ ڪي ڪر دانهون،
ستي لوڪ، لطيف چئي، ٻئي کڻج ٻانهون،
لڌئي جت لائون،   سو ڏيهه پسنديين مارئي.

مارئي جي سادي ڪهاڻي کي لطيف انهيءَ سان منسوب واقعن جي تشريح لاءِ کنيو آهي. مثال طور مارئيءَ کي ڪيئن عمر کڻي ٿو، کيس محل ۾ بند رکي ٿو، کيس منٿون ڪندو رهي ٿو ۽ نيٺ پنهنجن مائٽن ۾ ڇڏي ٿو. هن انهيءَ جا به ڪي تفصيل پيش ڪيا آهن. لطيف ڄاڻي ٿو ته سندس بيت جي پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي ڪهاڻي جي اڳيئي خبر آهي نه ته هو ڪهاڻيءَ جي انهيءَ انداز کي بلڪل بدلائي ڇڏي ها. هو ڪهاڻي ۾ نج ساديون تمثيلون استعمال ڪري ٿو ۽ سندس هر بيت اهڙو مڪمل آهي، جو ان جي معنويت ۽ اجمال ۾ ڪنهن ٻه ٻاهرئين حوالي جي گهرج ناهي.

شاهه جي شارحن، سندس ڪلام ۽ مقصد کي سمجهائڻ لاءِ جيڪي خيال پيش ڪيا آهن تن مان آئون فقط عمر مارئي کڻندس، جنهن مان شاهه جي فلسفيانه گهرائي جو نقشو چٽي سگهجي ٿو.

تخليق جو هنڌ
ڪن ايامن کان وٺي اڄ تائين، فلسفي ۽ صوفي پنهنجو ڌيان ٻن ڳالهين تي ڏيندا رهيا ته انسان جي تخليق جو آخرڪار ڪهڙو مقصد آهي؟ ۽ انهيءَ جو جواب ته نيٺ اهو ڇو ضروري سمجهيو ويو ته انسان جي روح کي به انهن تجربن مان لنگهڻو پوي، جن مان ان جو جسم به  لنگهي. جيڪڏهن اسين وحدت مان آهيون ۽ وحدت ڏي موٽ کائينداسين ته پوءِ فراق جو درجو ڇو ضروري پيدا ٿئي. هن عارضي وڇوڙي جو ڪهڙو مقصد هو؟ مارئي پاڻ ڪوٽ مان بند خلاص ٿيڻ بعد کاڻ کان ئي سوال ٿي پڇي. آخر هن کي پنهنجن ماروئڙن کان ڌار ڪيو ويو. مارئيءَ کي نيٺ جدائيءَ جي تڪليفن ۽ اڪيلائي جي عذاب ۾ ڇو وڌو ويو. کيس ڇو سالن جا سال پنهنجن ماروئڙن ۽ خاص ڪري ”کيت“ کان جدا ڪيو ويو، جنهن سان هن جو شروع کان ئي ڳانڍاپو هو.

لطيف جي شاعريءَ ۾ شاعر پاڻ کان هڪ سوال پڇي ٿو ۽ پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو. شاعر جو فڪر هي چئي ٿو ته زندگي هڪ موقعو آهي ته انسان پنهنجي پاڻ کي اجرو ڪري. خود قرآن شريف ۾ فرمان آهي ته رسول اڪرم ﷺ جن، انسان ذات کي اجارڻ ۽ منزل توڙي صراط المستقيم ڏيکارڻ لاءِ موڪليا ويا هئا. لطيف جي خيال موجب انهيءَ اجارڻ جو رستو، هوس ۽ نفساني خواهشن کي دٻائڻ آهي. ڇاڪاڻ ته اها خواهش انسان کي صراط المستقيم تان هٽائي ڇڏي ٿي.

مارئي ٻهراڙيءَ جي هڪ ڇوڪري هئي، جنهن جي چوڌاري محل جون سموريون خوشيون موجود هيون. هڪ بادشاهه سندس قدمن ۾ هو ۽ مارئي جيڪي طلبي ها، سو حاضر ٿي وڃي ها، پر جيڪڏهن مارئي پاڻ کي پيش ڪري ها. پر مارئيءَ محسوس ڪيو ته هوءَ ٻئي ڪنهن جي آهي ۽ انهيءَ احساس کيس متواتر اهو ياد پئي ڏياريو ته هوءَ ڪتان آئي آهي ۽ انهيءَ ماڳ تي کيس وري موٽڻو آهي. بند جي ڏانهن ۾ هن جي عادت هئي ته هوءَ روز ڪوٽ جي ڇت تي چڙهي پنهنجي ملڪ ڏانهن منهن ڪري ڳوڙهن ڀريل اکين سان نهاريندي هئي، جنهن مان کيس تمام هڻو آٿڌ ملندي هئي ۽ کيس آس هئي ته نيٺ هڪ ڏينهن هوءَ ماروئڙن سان ملي سگهندي.

عبادت
پنهنجو پاڻ کي منزل جي لاڳيتي يادگيري ڏيارڻ وارو فرض پورو ڪرڻ عبادت آهي. هيءَ عبادت نه فقط اوهان کي ڪنهن غير اخلاقي ڪم کان پاسي ڪندي، پر اوهان جي عمل ۽ اخلاق کي اڇو ڪري زندگي کي بلند تر بنائي ٿي. قدرت وٽ به ائين آهي. سڀ سمنڊ جي تري ۾ ويهي اُڃائجي رهي آهي. پر سمنڊ جو هڪ قطرو به نٿي پئي، ان جي بدران هوءَ مٿانهون آسمان طرف ڏسي ٿي ۽ جڏهن به برسات وسي ٿي، تڏهن هڪ ڦڙو پيئڻ سان ئي سندس پيٽ ۾ موتي پيدا ٿيو وڃن. اسان کي به دراصل سپ جي زندگي اختيار ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ رهندي به کيس دنيا کان ٻاهر نڪرڻو آهي. هڪ ٻئي هنڌ هي خيال لطيف سائين هنن لازوال سٽن ۾ پيش ڪري ٿو:

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌ ٻار ۾،
اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.

جنهن جي معنيٰ ٻين لفظن ۾ هيئن به ٿئي ٿي:
درميانِ قعر دريا تخت بندم ڪرده اي
باز مي گوئي دامن تر مکن هشيار باش

تاريخ جي تشريح

حضرت شاهه عبداللطيف، سر ليلا چنيسر ۾ انسان آڏو تاريخ جي تشريح پيش ڪئي آهي. هن ڪهاڻي ۾ لطيف اِلاهي عشق ۾ غرق ٿيل آهي. چنيسر پالڻهار جي تمثل آهي، جنهن وٽان مهر ۽ سخا نڪري ٿي ۽ ليلا انسان جو نمونو آهي، جيڪا صرف دنيوي دولت جي ٻاهرين ڪشش جي ڪري آفاقي انعام وڃائڻ لاءِ تيار آهي. جيستائين انسان وحدت الاهي ۾ يقين رکي ٿو ۽ هو انهيءَ جي بنا ڪنهن طمع جي تابعداري ڪندو رهي ته پوءِ هو نه فقط هر قسم جي ڳالهين کان بچيل رهندو ۽ خدا جي مهر جو حقدار ٿي ويندو، پر هو دنيوي طاقت جو به مالڪ بنجي ويندو. پر جيڪڏهن هڪ ڀيري هن دنيوي ڪوشش جي مقابلي ۾ خدائي فرض کي ڇڏي ڏنو ته قدرت هن کي نه نوازيندي. جيئن انساني زندگي ۾ قدرت جو اهو قانون ڪار فرما آهي، تيئن قومن جي زندگي جي به ڪل ڪري ٿو. جيڪي قومون خدا جي احڪام جي فرمانبرداري سان تابعداري ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سي نه فقط زنده رهن ٿيون، پر عالمي قوت جون مالڪ بنجي وڃن ٿيون.

مثال طور مسلمان جيستائين خدا جي حڪم موجب هليا ۽ هن جي منشاءَ مطابق زندگي گذاريندا رهيا، تيستائين انهيءَ قابل هئا جو ڪارلائل جي چوڻ موجب ”دنيا شعلن ۾ هئي.“ هو خدا جي عظمت لاءِ رهيا ۽ جتي به ويا اتي خدا ئي حڪم جاري ڪري ڇڏيائون. پر انهيءَ کان ستت ئي پوءِ دنيوي ڪشمڪش ۾ اچي هنن خدا کي وساري ڇڏيو ۽ انهيءَ ڪري ڪهاڻيءَ ۾ راڻيءَ وانگيان ڌڪاريا ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جي جيڪا به عظمت هنن حاصل ڪئي هئي، سان هاڻي صرف تاريخي يادگار آهي. مسلمان اچرج ۾ آهن ته هنن کي ڇو ٿڏيو ويو آهي. پر هو انهيءَ تي غور نٿا ڪن ته هو موجوده منزل تي ڇو پهتا آهن. شاهه لطيف جو ڪلام هن موضوع تي ايترو آهي جو ڪهڙو حوالو ڏيئي ڪهڙو ڏجي؟ پر آئون ڀانيان ٿو ته هن مضمون کي انهيءَ خيال سان پورو ڪريان، جنهن فڪر سان شاهه، سر ليلا چنيسر کي ختم ڪيو، ۽ اهو ”فڪر“ آهي.

راڻيءَ کي پنهنجي گهر مان نيڪالي ملي چڪي آهي، هاڻي هوءَ ان جو ڪهڙو علاج ڪري، هاڻي هيءَ راڻي پنهنجو اصلي مقام ڪيئن حاصل ڪري ۽ چنيسر جي دائري ۾ داخل ٿئي. ٻين لفظن ۾ انسان يا ڪا قوم پنهنجي  اصلي حيثيت يا درجي تي ڪيئن پهچي ۽ لطيف جي چوڻ موجب هن جو جواب هي آهي ته الله تعاليٰ ڏي واپس موٽجي، توبهه ڪجي، اهو اعتراف ڪجي ته ڪٿي غلطي ٿي آهي ۽ هن کان مسلسل پنهنجي غلطي لاءِ بخشش گهرندو رهجي.

ڀٽائي گهوٽ پنهنجو ڪلام هميشه اميد سان پورو ڪيو آهي. هو قرآن شريف جي لفظن کي دهرائي ٿو خدا جي رحمت مان نا اميد نه ٿي ڇاڪاڻ ته خدا بخشڻهار آهي. شاهه خبردار ڪري ٿو ته اسان کي ساڳئي وقت غلط خيال پيدا ڪرڻ نه گهرجي ۽ ان جي لاءِ ڪو جواز پيدا ڪري وٺون نه ته اسين ڀٽڪي وينداسين. ٻئي طرف اسان کي پنهنجي غلطي جو عملي طرح اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان خدا جي حڪمن کان منهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ هميشه کانئس بخشش جي دعا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو وري به اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته خداوند ڪريم انسان سان محبت ڪري ٿو، جنهن کي هن پنهنجي نور مان پيدا ڪيو آهي. جڏهن به انسان خلوص دليءَ سان پنهنجي خالق ڏانهن موٽيو آهي، تڏهن سندس لاءِ رحم جا دروازا کليل هوندا آهن، شاهه صاحب، ليلا کي صلاح ڏئي ٿو:

ليلان ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو،
جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج،
آسر  مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.

منهنجي تمنا آهي ته سنڌي مسلمان هن صلاح تي هلن ۽ پنهنجي زندگي  جو مقصد انهيءَ پيغام تي عمل ڪرڻ بنائين، نه سياسي الجهنن ۾ نه ۽ نه وري دنيوي ڏيتي ليتيءَ ۾، جن جي ڪري ڪي ماڻهو معاشري جي بلنديءَ تي پهچي ويا آهن، تن کان ڪڏهن به حق جي پذيرائي نه ٿيندي. فقط خدا جي برگزيده هستي جي ڪري ئي سندس حڪم باقي رهي سگهي ٿو. هتي خدا جي هڪ اهڙي ئي نماڻي بندي جي شاعري، ڏاهپ جو خزانو ۽ لطيف حسن جو انبار آهي، جنهن جي لاءِ منهنجو عرض آهي ته ان ۾ ڏاهپ جا اهي گفتا آهن، جنهن جو دنيا جي ادب ۾ ڪو نظير ناهي.

آئون هن عظيم شاعر کي پنهنجي دل جي گهراين مان نذر عقيدت به حافظ جي لفظن ۾ هن طرح ڏيان ٿو ته:

ساقيه شرمنده ام زي هفت بي پايان تو
ده مرا پر مده من باز خالي مي درهم.

---------------------------------------------

  هي تقرير اطلاعات کاتي حيدرآباد طرفان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 218 ورسي جي موقعي تي شايع ڪرايل مخزن نقش لطيف“ ۾ شايع ٿي هئي.
---------------------------------------------



Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت