شاهـ لطيف جي سر ڪاموڏ تي تحقيق - نواز رڪڻائي

شاهـ لطيف جي سر ڪاموڏ تي تحقيق
نواز رڪڻائي

لطيف سائين سنڌ جي سڃاڻپ آهي. سنڌي ٻولي جي بقا جو اهڃاڻ آهي. لطيف سائينءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ اهو مقام آهي جنهن جي عظمت کي اڄ تائين ڪوبه سنڌي شاعر شاعريءَ ۾ ڇهي نه سگهيو آهي. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ــ جاگرافي ــ اقتصاديات ــ ثقافت، ۽ تهذيب جا عڪس ملن ٿا، لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪي پراڻا تاريخي داستان به آهن. جيڪي سنڌ جي مشهور داستانن مان آهن. جهڙوڪ:
سسئي ــ مومل ــ سهڻي ــ نوري ــ مارئي ليلان سورٺ، اهي لطيف جون سورميون سڏبيون آهن. ره سورميءَ جو ڪردار الڳ الڳ آهي. لطيف پنهنجي فڪري سگهه سان انهن کي امر بنائي ڇڏيو آهي. سر ڪاموڏ ۾ شاهـ جي سورميءَ نوريءَ ۽ شاهـ جي سرموڙ ڄام تماچيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. هي داستان به سنڌ ڌرتيءَ جو تاريخي داستان آهي. مشهور داستان آهي، نوري مهاڻي ڪينجهر ڄائي جنهن لاءِ ڪن روايتن ۾ جيڪي ڪن ڪتابن ۾ يا مقالن ۾ لکيل آهن ته هيلا يا ٽڪري جي ڀر ۾ ڪينجهر نالي درياهه جي ڇڏيل هڪ ڍنڍ آهي. جنهن جو اصلي نالو (تاريخي نالو) ڪينجهر ڍنڍ آهي. نون ماڻهن هن تاريخي ثقافي ڍنڍ جو نالو بدلائي ڪلري ڍنڍ رکيو آهي. هيءَ ڍنڍ قدامت جي لحاظ کان تمام پراڻي ڍنڍ اهي جيڪا سنڌو تهذيب ۾ تاريخي ۽ ثقافتي حصو والاري ٿي..
نوري ڪير هئي؟ لطيف سائينءَ سر ڪاموڏ ۾ نوريءَ کي مهاڻي مئي ــ ماڱر ــ گندري (جيڪي ملاحن (مهاڻن) جا پاڙا آهن) سڏيو آهي. ڪن محققن نوريءَ کي جسودڻ راءِ جي ڌيءُ سڏيو آهي جسود هڪ سنڌ جي راجپوت قوم هئي جنهن قوم جي حڪمراني ڪڇ ۾ هئي ۽ سندن حڪومت ڍور ڍاڳيءَ ٻلهار تائين هئي. پراڻ جا پٽ به جسودن جي هٿ هئا. جسودن جو ذڪر لطيف سائين سر ڏهر ۾ڪيو آهي. ڀٽائيءَ جسودن جي ڪردار ۽ انهن جي دؤر کي ڀلو ڄاڻي سندن ذڪر محبتيءَ سَڌَ سان ڪيو آهي. ور جي ڪناري تي هڪ ڪنڊي جو وڻ بيٺل هو. ان کان لطيف سائين هيئن پڇي ٿو.
ڪنڊا تون ڪيڏو جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسودن جيڏو تو ڪو ڏٺو پيڙو.
جڏهن ڍاڳي ڍور پئي وهن ٻلهار ۾،
تڏهن تازيبن طور هئو جسودڻ سين.
ان طرح جسودن جو ذڪر سر ڏهر ۾ آندو آ. ڪن محققن جي راءِ هيءَ آهي ته نوري جسودڻ راجا جي ڌيءُ هئي. سندس ماءُ جو نالو مرويت راڻي هو. ڪن ماڻهن سيني به سيني هيءَ روايت سانڍي، چند سال اڳ ڪن محققن کي لکائي آهي ته جسودڻ راءِ کي جڏهن سمن ۽ جاڙيجن تاجاڻن جي مدد سان ڪڇ مان ڪڍيو ته پوءِ هو ڍور ۽ ڍاڳيءَ جي وچ ۾ مٿاهين بُٺُ تي مياڻيءَ جو شهر هو، اتي جي مهاڻن وٽ اچي رهيو. اتان ترت هن کي ڪنهن طرف امانَ ۾ رهڻ لاءِ نڪري وڃڻو هو. مروبت راڻيءَ کي سنوان مهينا هئا. ان مياني شهر ۾ هٿ پير لڌا، نياڻي ڄايس پر سندس حالت مرڻ جوڳي ٿي وئي، جسودڻ راءِ کي ليلائي چيائين ته مان هاڻي اصل لاءِ توکان ڌار ٿي ٿيان منهنجا پساهه پورا ٿيڻ تي آهن. يه آخري منهنجي ونتي اٿئي منهنجي نياڻيءَ کي مارجانءِ نه. ڪنهن وٽ امانت ڇڏي وڃجانءِ اها وصيت ڪرڻ کان پوءِ راڻيءَ دم ڏنو جسودڻ راءِ پنهنجي نئين ڄاول نياڻي هڪ ڍور جي مهاڻي کي ڏني ته جي آءُ موٽي آيس ته امانت پنهنجي پاڻ اچي سنڀاليندس، جي مري ويس ته وارث اوهان آهيو. هن نياڻيءَ جي لاءِ کاڌ خوراڪ ۾ به ڪجهه سونيون مهرون مهاڻن کي ڏنيون. اهي مهاڻا ڍور جڏهن سڪو، تڏهن روزگار جي خيال کان ڪينجهر طرف لڏي آيا هن روايت جي پختي ڪرڻ لاءِ هن ڪهاڻيءَ جا هڪ ٻه بيت به لطيف ڏي مسنوب ڪيا اٿن. پر اهي بيت لطيف سائينءَ جا هرگز نٿا ٿي سگهن.
شاهـ سائين مومل جي ماءُ سسئي جي ماءُ يا بين سورمين جي ماءُ پيءُ جا نالا ڪونه ڏنا آهن. ته نوريءَ جي ماءُ پيءُ جو نالو لطيف ڪونه ڏنو هوندو لطيف جي سٽن ۾ اهي سٽون هٿرادو ڏئي روايت کي سچي بنائڻ جو ثبوت پيش ڪيو ويو آهي. ڀلي مٿين روايت سچي به هجي پر لطيف سائين ڏانهن اهڙا بيت منسوب ڪري لطيف جي شاعريءَ ۽ لطيف سائين جي فڪري اڏام کي هٿ وٺي ڇيهي رسائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.
نوريءَ جي پيءُ لاءِ مختلف روايتون ۽ ماءُ جي نالي لاءِ به جدا جدا روايتون آهن، ڪن روايتن ۾ نوريءَ جي پيءُ جو نالو ڪينجهر چيو وڃي ٿو ۽ ماءُ جو پوپري، ڪي چون ٿا ته نوري هيلايو گندري جي پوٽي هئي. سڀني ڇپيل رسالن يا قلمي رسالن ۾ نوريءَ مهاڻي لکيل آهي. ان جي ذات گندري آهي. ڇو ته اهي اِشوُ پوءِ اٿاريا ويا آهن.
سر ڪاموڏ، سُر تي اهو نالو سنگيت جو نالو آهي. يا داستان جي ڪنهن واسطي واري لفظ تان پيو آهي. ڪمودُ پٻڻ کي چئبو آهي متان ــ لطيف ان سر جو نالو اتان آندو هجي.
ڪاموڏ سنڌيءَ ۾ ڪابه راڳڻي ڪانهي. البت سُر ڪاريهر سنڌي راڳڻي آهي جيڪا هندستاني ڪامود راڳڻيءَ سان نسبت رکي ٿي. لطيف ٻيون راڳڻيون جي هندستاني سنگيت جون نه آنديون آهن ته
سر سريراڳ سنگيت جي ڇهڻ (راڳن مان آهي) بنيادي راڳن مان آهي ۽ جنهن مان ٻيون راڳڻيون جڙن ٿيون. لطيف سائين سر سنگيت جو ڄاڻو هو. اٽل ۽ چئنچل نج هندستاني گويا لطيفي ٽولي ۾ رهندا هئا. جن کان سر سنگيت جي سڌ لطيف سائين کي پئي.
ڪاموڏ سر، ڪامود راڳڻيءَ تي رچيل آهي. رات جي ڳائڻ جي راڳڻي آهي. راڳ ديپڪ جي پنجن ڀاريائن يعني زالن مان هڪ جو نالو ڪامود آهي. اَروهي سُر سنپورن اٿس پر امروهيءَ کاڊو ڇهه سر لڳندس. آروهي: سا، ري، گا، ما، پا، ڌاني، سا. امروهي: سا، ني، پا، ما، گا، ري، سا ستن سُرَن ۾ مڌم سُر ڪومل اٿس باقي ٻيا ڇهه سُرَ تيور لڳندا. ڪامود راڳڻي مان هڪ مشهور رگاني جي استائي هيءَ آهي سنڌي ۾ آستائيءَ کي ٿلهه چوندا آهيون. گاني جي هيٺ استائي ڏجي ٿي.
استائي:
چاند سي پريت لگادي،
چاند سي پيت لگا،
پنڇي بانورا پنڇي بانورا.

ساڳي ڪاموڏ سر ۾ لطيف جي وائي ڳائبي ته راڳڻي ڪامود جو روپ پيش ٿيندو ــ بلڪل گاني جي روپ ۾ وائي چيل آهي.

لطيف جي ”وائي“
هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾
نوازش نوريءَ جي، آهه تماچيءَ تائين

انترو:
ويهي ساٽين وچ ۾، الخ منهنجو پنهنجو خيال آهي سر ڪاموڏ راڳڻيءَ جي نالي آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف سائين کان اڳ گندري سُر يا سرود ڪري ڳايو ويندو هو. جنهن کي لطيف سائين محسوس ڪيو ته گندري سرود، ڪامود هندستاني راڳڻيءَ ۾ آهي. ان ڪري لطيف نوري ڄام تماچي داتان کي سر ڪاموڏ نالو ڏنو ۽ ڪاموڏ ۾ ڳايو ويو.

سر ڪاموڏ ۾ شاهـ سائينءَ جي فڪري اڏام ۽ فلسفو

هن سر ۾ لطيف انساني ڪردار، مساوات جا عظيم تاثر ڇڏيا آهن. سنڌ جو بادشاهـ، غريب مهاڻن کي به پاڻ جهڙو انسان سمجهي ٿو، جن جي گوڏن ۾ گند آهي. لانگوٽي ٻڌل آهي، جن جا باقي جسم اگهاڙا آهن. ڄام ته انهن ڄبيرن جي وچ ۾ گڏوگڏ پيو هلي، ککيءَ جي لِيَ ۾ جيڪي ڀريا پيا آهن، جن جي ڇڄن، کارين، ڇپرن مان ڇڇيءَ جي ڇٽ کنيون وڃي ٿي. انهن مان ڄام کي ڪابه ڪرڀ، ڪابه نفرت ڪانه ٿي ٿئي. ننڍيون وڏيون لِيَ ۾ لِتلَيوُن گندريون سمي جي ماڙيءَ تي مٿي چڙهي اچن وڃن ٿيون. ڪوبه انهن کي رنڊ روڪ ڪرڻ وارو ڪونه آهي. جن جي پاند سان پادن اوچتو جي لڳي وڃي ٿو ڪنهن امير يا ٽرڙي ماڻهوءَ جو ته اُهو لڄي ٿئي ٿو، پر لطيف جي سموڙ ڄام تماچيءَ جو انهن غريب مهاڻن سان ڪيڏو عجيب رويو آهي.انهن سان اُڀو بيٺو آ، انهن غريبن جي وڏي عزت ٿو ڪري، ڄام وقت جو بادشاهـ هو نوريءَ کي محلات ۾ ويهاري مهاڻن يا مهاڻين کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏئي ها ته غريب نوريءَ جا مائٽ ڄام تماچيءَ کي ڇا ٿي ڪري سگهيا؟ هڪ ٺڙڪڙو وڏيرو به هارياڻيءَ سان شادي ڪري ان جي ماءُ پيءُ سان ان پنهنجي شوقيا شاديءَ واري ڪنوار کي ڏيڍيءَ تي ملڻ ڏئي ٿو. پر لطيف پنهنجي تماچيءَ جو ڪردار ڪيڏو بلند ڪري ڏيکاريو آهي. تماچيءَ جي عشق جو مقام به ساهه سائين تمام اُتاهون رکيو آهي، تماچيءَ جي بادشاهيءَ جي عظمت تخت تاج لاءِ چٽو چئي ٿو ته “ڪبر ڪبرياءُ” تخت تماچي ڄام جو، سڄو بيت هت پيش ڪرڻ لازم سمجهان ٿو.
نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍي وڏي گندري سڀن آهه سياءَ،
”لَم يَلد ولَم يُولد“ ايءُ نجابت نياءُ،
ڪبرُ ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو.
تماچي ڄام نه ڪنهن مهاڻيءَ جو ڄائو آهه نڪو سندس ڪو ڪينجهر ۾ اولاد آهي، نوريءَ مان تماچيءَ ڄام کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو هو. هر ننڍيءَ وڏي، پڪيءَ پوڙهيءَ جو هڏ رت ناهي پر سياءُ آهي. تماچيءَ جو تخت وڏائي ۽ عظمت وارو آهي. عجيب سوچ آهي ڪن محققن جي، جو تماچيءَ کي الله سائين سان ڀيٽن ٿا. تماچيءَ کي الله چون ٿا. تون سمون آءُ گندي آهيان ان نموني چند بيت لطيف سائين پهرئين داستان ۾ ڏنا آهن. شهواڻي (غلام محمد شهواڻي) جي رسالي ۾ پهريون بيت آهي.
تون سمو مان گندري مون ۾ عيبن جوءِ،
پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽين.
اهڙا پنج بيت تون سمون مان گندري سان شروع ٿين ٿا ٻه بيت تون تماچي تڙ ڏڻي سان شرعو ٿين ٿا، ٻئي بيت هيٺ ڏجن ٿا.
بيت (1)
تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون مهاڻي مي،
مون   کي ڏهاڳ  مَ  ڏي آءُ جا نالي سيس تهجي.
بيت (2)
تون تماچي تڙ ڌڻي، مان گندري غريب،
توسين ڄام قريب، ڪي ڏنَ ڇڏائي ڏيج مون.
(1)    بيت جي معنيٰ سمجهاڻي:
تڙ ڌڻي:
تَڙَ جو مالڪ ڪينجهر جي هر هڪ تَڙَ جو وارث. تَڙَ ڍنڍ ۾ ان جاءِ کي چئبو آهي. جتي ڊونڊيون، هُڙِهِيا، بتيلا پهريءَ جي مڇي کڻي تڙن تي ٻيڙيون بيهاري مڇي ساٽين، ڪونجڙين کي ڏيندا آهن. ساٽي مڇيءَ جا سوداگر جي گهوڙن تي مڇي کڻي آس پاس وڃي کپائيندا آهن. وڏا سوداگر مڇي جا واپاري ساٽي تڙن تان اٺن تي ڳوڻين ۾ مڇي شهرن ڏانهن کڻائي ويندا آهن. ڪونجهڙيا ننڍا سوداگر ساٽي جي کارين ۾ مڇي وجهي يا گڏهن تي، خرجينن ۾ وجهي، ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن يا شهرن ۾ ويندا آهن. يا ڪنَ واٽن يا عام لنگهه واري رستي تي ساٽي يا ساٽياڻيون کاريون رکي وهنديون آهن.
هيءَ مهاڻن کي مي به چوندا آهن جو لفظ ميد جي بدليا صورت آهي ميد به مهاڻن جو مشهور پاڙو هو جيڪي دريا هي جنگي جوڌا هئا. مصري ملاحن فنيقن سان ميد لڙيا فنيقي مصري ملاح سڪندر يوناني پاڻ سان وٺي آيو هو. ميدن سڪندر جي لشڪر تي شب خون لاءِ راتاها هنيا، ميدن جي حملي کان پوءِ سڪندر تنگ ٿي سنڌ کي ڇڏي هليو ويو ۽ وڃي ”بابل“ شهر ۾ مئو.
(2)    بيت جي معنيٰ سمجهاڻي:
نوري ڄام تماچيءَ کي چوي ٿي ته تون ڪينجهر جي تڙن جو مالڪ آهين. مان ته ميدن جي ڄائي ميءِ مهاڻي آهيان مون کي ڏهاڳ نه ڏجانءِ، يعني مون کي ڇڏجانءَ ته ڇونه مان هاڻي تنهنجي سڏجان ٿي، تنهنجي زال سڏجان ٿي. اڪثر رسالن ۾ ساڳي معنيٰ ملي ٿي.
گندري:
گندر قوم، ذات جي مهاڻي، قريب: ويجهي رشتي ۾ زال، ڏَنَ: مقرر ڪيل محصولَ.
سمجهاڻي:
نوري ڄام کي نوڙت سان چوي ٿي ته تون اسان جي ڪينجهر ۽ انهن جي تڙن جو مالڪ آهين مان غريب گندري مهاڻي آهيان، سچ آهي ته زال جي رشتي ۾ توسان ويجهي آهيان. نوري راڻي ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجن ملاحن کي وساري نه ٿي سگهي ڄام کي اهو عرض ڪري ٿي ته منهنجي غريب مهاڻن کي ڏن محصول معاف ڪر. ڪاموڏ سر ۾ مختلف رسالن ۾ بيت ۽ وايون مختلف آهن.
ٻين قلمي نخسن يا ڇپيل رسالن ۾ هڪ ٻن بيتن جي واڌ يا گهٽتائي اهي مگر ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪلياڻ آڏواڻي ۽ شهواڻي لکيو آهي ته سر ڪاموڏ ۾ مٽيل يا ڌاريون هڪ بيت به ناهي هيءُ ئي سر آهي. جنهن ۾ ڪوبه ڌاريو بيت نه ٿو ملي. پر مرزا قليچ بيگ جي رسالي ۾ ڇاهٺ بيت آهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب 53 بيت ڏنا آهن. علامه آءِ، آءِ قاضي صاحب جي رساله ۾ 41 بيت آهن. ان ڪري مٿين دعوا کي ڪيتري قدر سچ سمجهون؟ اها ڳالهه غور طلب آهي.
سر ڪاموڏ جا اهي بيت جن تي بحث هلي ٿو ته ڪن لفظن جون معنائون غلط آهن اهڙابيت پيش ڪجن ٿا.


Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت