ابن اسحاق الڪندي

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي







ابن اسحاق الڪندي

ابو يوسف يعقوب بن اسحاق الڪندي نائين صدي عيسوي جي شروعات وقت شھر بصري ۾ پيدا ٿيو ۽ 873 عيسوي ۾ وفات ڪئي. کيس عربي سان گڏ يوناني، عبراني، فارسي ۽ ھندستاني زبانن تي عبور حاصل ھو. ھن رياضي نجوم، فلڪيات، طبعيات، نوريات، موسيقي طب، ڪيميا، فلسفه ۽ منطق جي علمن بابت ڪافي خدمت ڪئي.

تاريخي رڪارڊ مطابق سندس تصنيفون 265 آھن. جن منجھان فلسفي تي 22 سياسيات تي 12 فلڪيات تي 19 علم نجوم تي 16، موسيقي تي 7، رياضي تي 11، اعداد شمار تي 22، طب تي 22، طبعيات تي 33، منطق تي 9 ڪتاب ۽ باقي ڪتاب ٻين علمن بابت آھن. ان کان سواءِ ھن ڪافي مقالا به لکيا. جن منجھان ھڪ ۾ آسمان جي نيري ھجڻ جي سببن تي بحث ڪيو ويو آھي. ھن جي چواڻيءَ، ھي رنگ آسمان لاءِ مخصوص ناھي، بلڪھ ھي آسمان جي ڪاراڻ ۽ سج جي روشني ۾ فضا اندر چمڪندڙ بخارن ۽ واريءَ جي ذرن جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. مدوجزر (چنڊ جي ڪشش تي سمنڊ جي پاڻيءَ جي لاٿ ۽ چاڙُھھ (جَوارپاٽا) جي موضوع تي به ان جي لکيل ڪتاب جو لاطيني ٻولي ۾ ترجمو ٿيو آھي. جنھن ۾ ھن تجربن کان پوءِ پنھنجن نظرين کي شامل ڪيو. ان کان سواءِ ھٿيارن ۾ استعمال ٿيندڙ لوھھ ۽ فولاد تي به ڪي مختصر ڪتاب لکيا. الڪندي روح ۽ ذھانت جي فلسفي بابت به جامع بحث ڪيو. ان موضوع تي سندس ڪتاب (Intellectual) جي نالي سان لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿيو. مغرب کي پھريون ڀيرو ذھانت جي فلسفي جي ڄاڻ ملي.

الڪندي انھن قانونن جي به تصديق ڪئي جيڪي جسمن جي زمين تي ڪرڻ جو سبب بڻيا. لاطيني زبان ۾ سندس ترجما پڙھڻ کان پوءِ (ڪارڊن) الڪندي کي انھن ٻارھن ذھين شخصن ۾ ڳڻيو آھي. جيڪي  دنيا جي تخليق کان سورھين صدي جي وچ تائين دنيا ۾ پيدا ٿيا.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت