زڪريا الرازي


مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي







زڪريا الرازي

ايران جو دارالحڪومت (ري) شھر ھو. اڳتي ھلي ويران ٿي ويو. ان کان پوءِ انھن کنڊرن تي تھران شھر آباد ٿيو. شھر (ري) نالي واري ھستي ابوبڪر زڪريا رازي جو ڄم ھنڌ آھي، ھو 865ع ۾ ڄائو ۽ 925ع ۾ وفات ڪئي.

ابتدائي تعليم کان پوءِ فلسفي، رياضي، ڪيميا ۽ فلڪيات ۾ خاص تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ري شھر ۾ نئين قائم ٿيندڙ اسپتال جو ناظم مقرر ٿيو. علم ڪيميا ۾ ماھر ھجڻ ڪري ھن ھڪ ماھر طبيب جي حيثيت ۾ وڏي شھرت ماڻي. پري پري کان مريض ۽ شاگرد ان وٽ اچڻ لڳا. ڪجھ وقت کان پوءِ ھو مقتدري اسپتال جو مھتمم مقرر ٿيو. ڊگھي عرصي تائين اتي خدمتون ڪندو رھيو. گھڻي مطالعي جي ڪري ھن جي نظر ختم ٿي وئي. سٺ سالن جي عمر ۾ ھن وفات ڪئي.

مشھور ۽ مصروف طبيب ھوندي به ھن ٻن سون کان وڌيڪ ڪتاب تصنيف ڪيا جن منجھان اڌ ڪتاب رڳو طب بابت آھن ۽ باقي ڪتاب ٻين علمن بابت آھن (ميڪس ميرھاف) لکي ٿو ته ھن جو علمي ڪمال ڪافي وسيع ھو.

رازي جي عظيم الشان تصنيف (الخوي) آھي. ھي طب جو جامع انسائيڪلو پيڊيا آھي ۽ ويھن جلدن تي شامل آھي. رازي پنھنجي علم ۽ تجربي مطابق ھر طبي مسئلي بابت ھن ڪتاب ۾ بحث ڪيو آھي. ھر بيماري جي سلسلي ۾ ھن يوناني شامي، عربي، ايراني ۽ ھندستاني تقطه نظر واضح ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ پنھنجي راءِ ڏني آھي. رازي ھن ڪتاب جي تصنيف تي پندرھن سال ڪم ڪيو پر مڪمل نه ڪري سگھيو. ان کان پوءِ سندس ھڪ شاگرد ھي تصنيف مڪمل ڪئي 1279ع ۾ سسلي جي بادشاھھ ھن ڪتاب جو لاطيني ۾ ترجمو ڪرايو ان کان پوءِ يورپ ۾ ھي ڪتاب ڪيترا ڀيرا ڇپيو. اتي لائبريرين ۾ اڄ به موجود آھي.

(الجدري والحصبه) ماتا ۽ ارڙي بابت سندس ڪتاب ھن موضوع تي پھرين تصنيف آھي جنھن کي اڄ تائين انتھائي مستند خيال ڪيو وڃي ٿو.

ھن جي ھڪ ٻي تصنيف ڪتاب المنصوري کي به ڪافي مقبوليت حاصل ٿي. ھي ڪتاب ڏھن جلدن تي پکڙيل آھن. ھن ڪتاب ۾ يوناني طب بابت بحث ڪيو ويو آھي ان جو به ترجمو لاطيني کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ به ٿيو ۽ گھڻا ڀيرا ڇپيو اھڙي ريت رازي زنانين بيمارين ۽ دائپي تي به تصنيفون ڪيون. ٻارن جي بيمارين بابت ان جي ڪتاب جي ڪري کيس (ٻارن جي مرضن جو بابا سڏيو ويو. ھن جو ھڪ مقالو (گھڙي کن ۾ صحتياب ٿي وڃو) جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙھيو ويو. ان جو ھڪ اھم مقالو عادت جيڪا فطرت بڻجي وڃي ٿي جي موضوع تي لکيل آھي. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته شيرنگٽن جي مقالي Conditioned reflex theory جو به پيش رو رازي آھي ڪيميا کي آسان ۽ عام فھم مطابق رازي لکيو. جن ڪيميا بابت ڏکيا انداز لکيا. رازي انھن کي بخيل ۽ بد ديانت چيو. دواسازي بابت (ڪتاب الاسرار) لکيو. جنھن منجھھ ڪيميائي مادن جي تياري ۽ استعمال تي بحث ڪيو آھي. ڪيميائي مادن جي تقسيم ۾ رازي اڳين ڪيميا جي ماھرن کان گوءِ کڻي ويو. جابر بن حيان يا ٻين ڪيميائي ڄاڻن، مادي کي جسمن جھڙوڪ سون، چاندي يا گندرف وغيرھ ۾ تقسيم ڪيو آھي. جڏھن ته رازي مادي کي نباتات حيوانات ۽ معدنيات ۾ ورھايو آھي. رازي جي ھن تقسيم جي ڪري نامياتي (وڌندڙءُ Organic) ۽ غير نامياتي (اڻ وڌندڙءُ Inorganic)   ڪيمسٽري (ڪيميا) جي ترقي جو رستو کلي ويو.


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت