گامون سچار انگريز يار
جنيد سان هڪڙو انگريز ٽڪرائجي ويو. هي قدآوار مڙس،
گورو، ڀورو، ڪيلن شيو، چهري تي ربن جو ڪارو چشمو لڳل. ڄڻ ته هالي وڊ جي فلمن جو ڪو
هيرو لڳي رهيو ھو. جنيد جڏهن هن سان ڪچهري ڪئي ته هو حيران ٿي ويو.
”توهان ڪٿان جا آهيون“.
جنيد
”مان آسٽريليا جو آهيان پر 25 سالن کان برطانيه ۾ رهان پيو“.
انگريز چيو.
”توهان ڇا ڪندا آهيون“. جنيد
”مان سيڪيورٽي گارڊ جي حيثيت سان نوڪري ڪندو آهي“. هن جواب ڏنو.
”تنهنجي تعليم“؟ جنيد
”مان ايم اي انگريزي ادب ۾ آهيان“. انگريز
جيتوڻيڪ همراهه قد ڪاٺ مان لڳي نه پيو ته هو اهڙي
خصيص نوڪري ڪندو هوندو“.
”مون کي لڳي ٿو ته تون ايڏي گهٽ سيليري واري نوڪري نه ٿو ڪرين، تو
کي سٺي کان سٺي نوڪري ملي سگهي پئي.. جنيد
”بلڪل توهان سهي آهيو، پر يار مان اصل ۾ سست ماڻهو آهيان. مون کان ڪم
نه ٿو پڄي. مان ان خيال جو آهيان ته مان اهڙي نوڪري ڪيان، جنهن ۾ مون کي ڪم نه ڪرڻو
پوي پر پگهار پئي ملي“. انگريز
”ڪمال جو ماڻهو آهين يار“. جنيد
”اصل ۾ ڳالهه هي آهي ته مان ان ڪري سيڪيورٽي جي نوڪري ڪندو آهيان
جو ان ۾ مون کي ڪو به ڪم ناهي ڪرڻو پوندو. بس مون کي ويهي وقت ڪاٽڻو پوندو آهي“.
انگريز
”ته پوءِ تو کي ان ڳالهه تي فخر آهي“. جنيد
”مون کي فخر ان ڳالهه تي آهي ته مان واندو نه ويهندو آهيان، بلڪ
مان وڏي شوق سان ويهي ڪتاب پڙهي پنهنجو وقت پورو ڪندو آهيان. منهنجو وقت به گذري
ويندو آهي ۽ مان ڪتاب به پڙهي وٺندو آهيان. هفتي ۾ هڪ ٻه ناول پڙهي چٽ ڪري ويندو
آهيان. ڪتاب پڙهڻ منهنجو شوق آهي.“. انگريز
”پوءِ تنهنجي پراپرٽي ڪيتري آهي“. جنيد
”مون کي گهڻي دولت يا پراپرٽي ٺاهڻ يا ڪٺي ڪرڻ جو ڪو به شوق نه
آهي. مون کي ڪا به لالچ نه آهي“. انگريز
”تو کي گهڻو اولاد آهي“. جنيد
”منهنجو هڪڙو پٽ آهي. جيڪو آسٽريليا ۾ نوڪري ڪندو آهي. هو جيڪو ڪمائي
پاڻ کائي. نه مون کي ڏيئي نه مان هن کي ڏيان. هرڪو پنهنجي منهن خوش“. انگريز
”تنهنجي پگهار“ جنيد
”مون کي مهيني ۾ 15 کان ويهه هزار ڊالر ملي ويندا آهن. جيڪي اسان ٻنهي
زال مڙسن لاءِ ڪافي آهن“. انگريز
”توهان چاهيو ته ٻي ڪا سٺي نوڪري به ڪري سگهو پيا ۽ ان جي بدلي ۾
توهان کي سٺا پئسا ملي سگهن پيا“. جنيد
”جي بلڪل پر جيئن ته منهنجو پسنديده ڪم ڪتاب پڙهڻ آهي. ان ڪري جيڪڏهن
مان ڪا ٻي نوڪري ڪيان هيا ته مون کي ڪم ڪرڻو پوي ها ۽ مان ڪتاب نه پڙهي سگهان ها“.
انگريز
”توهان ڪهڙا ڪتاب پڙهندا آهيو“. جنيد
”ڪتابن ۾ منهنجو پسنديده موضوع ناول آهي. مان ناول وڏي شوق سان پڙهندو
آهيان“. انگريز
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته يار هي ته ڪمال جو ماڻهو
آهي. هن قسم جا ماڻهو به دنيا ۾ آهن. جن لاءِ پراپرٽي ٺاهڻ، بينڪ بيلينس گڏ ڪرڻ
اهم نه آهي. نه ئي ڪو انهن ڪمن ڏانهن هن جو ڌيان ويندو آهي. اهي سڀ شيون هن لاءِ ڪجهه
به نه آهن. بس ڪتابن پڙهڻ جو شوق ۽ ٻيو ڪجهه به نه. واهه.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment