Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت

  

سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت

 

مالديپ جي تاريخ پنجين صدي قبل از مسيح کان شروع ٿئي ٿي. هتي سڀ کان پهريائين آريان قبيلي جا ماڻهو آباد هيا. ٽين صدي عيسوي ۾ هتي ٻڌ حڪمران اشوڪاAshoka پنهنجي رياست (هن جي سلطنت 269 کان 232 تائين) کي وڌائيندي، مالديپ کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪري ڇڏيو هيو. ان ڪري ئي هتي ٻڌمت جو پرچار ٿيڻ شروع ٿي ويو هو. پر اشوڪا جي دور جا ماڻهو سج، چنڊ ۽ تارن جي پوڄا ڪندا هيا. ان ڪري تحقيقدان اهو چون ٿا ته مالديپ جو اوائلي مذهب فطري شين جي پوڄا ڪرڻ هوندو هيو.

 ٻارنهين صدي جي وچ تائين هتي ٻڌ مت حڪمران حڪومت ڪندا رهيا. هن صدي جي وچ ڌاري اتر انڊيا جي شهر Kalibanga جيڪو هن مهل راجستان ۾ آهي ۽ سنڌ جي سرحدن جي ويجهو آهي، جتي هن مهل شهر جا خالي آثار/کنڊرات ئي وڃي بچيا آهن. مالديپ جي ماڻهن ۾ ”ڙ“ جو لفظ چٽو آهي، جيئن ”هڙومالي“ ۽ ممڪن آهي ته ٻيا به ڪي لفظ هجن. انهن ۾ مثال اسان چئون ”ها“، ته ڊيوهي ۾ آهي ”Aan“ يا وري جيئن اسان چئون ٿا، ”توهان ڪيئن آهيو“ ته هي چوندا Haalu, kinhineh سو اهڙي ريت ”مهرباني“ ته هي چوندا shukuriyaa سو ائين ئي اڃان به ان جي تحقيق ڪرڻ ضرورت آهي. ان ڪري مون کي لڳي ٿو ته هنن جي ٻوليءَ تي ته رسرچ ٿيڻ گهرجي، ته جيئن خبر پوي ته ان جو اسان جي ٻولي سان ڪيترو ميلاپ ٿئي ٿو. عرب کان ايندڙ مسلمان عرب واپاري ابو برڪت يوسف البرباري Abu al-Barakat Yousif al-Barbari جي علم، عقل ۽ فهم کان هتان جي ٻڌمت حڪمران نالي ٻيون ڪالا منجا متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو هو ۽ سلطان محمد عادل جي نالي سان مشهور ٿيو. جنهن پنهنجي رياست جو سرڪاري مذهب اسلام قرار ڏنو. ان جو تفصيل اڳتي هلي پيش ڪبو.

 





 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more