ھي رنگن واري دنيا ڇا خود بخود ٺھي وئي آھي؟
ھي رنگن واري دنيا
ڇا خود بخود ٺھي وئي آھي؟
ايم اي ھاليپوٽه، ھارون يحيٰ
mmr_hpt@yahoo.com
ھي
زمين جنھن تي اسان رھون ٿا ۽ ھي وسيع ڪائنات جنھن ۾ ھي زمين شامل آھي. انھن ٻنھي ۾
تمام گھڻي ھڪجھڙائي آھي. ايتري تائين جو اسان صرف دري مان جھاتي پائينداسين ته ان
ھڪجھڙائي جا ڪيترائي مثال ڏسي سگھون ٿا. ڪڪرن، آسمان، وڻن، گلن، جانورن ۽ ان جھڙي
ملندڙ جلندڙ مثالن ۾ مڪمل ترتيب ۽ تناسب پڌرو ٿئي ٿو. جڏھن اسان فطرت ڏانھن
نھاريون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته ھر جاندار ۽ ھر ٻوٽي جو پنھنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ
آھي. جيڪو ان جي قسم سان خاص طرح سان جڙيل آھي. وڌيڪ اھو ته ھر رنگ ۽ ھر شڪل
جاندار شين لاءِ جدا جدا معنيٰ رکي ٿي، دوست لاءِ دعوت، ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ، خطري
کان آگاھي ۽ اھڙا گھڻائي اشارا انھن جاندارن جي مھانڊن کي سمجھڻ سان حاصل ٿيندا آھن.
نظريئه
ارتقا جنھن جي دعويٰ آھي ته ھر شيءِ پاڻمرادو وجود ۾ اچي وئي آھي اھو فطرت ۾ موجود
ڪاريگري، چٽسالي ۽ تناسب جي ڪري ھڪ بند گھٽيءَ ۾ پھچي ويو آھي.
چارلس
ڊارون جيڪو ھن نظريي جو باني آھي، جنھن ھن
کي موجوده حالت تائين پھچايو آھي، جاندار شين جي بناوٽ جي ڪري ان کي به ھي حقيقت مڃڻي
پئي.
چارلس
ڊارون چيو ھو ته:
اھو
نه سمجھي سگھيو آھي ته جاندار مخلوق جا رنگ ھڪ خاص معنيٰ ڇو ٿا رکن؟
مون
لاءِ ھي به ڏکيو آھي ته ڪڏھن ڪڏھن ماڪوڙا عجيب ۽ اعليٰ رنگن جا ڇو ٿيندا آھن. اھو ڏسي
ائين ٿو لڳي ته گھڻن جا رنگ انھن لاءِ خطري کان بچاءَ لاءِ ھوندا آھن. آئون انھن
تيز ۽ پڪن رنگن کي ٻين صورتن ۾ خالي طبعي حالتن ڏانھن لاڳو نٿو ڪري سگھان.
جيڪڏھن
ڪير ھي اعتراض ڪري ته نر پوپٽ ۽ ماڪوڙا اھڙي سھڻي صورت ۾ ڇو ھوندا آھن ته توھان جو
ڪھڙو جواب ھوندو؟
مون
وٽ ان جو ڪو جواب نه آھي. پر مون کي پنھنجي راءِ تي پختو رھڻ گھرجي. ھڪ ڀيرو وري
چارلس ڊارون پنھنجي ئي نظريي ۾ موجود تضاد کي بيان ڪندي چوي ٿو:
(آئون
خوبصورت رنگين نر مڇين ۽ مادي پوپٽن جو قدر ڪريان ٿو. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ھڪ
جنس جي خوبصورتي جي قيمت ٻي جنس کي نٿي ڏيڻي پوي. ان مسئلي ۾ مون کي نه ٿو لڳي ته فطري
چونڊ جي عمل سان اھو فرض نه ٿو ڪري سگھجي ته ھڪ جنس جي خوبصورتي ٻيءَ جي ڪري متاثر
ٿئي).
پڪ
سان فطرت ۾ لڀجندڙ رنگن، ترتيب ۽ مناسبت جي لاءِ اھو محال آھي ته اھي فطري چونڊ جي
ذريعي وجود ۾ اچي وڃن. ان موقعي تي اھو فائديمند رھندو ته فطري چونڊ جو ويجھڙائي
کان ھڪ جائزو ورتو وڃي، جيڪو ڊارون جي نظريي ارتقا مان ڦٽي نڪري ٿو، جيئن ته اسان
سڀني کي اھا خبر آھي ته فطرت چونڊ نظريئه ارتقا جو ھڪ تصوراتي نظام عمل آھي. ان جي
مطابق وقت سان گڏ ماحول ۾ سڀ کان وڌيڪ موزون جاندار باقي رھن ٿا، جڏھن ته ھيڻا ۽
پنھنجي ماحول لاءِ ناموزون رھندڙ جاندار ختم ٿيو وڃن. ارتقا پسندن جي مطابق ڪنھن
نسل جي فردن ۾ ھڪ مفيد تبديلي انھن جي جيوڙن ۾ ايندڙ اڍنگي تبديلي جي ڪري ايندي آھي.
اھا مخلوق باقي سڀني نسلن ۾ سڀ کان وڌيڪ موزون ھجڻ ڪري بقا جي لاءِ چونڊي ويندي آھي.
اھڙي طرح جيڪو ڪجھ صرف اڍنگي تبديلي جو نتيجو ھو. اھو سڀ گھڻي ڀاڱي ايندڙ نسلن
مان منتقل ٿي ويندو آھي.
جاندارن
جي رنگن ۽ مھانڊن جي پاڻ ۾ موجود نسبت جي ڪري يقيناً اھو ممڪن نه آھي جو ان نظام
عمل جي ذريعي پيدا ٿي وڃن اھا نھايت چٽي حقيقت آھي. توڻي جو ھو ان نظرئي جو باني آھي
پوءِ به ڊارون کي اھو مڃڻو پيو ته فطري چونڊ جو تصوراتي نظام عمل اھڙي ترتيب جو
سبب نه ٿو ٿي سگھي.
جي
ھاڪرز (J. Hawks) به نيو
يارڪ ٽائيم ميگزين ۾ پنھنجي مضمون (Nine Tantalizing Mysteries of
Nature) ۾ فطري چونڊ جي بي قائدگي تي شڪ جو اظھار
اھو چئي ڪري ٿو ته:
ان
کي اھو يقين ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ته پکين، مڇين، گلن وغيرھ جي دل موھيندڙ خوبصورتي
فطري چونڊ جي ذريعي وجود ۾ آئي آھي.
ان
کان سواءِ ھو اھو سوال به ڪري ٿو ته:
ڇا
انساني سمجھ اھڙي نظام عمل جي پيداوار ٿي سگھي ٿي؟
پنھنجي
مضمون جي آخر ۾ اھو انھيءَ نتيجي تي پھتو ته انساني دماغ جنھن تھذيب جھڙي نعمت
پيدا ڪئي ۽ جيڪو ھڪ تخليقي ذھن رکي ٿو جنھن ڪري سقراط، ليونارڊو، شيسڪپيئر، نيوٽن
۽ آئن اسٽائن جھڙا ماڻھو نه وسرندڙ حيثيت اختيار ڪري ويا آھن، اسان لاءِ جھنگ جي
ان قانون جو تحفو نه ٿو ٿي سگھي جنھن کي جيئڻ جا جتن (Struggle
for Survival)
چيو وڃي ٿو.
جيئن
ته اسان ترقي پسندن جي اقرارن مان اھو سمجھيو ته انھن کي خبر آھي ته انھن جو نظريو
تضاد جو شڪار آھي. ان تصور جو دفاع ڪرڻ نامناسب ڳالھ آھي ته ھڪ خليه فرض ڪريو
اوچتو بجلي ۽ مينھن جي ڪري زمين تي وجود ۾ اچي وڃي ٿو، وقت سان گڏ رنگين جاندار
مخلوق ۾ تبديل ٿي ويندو.
فرض
ڪريو ھڪ سائنسدان ڪنھن جسم جي ننڍڙي ذرڙي مثال طور بيڪٽيرم (Bacterium) کڻي ٿو. ان کي تجربي گاھ ۾ مناسب ماحول مھيا ڪري ٿو. سڀئي ضروري
اوزار ڪم آڻي ٿو. لکن سالن تائين ان ذرڙي جي پرورش تي محنت ڪري ٿو. آخرڪار نتيجو ڇا
نڪرندو؟ ڇا ھو ان بيڪٽيرم کي ڪنھن حيران ڪندڙن رنگن واري مور ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو،
يا ھڪ مڪمل نقشن واري کل واري شينھن ۾، يا پوءِ ھڪ نازڪ نفيس پنکڙين سميت گلاب ۾؟
پڪ
سان ڏاھا ماڻھو اھڙين شين جي باري ۾ تصورات نٿا رکن ۽ نه ئي دعويٰ ڪندا آھن جڏھن ته
نظريئه ارتقا جي دعويٰ جي بلڪل مطابق آھي.
نظريئه
ارتقا ۾ رنگن جو مونجھارو
اچو
ته ھن ڳالھ جي تصديق ھڪ مثال سان ڪريون ته جاندارن جي رنگن جي تخليق ۽ تبديلي جو
انديشو فطري چونڊ سان ناممڪن آھي. مثال طور ھڪ سانڊو آھي، جيڪو ماحول ۾ رنگن کي
قبول ڪندي. پنھنجي اوسي پاسي جي رنگن مطابق پنھنجو رنگ مٽائيندو رھي ٿو. ساون پنن
تي آرام ڪندي ھو پنھنجو رنگ ساواڻ تي مائل ڪري ڇڏي. پوءِ ٽاري تي ھلندي ھو پنھنجو
رنگ مٽائي ڀورو ٿيو پوي. اچو ته سوچيون اھو رنگن جو بدلجڻ ڪيئن ٿيندو آھي.
ھڪ
جاندار مخلوق پنھنجي جسم ۾ نھايت ڏکئي عمل جي نتيجي ۾ پنھنجو رنگ بدلائي ٿي. انسان
جي لاءِ اھو ممڪن ناھي ته ھو پنھنجو يا ڪنھن ٻي جاندار جو رنگ مٽائي. ڇو جو انساني
جسم ان عمل کان خالي آھي نه ئي انسان جي لاءِ اھو ممڪن آھي ته ھو پاڻمرادو انھي
قسم جو سرشتو اپنائي وٺي. ڇو جو اھو ڪو زيور ناھي جو ٺاھي ڪري پنھنجي جسم جو
سينگار ڪري وٺجي. ٿورن لفظن ۾ ھي ته ھڪ زندھ مخلوق کي پنھنجو رنگ تبديل ڪرڻ لاءِ
ان قسم جو نظام عمل ھئڻ ضروري آھي.
اچو
ته زمين تي پھرين سانڊي تي ويچار ڪريون ڇا ٿئي ھا جيڪڏھن سانڊو پنھنجو رنگ بدلائي نه
سگھي ھا. سڀ کان پھرين اھو ٿئي ھا جو ھو پاڻ کي لڪائي نه سگھي ھا، جنھن ڪري ھو
دشمن جو کاڄ ٿي وڃي ھا ۽ ٻي صورت ۾ سولائيءَ سان سڃاڻجي پوڻ ڪري ھن لاءِ شڪار ڪرڻ
نھايت ڏکيو ٿي پوي ھا. انھن سببن ڪري گھربل نظام عمل جي عدم موجودگي جي ڪري سانڊو نه
شڪار ڪري سگھي ھا نه ئي ڪنھن شڪاري کان بچي سگھي ھا ۽ آخر ھو ھن زمين تان ختم ٿي وڃي
ھا. انھي جي باوجود سانڊي جي ھن دنيا ۾ موجودگي، ھن ثبوت جي شاھدي آھي ته ھن سان
ان قسم جا واقعا نه ٿيا آھن، ان ڪري جو ھي زمين تي ظاھر ٿيندي ئي. ان نظام عمل جو
مالڪ ھوندو آھي.
ارتقا
پسندن جو چوڻ آھي ته سانڊي ان عمل کي وقت سان گڏ قبول ڪيو آھي، انھي سان اسان جي
ذھنن ۾ ڪجھ سوال اڀرن ٿا. سانڊي ڪنھن سولي نظام کي ڇڏي، رنگ بدلائڻ وارو ڏکيو نظام
ڇو قبوليو؟
ھن
رنگ مٽائڻ جي چونڊ ڇو ڪئي، جڏھن ته ڪيئي بچاءُ وارا نظام موجود ھئا؟
ڪھڙي
طرح سانڊي ۾ رنگ جي تبديلي جي لاءِ سڀئي ڪيميائي عمل مھيا ڪرڻ وارو نظام عمل ٺھيو؟
ڇا اھو ھڪ ريپٽائل (Reptile) ريڙھيون پائيندڙ جانور لاءِ ممڪن آھي ته ھو اھڙي ڪنھن نظام لاءِ
سوچي ۽ پوءِ پنھنجي جسم ۾ اھو سرشتو ٺاھي؟
وڌيڪ
ھي ته ڇا ھڪ ريپٽائل (Reptile) ريڙھيون
پائيندڙ جانور لاءِ اھو ممڪن آھي ته رنگ جي تبديلي لاءِ ضروري معلومات کي گھرڙن
يعني (Cells) ۾ موجود ڊي اين اي (Deoxyribonucleic
Acid "DNA") ۾ ھڪ ڪوڊ جي شڪل ڏيئي ڇڏي؟ پڪ سان
اھو ناممڪن آھي. اھڙن سوالن جي جواب ۾ نڪرندڙ نتيجو ھڪ ئي آھي اھو ھي ته جاندار
مخلوق لاءِ اھو ممڪن ناھي ته ھو اھڙو ڏکيو سرشتو تخليق ڪري، جنھن سان ھو پنھنجو
رنگ بدلائي سگھي.
جاندارن
۾ نه رڳو رنگن جي تبديلي جو نظام، ان کان سواءِ رنگن ۽ نقشن جا انواع سوچڻ تي
مجبور ڪن ٿا. طوطن جا پڪا رنگ ۽ مڇين جا قسمين قسمين رنگ، پوپٽن جي پرن جو ميلاپ،
ميون جا حيرت ۾ وجھندڙ نقش ۽ ٻين جاندارن جي رنگن ۽ نقشن لاءِ اھو ناممڪن آھي ته ھو
پاڻ ئي پنھنجي ترتيب ٺاھين، اھڙا مڪمل نقش، رنگ ۽ جسم جيڪي جاندارن جي جيون ۾ تمام
اھم مقصدن جو پوراءُ ڪن ٿا. تخليق جي شاندار شاھدي آھي. اھو چٽو آھي ته اسان جي ڀر
پاسي ۾ رنگن جي بيھڪ جو عاليشان نمونو موجود آھي.
ھن
جي سمجھاڻي ھڪ مثال سان ڪريون ٿا، فرض ڪريو اسان ھڪ مستطيل نما ڪا شيءِ ٺاھي رھيا آھيون.
ان کي ٺاھڻ ۾ به اسان کي ڪجھ حساب ڪتاب رکڻو پوندو، ته جيئن چار ئي ڪنڊون برابر
بيھن ۽ مستطيل جون چار ئي ڪنڊون گونيون ھئڻ گھرجن. اسان ان مستطيل کي گھربل حساب ڪتاب
کان سواءِ نه ٺاھي سگھنداسين.
جيئن
ته اسان ڏٺو ته ھڪ مستطيل کي ٺاھڻ لاءِ ته علم ۽ مھارت جي ضرورت آھي.
ھاڻي
انھي مثال کي جاندار مخلوق تي فِٽ ڪريون ۽ ان تي سوچيون، جاندارن ۾ ھڪ ڪامل نسبت،
تنظيم و ترتيب موجود آھي. ھڪ انسان جيڪو ھڪ سولو مستطيل ٺاھڻ لاءِ ان علم ۽ مھارت
کي ضروري سمجھي ٿو اھو ھي جلد ئي سمجھي ويندو ته ڪائنات جو منظم نظام، تناسب رنگ ۽
نقش به ھڪ لامحدود علم ۽ مھارت جي پيداوار آھن ان ڪري ھن دعويٰ جي لاءِ ڪو سائنسي
يا معقول بنياد موجود نه آھي، ته ڪائنات جھڙو نظام اتفاق سان وجود ۾ اچي ويو آھي
قادر مطلق سڄي ڪائنات کي ٺاھيو آھي. الله ھڪ آھي جنھن پنھنجي خلقيل ھر شي کي
خوبصورت ترين انداز ۾ بنائي ٿو.
ھي
فطري تناسب اتفاقيه ناھي:
ڪائنات
۾ موجود ھڪجھڙائي جو چٽو مثال شين جي پاڻ ۾ نسبت آھي. جاندار شيون پنھنجي بيھڪ ۾
باھمي نسبت رکن ٿيون. فطرت ۾ نظر ايندڙ ڪنھن به شيءِ جيئن ھڪ ٻج، ميوو يا پن جو
غور سان جائزو وٺڻ سان اسان کي ان ۾ ھڪ تناسب نظر اچي ٿو. پن ٻوٽي جي جسم سان ڪمائي
دار انداز ۾ جڙيل ھوندا آھن. ھي خاص قسم جو تناسب آھي. اھڙي طرح ھڪ مشاھدي جي قابل
تنظيم ٻج جي اندر موجود داڻن ۽ پنن جي رڳن جي نقشن ۾ نظر اچي ٿي.
فطرت
۾ موجود پوپٽ جا پر، تناسب جو ھڪ ٻيو مثال آھي. پوپٽ جي پرن تي ھڪ جھڙا رنگن جا
شيلڊ ۽ ڇت ٺھيل ھوندا آھن. ٻنھي پرن جي چٽسالي ۾ ذرو به فرق نه ھوندو آھي.
اسان
پنھنجي چو طرف ڪيترائي مثال ڏسي سگھون ٿا. جن مان ڪجھ مٿي بيان ٿي چڪا آھن. ڳالھ
جو مول مقصد ھي آھي ته انھن سڀني مثالن مان ھڪ جامع نتيجو نڪري ٿو. ھڪ بي مثال
تنظيم يا صحيح انداز ۾ چئي سگھجي ٿو ته ھڪ شاندار ڪاريگري، جاندار شين ۾ نظر اچي ٿي.
ان حقيقت جي سڀ کان وڏي شاھدي اھا آھي ته اھڙي نفيس نظام ۽ ڪاريگري ساڻ ھيءَ ڪائنات
پاڻمرداو وجود ۾ نٿي اچي سگھي. پروفيسر ڪيمل يلدردم (Cemal
Yıldırım) توڻي جو ھو پاڻ ھڪ ارتقا پسند آھي، ھن
پنھنجي ڪتاب (Theory of Evolution) ۾ ھن
حقيقت کي بيان ڪري ٿو (ھن ڳالھ کي مڃڻ تمام پري آھي ڇو ته ائين ٿي نٿو سگھي نه ساھوارين
شين جي ھن تنظيم کي جيڪو ھڪ خاص مقصد کي اڳيان رکي ڪم ڪري ٿي ان کي ڪنھن اتفاق يا
حادثي سان منسوب ڪيو وڃي).
ڪائنات
۾ ھر شيءِ کي ھڪ وڏي تنظيم ۾ ٻوڙي ڇڏيو آھي، الله کي ھر شيءِ تي قدرت حاصل آھي.
Comments
Post a Comment