متوازن کاڌو

متوازن کاڌو
اھڙي خوراڪ کي جنھن ۾ مناسب مقدار ۽ تناسب سان کاڌي جا سب جزا موجود ھجن متوازن کاڌو سڏجي ٿو. متوازن غذا جسم ۽ دماغ لاءِ انتهائي مفيد آھي اھڙي غذا جي واپرائڻ سان جسم جي نشو ونما ۽ مختلف ڪيميائي عمل بهتر نموني ٿي سگھن ٿا.

اھو ٻڌائڻ ناممڪن آھي ته ڪوبه ماڻھو پنھنجي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جي مختلف قسمن مان ڪيتري مقدار ۾ غذا استعمال ڪري اصل ۾ غذائي ضرورتون عمر، قد بت، جنس، پيشي ۽ صحت جي حوالي سان بدلجنديون رھن ٿيون تنھنڪري اھا حقيقت ان مسئلي کي پيچيدو ڪري ڇڏي ٿي.

ھڪ صحتمند انسان کي غذائيت جو 50 سيڪڙو حصو نشاستو، 40 سيڪڙو حصو سڻڀ ۽ 10 سيڪڙو حصو پروٽين جو گھربل ھوندو آھي. سڻڀ يا چرٻي غذا ۾ انھيءَ ڪري ضروري آھي ته اھا پنھنجي اندر چرٻيءَ ۾ حل ٿيڻ وارا وٽامنس ۽ چرٻيءَ جو تيزاب رکي ٿي. نوجوانن کي ڏينھن ۾ ھڪ گرام پروٽين في ڪلو گرام جي حساب سان وٺڻ گھرجي ۽ ننڍڙن ٻارن کي ٻه گرام پروٽين في ڪلو گرام جي حساب سان ڇھن مھينن تائين ڏيڻ گھرجي اھو به مشورو ڏنو ويو آھي ته روزانو حاصل ٿيل غذاجو 60 سيڪڙو حصو جانورن جي پروٽين تي مشتمل ھئڻ گھرجي ڇو ته ان ۾ امائنو ايسڊس ڪافي مقدار ۾ ھوندا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت