ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ مطالعي جو رجحان پيدا ڪرڻ والدين ۽ استادن جي ذميداري آهي - صدر ڊاڪٽر عارف علوي
ٻارن
۾
ڪتاب
پڙهڻ
۽
مطالعي
جو
رجحان
پيدا
ڪرڻ
والدين
۽
استادن
جي
ذميداري
آهي
صدر
ڊاڪٽر
عارف
علوي
اسلام
آباد
– 19 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪتاب علم جو خزانو هوندو آهي، هر پڙهيل لکيل شخص کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي، ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ مطالعي جو رجحان پيدا ڪرڻ والدين ۽ استادن جي ذميداري آهي، علم جي جستجو ۽ ان کي وڌائڻ ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. نيشنل بڪ فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته کيس ڪتاب پڙهڻ جو شوق آهي، ان کانسواءِ هو ڪمپيوٽر تي به مطالعو ڪندو آهي.
Comments
Post a Comment