سنڌي ٻولي – ڀٽائي




شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهو شاعر آهي، جنهن نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي ڀنڊار کي گڏ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جامع لغت تيار ڪري ڏني پر هن سنڌ جي لوڪ داستانن کي به نئين سر جياريو. هن سنڌ جي لوڪ داستانن کي تمثل بنائي انسان ذات کي ڇوٽڪاري جي جيڪا راهه ڏيکاري آهي، ان جو ڪو ورلي مثال لڀندو.

علامه آءِ آءِ قاضي

علامه آءِ آءِ قاضيءَ جڳ مشهور نقاد ڪارلائل جي ٽن اهم ڪسوٽين تي پرکي شاهه صاحب کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ثابت ڪيو آهي، سندس ٽيون ۽ آخري معيار آهي ٻولي ۽ لفظن جو استعمال.

اهو ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اظهار جي ايڏي وسعت به پيدا ٿي سگهي ٿي. پر دنيا ڏٺو ته شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ کي اظهار جي نون رنگن ۽ رپن کان متعارف ڪرايو.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ


اهو ئي سبب آهي جو 1888ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جڏهن شاهه جي شاعريءَ کي ڏٺو، تڏهن سندس عقل حيران ٿي ويو ۽ جرمنيءَ جي مشهور لپزگ مان وڃي شاهه جو رسالو ڇپائي تيار ڪيائين.

اهو ڪيڏو نه مشڪل ۽ ڪٺن ڪم آهي، جو هڪ ڌارئي شهر ۾ جتي سنڌي ٻوليءَ کان ڪير واقف به نه آهي، اتي هن سنڌي الف ب جا سمورا اکر تيار ڪرايا ۽ ان کان پوءِ ان کي اتان ڇپايائين. اهو شاهه جي شاعريءَ جي ڪمال ۽ ان ڊاڪٽر جي محبت کان سواءِ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي؟



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت