نئين دور جا نوان سبق (سبق ٻارهون) - ادل سومرو



سبق ٻارهون
ڄ ـــ ڄڀ
 ٻارن لاءِ طنزيه سبق
ڄڀ کي عام لفظن ۾ زبان به چيو ويندو آهي.

·      زبان يعني ڄڀ جي بناوت نهايت سادي آهي. ظاهر ۾ هيءَ وات ۾ نظر ايندي آهي ۽ هن جون پاڙون ڪاڪڙي ۾ کتل هونديون آهن.
·      ڪڏهن ڪڏهن ڄڀ ڏندن جي سانچي ۾ ڦاسي زخمي به ٿي پوندي آهي.
·      ڄڀ کي ننڍڙو ۽ معمولي هرگز سمجهڻ نه گهرجي. هيءَ ڏسڻ ۾ ننڍڙي آهي پر سندس ڪم اهم آهن.

ان ڪري ئي چوندا آهن ته:
”آهي ننڍڙي پر وِههُ جي ڳنڍڙي“.
ڄڀ تي ضابطو ڪرڻ تمام ضروري آهي. جن ماڻهن جي زبان کي لغام نه هوندو آهي، يعني هر وقت وڄندي رهندي آهي، تن لاءِ زبان خواريءَ جو سبب بڻبي آهي. گهوڙي کي جيڪڏهن لغام نه هوندو ته هر وقت ڊڪندو رهندو ۽ سواريءَ جو سبب نه بڻبو. ان ڪري گهوڙي ۽ ڄڀ لاءِ لغام ضروري آهي.

جانورن کي زبان هوندي آهي، پر پوءِ به انهن کي بي زبان چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهائي نه سگهندا آهن، يا جيڪڏهن، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا به هوندا ته اسين سمجهي نه سگهندا آهيون. تنهن ڪري اسين انهن کي بي زبان چوندا آهيون ڪن ماڻهن کي وري زبان نه هوندي آهي پر کانئن ڳالهائڻ جو حق کسيو ويندو آهي. تنهن ڪري اُهي به زبان هوندي بي زبان سڏبا آهن. پر انهن کي گونگن جي لسٽ ۾ هرگز شمار ڪري نٿو سگهجي.
مختلف طبيعت رکندڙ ماڻهن جون زبانون مختلف گُفتا ٻولينديون آهن. ڪوڙي ماڻهوءَ جي زبان ڪوڙ تي هريل هوندي آهي. راڳائيءَ جي زبان راڳ جي هيراڪ هوندي آهي.
ڪن کي هڪ کان وڌيڪ زبانون هونديون آهن. مڙس ماڻهوءَ جي هڪ زبان هوندي آهي.
ڪي زبانون وري ڪرائي تي ملنديون آهن. ڪرائي تي ملندڙ زبانون ٻين جا ٻول ٻولينديون آهن. طوطي وانگر سيکاريل جملا جهونگارينديون آهن. ڪرائي جون زبانون تعريفي نعرا هڻنديون آهن، قصيدا ۽ سهرا چونديون آهن وغيره وغيره.

زبان مان مراد، ٻولي به ورتي ويندي آهي.

ماءُ جي زبان کي مادري زبان ۽ پيءُ جي زبان کي فادري زبان چئبو آهي.
شاعر جيڪا ٻولي استعمال ڪندا آهن ان کي شاعراڻي زبان يا ٻولي چئبو آهي. ڪن شاعرن جي آفاقي ٻولي هوندي آهي، ان ڪري اهي آفاقي شاعر سڏبا آهن. آفاقي شاعر تمام نازڪ ۽ نفيسڙا هوندا آهن ڌرتيءَ تي رهي نه سگهندا آهن. تنهن ڪري ڌرتيءَ کان ڪٽجي هميشه هوائي دنيا جا سير ڪندا رهندا آهن.

سياڻن جو چوڻ آهي ته:
”اهائي زبان اُسَ ۾ ويهاري، اها ئي زبان ڇانوَ ۾ ويهاري“

سو هميشه زبان مان اهڙا گفتا ڪڍجن، جيئن سدائين ڇانوَ ئي ڇانوَ نصيب ٿئي. هڪڙي چرئي شاعر سياڻن جي قول کان لنوائي، پنهنجيءَ چم جي زبان کي سچ چوڻ تي هيرائي ڇڏيو هو. سو هڪ دفعي، هڪ خوفناڪ بادشاهه جي درٻار ۾ عادت کان مجبور ٿي بادشاهه آڏو جهڪڻ بجاءِ چوڻ لڳو:
ڄڀ ڪپي ڇڏ، ڪڇي نه سگهندس ، هٿ ڪپي ڇڏ، لکي نه سگهندس پر تنهنجي آڏو، جهڪي نه سگهندس.
بادشاهه باهڙجي همراهه کي جيل اُماڻي ڇڏيو، جتي شاعر ويچارو اُسن ۾ سڙندو رهيو.
ان جي ڀيٽ ۾ هڪ درٻاري شاعر، پنهنجي زبان کي ثنا خوانيءَ تي هيرائي ڇڏيو هو ۽ سدائين ٿڌين ڇانون ۾ آرام سان رهندو هو. خوفناڪ بادشاهه آڏو سندس زبان سدائين پئي ٻوليندي هئي:

زبان منهنجي پئي ٻوليندي تنهنجا قصيدا، جيستائين جيئرو آهيان منهنجا قبلا!
سو پيارا ٻارو!
اهو ضروري ناهي ته سدائين ٿڌي ڇانوَ ۾ رهجي ڪڏهن ڪڏهن سچ جي عيوض اُس ۾ به ويهڻو پوي ته ڀل ويهجي.

مشق

 سوال نمبر 1:       زبان ۽ گهوڙي کي لغام ڇو ڏنو ويندو آهي؟
سوال نمبر 2:       بي زبان جانور ۽ بي زبان انسان ۾ فرق ٻڌايو؟
سوال نمبر 3:       ڪرائي جي زبان تي گهران مختصر نوٽ لکي ايندا.





نوان لفظ

ڪوڙ
:
جيڪو نچي نه سگهي

نصيب
:
دل کي آٿت ڏيڻ جو آخري سهارو

سچ
:
جيڪو ٻڌي نه سگهجي







فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Share on Whatsapp

Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت