سُقراطَ زَھر پيتو.
سُقراطَ زَھر پيتو.
ليکڪ: حيدر زيدي
سنڌيڪار: جوھر بروھي
سُقراط (وفات 339 قبل مسيح) وڏو ڏاھو ۽ فلسفي ھو.
اُن جو زمانو حضرت عيسيٰ عه کان چار سو سال اڳ جو آھي. ھو نه رڳو الله تعاليٰ تي
ايمان رکندو ھو. پر آخرت تي به سندس ڪامل يقين ھو. ھو ايٿنز (يونان) ۾ رھندو ھو.
جتي ماڻھو گھڻو ڪري باطل عقيدن وارا ۽ گمراھ ھئا. سُقراط اھڙي ماحول ۾ حق چوڻ ۽
معاشري کي برائين کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ھو. کڻي ھو پنھنجي عمر جي حساب سان ڪافي پوڙھو
ٿي چڪو ھو. پر سندس روح جُوان ھو.
سُقراط ايٿنز جي گھٽين ۾ يا عام ميڙن ۾ وڃي تقريرون
ڪندو ھو. ماڻھن کي ھڪ الله ڏانھن سڏيندو رھيو. سندس مضبوط دلين ۽ منطقي ڳالھين ايٿنز
جي نوجوانن تي اثر ڪيو. نوجوان شوق سان وٽس گڏ ٿيندا رھيا. ان شھر ۾ گھڻا اھڙا ماڻھو
به ھئا جيڪي سقراط جي ڳالھين کي بي ديني ۽ گمراھي سمجھندا ھئا. انھن ڳالھين کي ملڪي
قانون سان بغاوت ڄاڻندا ھئا. ايٿنز جھڙي شھر ۾، جتي نوجوانن جي تربيت کي گھڻي
اھميت ڏني ويندي ھئي. اُتي سقراط جو ھي ڏوھ، وڏو گناھ سمجھيو ويو.
آخرڪار ھن توحيد پرست فلسفي ۽ ڏاھي کي عدالت جي ڪٽھڙي
۾ بيھاريو ويو ۽ عدالت جي دعويدارن سُقراط کي موت جي سزا جو حقدار ڄاڻايو. افلاطون
جو چوڻ آھي ته اتي موجود جيوري پنھنجو فيصلو ٻڌايو. 281 ماڻھن سُقراط کي ڏوھي قرار
ڏنو ۽ 275 ماڻھن ھن کي بي قصور چيو ۽ سُقراط ڇھن ماڻھن جي راءِ جي فرق سان موت جو
حقدار بڻيو.
ھن حڪم کان پوءِ سُقراط ھن ريت بيان ڏنو.
اي ايٿنز جا رھواسيو!
توھان حقيقت ۾ پنھنجي بي صبريءَ جي ڪري ھيءَ ملامت
پنھنجي مٿي تي کنئي ۽ ٻين کي پاڻ تي آڱريون کڻڻ جو موقعو ڏنو. جو ھو توھان کي
سقراط جھڙي ڏاھي جي موت تي ملامت ڪن!
جڏھن ته مان ڪو ڏاھو ڪونه آھيان، پر توھان جي فيصلي
جي ڪري مون کي ڏاھو سڏيو پيو وڃي.
جيڪڏھن توھان ٿورو صبر ڪريو ھا ته مان پيرسن پنھنجي
طبعي موت جي ڪري مري وڃان ھا ۽ توھان کي توھان جو مقصد حاصل ٿي وڃي ھا.
فيصلو پڪو ھو، سقراط کي سزا ڏيڻ کان اڳ ڪجھ ڏينھن
لاءِ جيل موڪليو ويو. ھڪ خاص رسم جيڪا ايٿنز ۾ ھلندڙ ھئي. ان جي ڪري سقراط جي سزا
۾ ڪجھ دير ٿي.
رسم ھيءَ ھئي ته ھڪ ٻيڙي، جيڪا خاص رسمن ھيٺ ڊيليوس
موڪلي وئي ھئي، سا جيستائين ايٿنز موٽي، ايستائين سُقراط جي ڏنل سزا تي عمل نه پيو
ٿئي، ان وچ ۾ سقراط جا دوست ۽ شاگرد ساڻس ملڻ ايندا ھئا ۽ ھو گھڻي آرام ۽ اطمينان
سان ساڻن ملندو ھو ۽ گفتگو ڪندو ھو. سندن سوالن جابه جواب ڏيندو ھو. سقراط پنھنجو
موت اکين سان ڏسي رھيو ھو، پر کيس ڪو ڊپ ڍاء نه ھو.
قيد خاني ۾ سقراط ۽ ان جي ھڪ شاگرد اقريطون جي
گفتگو ھن ريت ٿي.
سقراط: (صبح جو ھنڌ تان اٿندي) اقريطون! ڇو ايڏو
سوير آيو آھين! ڇا اڃا صبح ناھي ٿيو؟
اقريطون: جي ھا، صبح ٿي ويو آھي!
سقراط: جيل جي محافظن ھن وقت توکي اندر اچڻ ڪيئن ڏنو؟
اقريطون: منھنجي گھڻي اچڻ جي ڪري محافظن سان دوستي ٿي
وئي آھي، ان ڪري مون کي نه روڪيائون.
سقراط: تون ھاڻي آيو آھين! يا اڃا ڪجھ ساجھر آيو آھين!
اقريطون: ڪافي دير کان ھتي آھيان.
سقراط: تون ڇو چپ ڪري ويٺين! مون کي ڇونه جاڳايئي!
اقريطون: ان ڪري جو مان سمجھان ٿو، جيڪڏھن مان
اوھان جي جاءِ تي ھجان ھا ته سجاڳي مون لاءِ عذاب بڻجي ھا. ان سان گڏ مان ھن ڳالھ
تي به حيران آھيان ته توھان ھنن حالتن ۾ ھڪ لمحي لاءِ به ڪيئن سمھي سگھو ٿا! ان ڪري
مون سٺو ڄاتو ته اوھان جي سڪون جا ھي ڪجھ پَلَ اوھان کان نه کسيان!
حقيقت ۾ مان جڏھن به توھان سان مليو آھيان توھان جي
سڪون ۽ اطمينان مون کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ به توھان کي مطمئن ڏسي ڪافي حيران ٿي
رھيو آھيان.
سقراط: اي اقريطون! عمر جي ھن پيرسنيءَ واري حصي ۾
مون کي موت کان ڊڄڻ نه ٿو سونھي!
اقريطون: اسان ڪيترا اھڙا پوڙھا ڏٺا، جيڪي مشڪلات
وقت وڏو روڄ راڙو ڪندا آھن.
سُقراط: تون ٺيڪ ٿو چوين! پر اھو ٻڌاءِ ھن مھل اچڻ ڇو
ٿيو؟
اقريطون: توھان لاءِ ھڪ بُري خبر آندي اٿم، مان ڄاڻان
ٿو ته توھان تي ھن خبر جو ڪو اثر نه ٿيندو، پر توھان جا مائٽ ۽ اسان سڀ دوست ھن
خبر تي ڪافي ڏکارا آھيون ۽ منھنجي لاءِ ھيءَ زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ ڏکاري خبر آھي.
سقراط: اھا خبر ھي آھي ته جنھن ٻيڙيءَ کي ھتي پھچڻو
ھو، سا ڊيليوس کان موٽي آئي آھي.
اقريطون: اھا ٻيڙي اڃا ته ايٿنز ناھي پھتي، ڪن
اطلاعن مطابق ٻيڙي سونيوم پھتي آھي ۽ اڄ اھا ھتي پھچي ويندي ۽ افسوس ته اوھان کي
زندگيءَ کي الوداع چوڻو پوندو!
سقراط: جيڪڏھن رب پاڪ جي اھا مرضي آھي ته پوءِ مون
کي ڪو خوف ڪونھي!
الله تعاليٰ جو ھي نيڪ بندو جڏھن ماڻھن کي حق جي
دعوت ڏيندو ھو ته سڀ کان وڌيڪ الله تعاليٰ تي ايمان، غيب تي ايمان ۽ روح جي بقا جو
بيان ڪندو ھو، پر جڏھن کيس جيل ۾ وڌو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ھاڻي تو کي موت سان
ملاقات ڪرڻي آھي ته ھن پنھنجي وقت مان وڌ کان وڌ فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ سوچي ڇڏيو.
ھن جيل کي ھڪ درسگاھ جي شڪل ڏئي ڇڏي.
جيڪي ماڻھو ھن سان جيل تي ملڻ ايندا ھئا، کين علمي ڳالھيون
بيان ڪندو ھو ۽ مابعد الطبعيات (فوق الفطرت) مسئلن جا حل بيان ڪندو ھو. اڳي کان وڌيڪ
مطمئن نظر ايندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھنن علمي مسئلن سان گڏ ماڻھن کي نصيحتون به ڪندو
ھو.
آخرڪار اھي ڏينھن گذري ويا ۽ ٻيڙي ڊيليوس کان ايٿنز
پھچي وئي. ھاڻ وقت پورو ٿيو جو سقراط جي موت واري حڪم تي عمل ڪيو وڃي.
اقريطون: پريشان ٿيندي چيو، جيترو ٿي سگھيو اسان
اوھان جي نصيحتن جي پيروي ڪنداسين، ھاڻ توھان ھي فرمايو ته اوھان کي دفن ڪيئن ڪجي!
سقراط: جيڪڏھن مان توھان جي ھٿ وس کان نڪري نه وڃان،
(سرڪار منھنجو لاش گم نه ڪري) ته جيئن وڻيوَ مون کي دفن ڪجو!
ان کان پوءِ مرڪندي سقراط چيو، مان اقريطون کي
مطمئن نه ڪري سگھيس ته مان سقراط ئي آھيان، جيڪو اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان.
اقريطون ائين ٿو سمجھي مان ائين ھوندس. جو ڪجھ دير کان پوءِ ھڪ لاش بڻيو پيو
ھوندس، ان ڪري ھو پريشان آھي ته مون کي ڪيئن دفن ڪري!
مون جيڪي ھيتريون ڳالھيون اوھان سان ڪيون آھن ته مان
اھو ئي سمجھائڻ ٿو گھران ته جڏھن مون زھر جو پيالو پيتو ته مان ھتي نه ھوندس.
توھان کان ڌارئي، ٻين دوستن جي محفل ۾ وڃي پھچندس.
اھا ڳالھ اقريطون کي سمجھ ۾ نه آئي. ھو ھيئن ٿو
سمجھي ته مون جيڪي ھيتريون ساريون ڳالھيون ڪيون آھن، سي پاڻ کي ۽ اوھان کي دلاسي ڏيڻ
لاءِ ڪيون آھن. توھان ھيئن اصل نه چئجو ته سقراط کي کڻي ٿا اچن، سقراط کي کڻي ٿا وڃن،
سقراط کي دفن ٿا ڪن. توھان کي ھيئن چوڻ گھرجي جنھن کي اسان ڌرتي ۾ لڪائي رھيا آھيون،
سو سقراط جو جسم آھي، سقراط ناھي!
سقراط ھي ڳالھائي غسل خاني ۾ ويو، جڏھن وھنجي آيو ته
پنھنجي زال ۽ پٽ کي گھرائي، اقريطون جي موجودگيءَ ۾ ساڻن ڳالھائي، کين نصيحتون ڪيون،
الوداع چئي کين گھر موڪليو.
سج لھڻ وارو ھو، جڏھن سُقراط واپس ويو ته ھنڌ تي ويٺو،
پر کيس ايتري مھلت نه ملي جو اتي موجود دوستن سان ڳالھائي جيل جو انچارج آيو. جنھن
سقراط کي چيو، مون اڄ تائين ھتي آندل قيدين جي ابتڙ توھان کي بردبار ۽ بھترين شخص
محسوس ڪيو. جن توھان کي جيل وجھرايو، انھن مون کي ڇا حڪم ڏنو آھي! توھان صبر سان
برداشت ڪجو، في الحال خداحافظ!
جيل جو انچارج ايترو چئي، منھن ورائي روئڻ لڳو ۽ پوءِ
ھليو ويو.
سقراط کيس دعائون ڏيندي چيو، الله تعاليٰ اوھان جي
حفاظت ڪري!
ڪجھ دير کان پوءِ ھڪ ٻيو شخص ڪمري ۾ داخل ٿيو. ھن
جي ھٿ ۾ ھڪ پيالو ھو، جنھن ۾ تيز زھر تيار ڪيل ھو. پيالو سقراط جي ويجھو آندو.
سقراط چيو مون کي ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي! ان شخص چيو، ھي پيالو پي، ٻه ٽي
وکون پنڌ ڪر! جڏھن توکي پنھنجا پير ڳورا محسوس ٿين، ھنڌ تي اچي ليٽي پئو!
سُقراط اطمينان سان اھو پيالو ورتو. سندس منھن تي ڪا
پريشاني ڪانه ھئي. ھن جيل جي محافظ کي چيو، ڇا مون کي ھن ڳالھ جي اجازت ڏيندين! ته
ھن پيالي مان ھڪ ڍڪ زمين تي ھاريان!
محافظ چيو، جيترو زھر ھڪ ماڻھوءَ لاءِ پورت ڪري،
اسان ان کان زيادھ زھر تيار ڪونه ڪندا آھيون!
ان کان پوءِ سقراط عجيب آرام ۽ سڪون سان سمورو زھر
پي ڇڏيو:
سُقراط جا دوست، جن اڃا تائين روئڻ کان پاڻُ جھلي
رکيو ھو! سقراط کي زھر پيئندو ڏسي، وڌيڪ سھي نه سگھيا رڙيون ڪري رنا، ڪي دوست زھر
پيئڻ وارو منظر ڏسي نه سگھيا ته قيد خاني کان نڪري ھليا ويا.
عظيم شخص سقراط اھڙي حالت ۾ به نه رڳو پنھنجو پاڻ
کي روئڻ کان روڪي رکيو ھو، بلڪ زندگيءَ جي آخري لمحن وقت ماڻھن سان ھن ريت مخاطب ٿيو.
(منھنجا دوستو: ھي ڇا ڪري رھيا آھيو! مون
پنھنجي گھر ڀاتين کي ان لاءِ گھر موڪلي ڇڏيو، جو ھن حال ۾ مون کي ڏسي روئي نه پون!
توھان ته حوصلو ڪريو!)
سُقراط جي واتان ھي لفظ ٻڌي، سندس دوست شرمندا ٿيا
۽ روئڻ کان پاڻ پلي ڇڏيو!
سُقراط جيل جي محافظ جي ھدايت مطابق ٿوري دير تائين
پنڌ ڪيو ۽ پوءِ چيائين ته ھاڻ منھنجا پير ڳورا ٿي رھيا آھن ۽ پوءِ پنھنجي ھنڌ تي
اچي؛ ھلجي پيو.
سُقراط کي زھر پياريندڙ ماڻھوءَ سُقراط جي پير کي
زور ڏئي پڇيو ته، سُقراط! ڇا تون ڪجھ محسوس ڪري رھيو آھين!
سُقراط چيو، ته ڪجھ به محسوس نه ڪيم.
ان ماڻھو، اتي موجود سقراط جي ساٿين کي چيو ته ھاڻ
سُقراط جو بدن ٿڌو ٿي رھيو آھي، جڏھن اھا ٿڌاڻ دل تائين پھچندي ته پوءِ سُقراط
اوھان کان ھميشھ لاءِ وڇڙي ويندو، ٿوري دير گذري ته سُقراط جي جسم ھڪ لوڏو کاڌو ۽
ھو ھن دنيا مان ھليو ويو.
Comments
Post a Comment