ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
-------
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ
إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِى لَيْلَةِ الْقَدْرِ ﴿١﴾ وَمَا أَدْرَاكَ مَا لَيْلَةُ الْقَدْرِ ﴿٢﴾ لَيْلَةُ الْقَدْرِ خَيْرٌ مِّنْ أَلْفِ شَهْرٍ ﴿٣﴾ تَنَزَّلُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ فِيهَا بِإِذْنِ رَبِّهِم مِّن كُلِّ أَمْرٍ ﴿٤﴾ سَلَامٌ هِىَ حَتَّى مَطْلَعِ الْفَجْرِ ﴿٥﴾  (سورت القدر الجزء 30(

بيشڪ اسان قرآن کي شب قدر ۾ نازل ڪيو آهي 



۽ (الله پاڪ زياده شوق ڏيارڻ جي لاءِ فرمائي ٿو ته) توهان کي ڇا معلوم آهي ته شبِ قدر ڪهڙي شئي آهي (اڳتي ان جو جواب آهي ته) شبِ قدر هزار مهينن کان بهتر آهي (يعني هزار مهينن تائين عبادت ڪرڻ جو جنهن قدر ثواب آهي ان کان زياده شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ جو ثواب آهي ۽ اها رات اهڙي آهي جو) ان رات ۾ فرشتا ۽ روح القدس (يعني حضرت جبرائيل عليھ السلام) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر نيڪ امر کي کڻي (زمين جي طرف) لهندا آهن (۽ اها رات) پوري جي پوري سلامتي آهي اها شبِِ قدر (انهيءَ صفت ۽ برڪت سان) صبح صادق ۽ باک ڦٽيءَ تائين رهندي آهي.

شان نزول



حضرت ابن ابي حاتم جن حضرت مجاهد رحه کان مرسلاً روايت ڪري ٿو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن بني اسرائيل جي هڪ مجاهد جو حال بيان ڪيو جيڪو هڪ هزار مهينن تائين مسلسل جهاد ۾ مشغول رهيو هو، ان ڪڏهن به هٿيار نه رکيا هئا. مسلمانن کي اهو ٻڌي تعجب ٿيو، تنهن تي سورت قدر نازل ٿئي جنهن ۾هن امت جي لاءِ صرف هڪ رات جي عبادت کي ان مجاهد جي پوري عمر جي عبادت (يعني هڪ هزار مهينن) کان بهتر قرار ڏنو ويو آهي.

۽ علامه ابن جرير رحه جن حضرت مجاهد جي روايت سان نقل فرمايو آهي ته بني اسرائيل ۾ هڪ عابد جو اهو حال هيو جيڪو ساري رات عبادت ۾ مشغول رهندو هو، ۽ صبح سان ئي جهاد جي لاءِ نڪرندو هو ۽ پورو ڏينهن جهاد ۾ مشغول رهندو هو، هڪ هزار مهينن تائين ان شخص عبادت ۾ گزاريا، تنهن تي الله پاڪ سورت القدر کي نازل فرمائي هن امت جي فضيلت سڀني تي ثابت فرمائي. ان مان اهو به معلوم ٿيو ته شبِ قدر صرف امت محمدي جي خصوصيات مان آهي. 
(معارف القرآن سورت القدر ج 8)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت