شاعر جي عظمت - حيدر علي لغاري

شاعر جي عظمت
حيدر علي لغاري
ادا،
اوهان پنهنجي شعر جو نوٽبوڪ ڏيئي، ان متعلق مون کي راءِ لاءِ چيو آهي. حقيقت اها آهي ته آءُ پاڻ کي اڃا صاحب الراءِ تصور ڪونه ٿو ڪيان، ازانسواءِ اوهان مون کي شاعريءَ متعلق پُڇو ٿا، حالانڪه آءُ شاعر نه آهيان، بهتر ٿئي ها جيڪڏهن ڪنهن شاعر کان اهو ڪم وٺو ها ... بهرحال، جيترو ٿورو گهڻو شعر مختلف شاعرن جو پڙهيو ۽ پنهنجي ذهني لياقت ۽ ذوق آهر سمجهيو به اٿم، ان مان شاعريءَ جي مجموعي حيثيت ۽ حقيقت جا ڪي نقش، دماغ پنهنجي حفاظت ۽ تحويل ۾ ورتا آهن. انهن مان مناسبت سان اوهان لاءِ ڪي تاثرات لکان ٿو ....
هڪ خاص وقت ۾ هڪ خاص شيءِ لکجي ۽ چئجي ٿي. اُن ۾ ڪي شيون صرف وقتي، لمحاتي مصالحتي آهن، ته ڪي دائمي ۽ مستقل حيثيت جون آهن؛ ڪي سطحي آهن، ته ڪي حيرت انگيز طور تي محيط ۽ بسيط آهن. پر ادا، اهو اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته ڪنهن تحرير يا تقرير ۾ وقتي ۽ مصالحتي ڇا ڇا آهي، ۽ ان جو دائمي مواد ڪيتري قدر آهي؟ ادراڪ ۽ فيصلي جا اها قوت ڏاڍي مختصر آهي. جيتري قدر بصيرت ۽ ادراڪ جون اهي صلاحيتون مختصر آهن، اوتري قدر ئي اهو مواد به مختصر آهي، جنهن ۾ آفاقي گهرائي ۽ وسعت موجود هجي، ۽ انسان جو فڪر جنهن مان مسلسل پنهنجي غذا حاصل ڪندو رهي ۽ زندگيءَ جي حقيقت ۽ ان جي متعلقات جي شناس پيدا ڪندو رهي.
اوهان کي اندازو آهي ته اسان جي معاشري ۾ اڄڪلهه زندگيءَ ۾ بي اطميناني ۽ ناڪامي جو احساس ڪيتريقدر عام آهي. ماڻهوءَ جو ذهن خطرناڪ حدن تائين وسوسن ۽ وهمن جو شڪار آهي، جذبات ۾ ڪيڏو هيجان آهي... !
ماڻهو اعتماد سان هڪ قدم به کڻڻ جو حوصلو نٿو رکي .. ذميداريءَ سان هڪ لفظ به ڳالهائڻ جو اهل ڪونه آهي! گذر اوقات، معاملات ۽ مصروفيات جا مڙئي روپ پنهنجي نام نهاد رونقن جي باوجود آدمي جي جذباتي هيجان ۽ ذهني انتشار ۾ ڪنهن به قسم جي نظم ۽ ترتيب، اعتدال ۽ احتياط کي پيدا ڪرڻ کان عاجز آهن. ۽ اوهان کي حيرت ٿيڻ گهرجي ته خود شاعر جو وجود به انهيءَ بدنظميءَ کان آزاد ڪونه آهي! ورنه شاعر ته اهو باڪمال شخص آهي، جنهن جو زندگيءَ جي شايان شان مقصد ۾ اعتماد هجي. نه رڳو سطحي اعتقاد، بلڪه ان مقصد سان عملي مطابقت جو ذوق به شامل هجي ۽ ان جي اثر هيٺ، ان جي پرچار ۽ فني اپٽار کي هڪ ذميداري جي احساس سان ادا ڪرڻ شاعريءَ جي روح جي تقاضا آهي. اهڙا انسان، آدمين جي هن سيلاب ۾ پنهنجو انفرادي مقام رکن ٿا، ۽ سندن انفراديت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ قائم رهي ٿي.
اسان جي ديس جي جن شخصن ۾ واقعي شاعر هجڻ جون علامتون ۽ صلاحيتون موجود آهن به سهي، تن جي زندگي اڪثر گذر اوقات جي حيثيت غير شاعرانه آهي. شخصيت ۾ شعريت کي نڀائڻ لاءِ، ان جي پرورش جا جي آداب ۽ شرائط آهن، انهن جو احترام ۽ انصرام نه ڪبو ته شعر ۾ پختگي ۽ پائداري پيدا ڪانه ٿي سگهندي. آخر هر فن سان نڀائڻ جا ڪي ضابطا آهن، ڪي تڪلفات آهن. شاعري ته بهرحال شعور جو شيو آهي. جذبات ۽ خيالات جي تعاون ۽ تفنن جو نالو آهي، ان لاءِ لازمي طور هڪ قسم جي مشق و رياض جي ضرورت آهي. اهو رياض فڪر جو به آهي ۽ جذبات جو به. اڪثر بهترين فنڪارن کي نام ۽ نمود جي خواهش ۽ فن جي (قبل از وقت) نمائش جي آرزو ڏاڍو نقصان رسايو آهي. اها شايد انسان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري اهي جو هو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ ۽د اد حاصل ڪرڻ جي خمار ۾ پنهنجيون اڻپوريون ۽ اڌرويون شيون دنيا آڏو اُپٽيو ۽ اکيليو ويهو رهي. جن کي ڪجهه وقت سانڍي ڪڍڻ کان پوءِ هوند انهن جي سُندرتا جي تڪميل ٿي سگهي ها! ــ ڀاءُ، اهو ياد رکي ڇڏ ته فنڪار کي غير معمولي قوتِ برداتشت، تحمل ۽ سنجيدگي جي سخت ضرورت آهي. هن جون بي تابيون ۽ بيقراريون هرگز بي معنيٰ ڪونه آهن. کيس انهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. سگريٽ جا ٻه ڪش هڻي، وسڪيءَ جي تِکي بوءِ جو قسم کڻي، ٻه چار شعر چئي ڇڏڻ ٻي ڳالهه آهي. پر واقعي شعر چوڻ، شعر سان نباهڻ ۽ ذوق شاعريءَ جو ڀرم رکڻ اڃا جدا مرحلو آهي. انسان جي قوت متخيله ۾ ڇا ٿو وهي واپري؟ ۽ تخيل کي جذبات ۽ محسوسات جي هيجاني عالم ۾ شاعرانه تصوف جي اهليت ڪڏهن ٿي حاصل ٿئي؟ ان مان اخذ ڪيل نتيجا، تخيل جي واديءَ ۾ ڪهڙي حيثيت ٿا اختيار ڪن؟ نفسيات جي انهي پوري نظام ۾ شاعر جي حيثيت کي ڪن اهم مقامن تي ڪي نازڪ دشواريون پيش اچن ٿيون، جن جا حل بعضي صبر ۽ تحمل جي ڪنهن مدت کان پوءِ پيدا ٿين ٿا، بعضي گهري مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت ٿئي ٿي، ڪڏهن تنهائي ۽ گوشه نشيني به مدد ڪري ٿي. انهن سڀني حيلن کي اختيار ڪرڻ ڪن مرحلن تي لازمي آهي، ۽ اسان جا اڪثر شاعر انهيءَ قسم جي مشقت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن. شاعر جي زندگي ايترو آسان ۽ آزاد ڪانه ٿيندي آهي، جيترو اڄڪلهه نظر اچي رهي آهي، شاعري، زندگيءَ جو اهم ۽ مشڪل ترين تجربو آهي. کيس (شاعر) عوام سان گڏ رهندي به هنن کان جدا ۽ علحدي سطح تي گذارڻو آهي. سندس فڪر ۽ ويچار جا محاذ ايترو ته وسيع ۽ رفيع آهن، جن ۾ حيرت زده ٿيڻ کانسواءِ شعر جو خمير ٺهي نٿو سگهي. وڏي ڳالهه ته شاعري (نفسِ شعر) شاعر جو اختيار نه بلڪه اضطرار آهي، هنجي عالمِ محسوسات جو والهانه ۽ بي اختيارانه اقرار ۽ اظهار! بهرنوع جهڙيءَ طرح شاعر لاءِ هڪ خاص شخصيت جي ضرورت ٿئي ٿي، تهڙي طرح هن لاءِ هڪ خاص عمر ۽ مخصوص ماحل پڻ هڪ شرط آهي. (اسان وٽ ناحق اهو آهي جو هڪ ماڻهو درزڪو ڌنڌو به ڪري ٿو ته شاعري به ڪري ٿو، وڪالت به هلائي ته شاعري به ڪري، ۽ ماستر ته شاعر عام آهين.) حيرت ته اها به آهي ته اسان جي حلقهءِ ادب ۾ نثر لکڻ وارن جي قلت آهي، مگر شاعرن جي افراط آهي!
شاعر جو ذهن ۽ ذوق، آفاقي ۽ عالمي آهي. ڪائنات ۽ موجودات جو سارو نظام هنجي نظر ۽ بصيرت هيٺ هئڻ لازمي آهي. انسان ذات سان تعلق رکندڙ هر مسئلي تي، هنجي نگاهه حڪيمانه ڪردار ادا ڪري ٿي. هو حسن ۽ حق جو متلاشي آهي. اهي هن لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. انهن لاءِ هن کي ازل جي اڃ آهي. اٿاهه ۽ بي پناهه اُڃ.
جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سُر ڪيائي نه ٿئي!
زمان ۽ مڪان جي قرب يا بعد، پنهنجي يا پرائي جي امتياز کان بي نياز، سڪ ۽ سوز جو هي ڪامل ڪارساز پنهنجي ان مقصود ۽ مطلوب جي تلاش ۽ تحقيق جي تڪميل لاءِ ڪڏهن پيرين پنڌ ڪري ٿو، ته ڪڏهن هنئين سان هلڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، ۽ روحاني طور رڙهڻ جو مشورو ڏئي ٿو. ڪڏهن وندر وؤڻ جو ڏس ڏئي ٿو، ته ڪڏهن اندر اورڻ جو! بهرحال، پنهنجي مقدس ماڳ ۽ منتهاءِ مقصد جي حصول لاءِ انفس ۽ آفاق جا ٻئي محاذ استعمال ڪري ٿو، ۽ پنهنجا تجربا ٻيئن جي رهنمائيءَ لاءِ ڇڏي ٿو، ۽ پيغمبرائي پر کي پاري ٿو. وطنيت يا قوميت يا زمين جي ڪنهن خاص خطي ۽ ماڻهن جي ڪنهن هڪ نسل سان پيار ۽ ان جي پچار، شاعر لاءِ هرگز مڪمل موضوع نٿا چئي سگهجن. شاعر جي شعوري وسعتن ۾ هن زمين جي حيثيت ته هڪ نقطي جي آهي. هن عجيب ۽ غريب ڪُره جي اهميت جيڪڏهن وٽس آهي ته اها محض انهيءَ ڪري ته انت ي انسان ذات آباد اهي، جنهن جو پاڻ به هڪ فرد آهي، ورنه هن پراسرار ۽ غير محدود ڪائنات ۽ ان جي حيرت انگيز تنظيم جا همه گير تاثرات کيس ايتري فرصت ڪٿي ٿا ڏين جو هو ويهي سمر قند ۽ بخارا جي تقسيم تي پنهنجو وقت صرف ڪري، يا هند و چين جي تعريفن تي گورهافشاني ڪري، يا عرب ۽ عجم، مشرق ۽ مغرب جي تقابل ۾ هڪ جي ٻئي تي فضيلت ۽ برتري ثابت ڪري. شاعري نه تاريخ آهي، نه جاگرافي، ۽ نه علم الانساب جو افسانو، ان ۾ مقدار نه بلڪه اقدار، اضناف نه بلڪه اوظاف کي اهميت آهي.
شاعري، فڪري بلوغت جو مترنم رد عمل آهي. قوت، مشاهدو جو متوازن مظهر ۽ صالح جذبات جو منظم مخزن آهي. ايترو آهي ته جيئن انسان جي هر قوت ۽ صلاحيت ارتقا جي تدريجي مرحلن کان آزاد نه آهي. تيئن شاعر کي به پنهنجي ارتقائي نشيب و فراز سان واسطو پوي ٿو. انهيءَ لحاظ سان هو ڪڏهن متبدي ۽ سيکڙاٽ آهي ته ڪڏهن منهنجي باڪمال بنجي وڃي ٿو، ۽ هن جي وصف ڪمال جي آفاقي علامت هنجي شعر جي هر لفظ ۽ لفظ جي هر آواز سان وقف ٿي وڃي ٿي، ۽ ان مان انسان جي اشرف فطرت ۽ فضيلت جي رهنمائي جو پيغام پروڙي سگهجي ٿو. اوهان رسالي جي شعر جو هي لافاني بيت ڪڏهن پڙهيو آهي:
مساءُ! کاهوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيهه،
مکين پيرين کيهه،  ڪُهه ڄاڻان ڪهن پار جي.
دوست ــ تون اندازو لڳائي سگهين ٿو ته انهن ٻن سٽن تي نظر وجهڻ سان انسان جي شعور جي نبض اچانڪ ڪنهن رفيع الشان منزل ۽ عظيم الشان مقصد لاءِ تڙپي اٿي ٿي ... ۽ انسان جو فڪر پنهنجي مصروفيت جي پست دائري مان آزاد ٿي يڪلخت زندگيءَ جي اٿاهه گهراين ۽ انهن جي سوز سان هم ڪنار ٿي وڃي ٿو.
اوهان محسوس نٿا ڪريو ته انهن ٻن سٽن جي اٿاهه معنويت ۽ آفاقي ڪيفيت ۾ ايترو ته دوام ۽ سمتقل قيام جو تاثر موجود آهي جو هزارها ورهين جي گذرڻ کان پوءِ به انسان جو شعور ان جو محتاج رهي سگهي ٿو، ۽ ان مان پنهنجي غذا حاصل ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪ هُو ”کاهوڙي“ جي صفت ۽ ”ڏيهه ڏورڻ“ جي استعاريت ۽ رمزيت کي محسوس ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکندو هجي ــ ۽ سندس سينو ”مين جي پيرن جي کِهه“ جي اهميت ۽ ”ڪنهن پار“ جي (شايان شان تصور جي) تمنا ۽ تلاش جي ذوق سان آراسته هجي. ”ڪُهه ڄاڻان ڪنهن پار“، هڪ اهڙو مستقل محاذ آهي، جنهن جي اهميت ڪنهن به دؤر ۾ ختم ٿي نٿي سهگي. دوست، جيڪا ذلت ۽ راحت انهيءَ بيت کي اُچارڻ ۽ ان جي تاثرات کي سڃاڻڻ ۽ انهن يکس ڀني ۾ سمائڻ ۾ آهي، ان جو مقابلو زندگيءَ جي ڪا ٻي لذت ڪري ٿي سگهي. وري هي بيت ته پڙهو:
ڳورا پيئي پار، هينئڙو حيرت ۾ پئو،
وهان تان ويرم ٿئي، نينهن ۾ پئي نهار،
وڃان تان واڪو ٿئي، پاڙي پئي پچار،
هُت ئي وعدي وار، هِت سوٽون ڏينم سرتيون!
لفظ نٿا ملن جن سان لطيف جي هن خيال جي لطافت کي بيان ڪري سگهجي. انسان جي فطرت ۽ سندس ارتقائي حقيقت کي جيتري قدر قريب اهي چار سٽون آهن، انهن جو بدل ملڻ مشڪل آهي. اهڙا ڪيئي مثال هن بي مثال بزرگ جي ڪلام ۾ موجود آهن. اوهان ته رسالو بهرحال پڙهيو هوندو.
خير، هيءَ آهي هڪڙي شاعري جي انفراديت، ۽ هر شاعر کي پنهنجي انفراديت ٿئي ٿي ــ پر انفراديت به پوءِ جو مسئلو آهي. پهريائين شاعر هجڻ جو حق به ته حاصل ڪجي، پوءِ ڪي تمنائون ۽ دعوائون به ٺهن ٿيون. باقي شاعريءَ جي نالي ۾ نامعقول ۽ ناموزون نقالي ۽ ٺٺولي ته عام مرض ٿي پيو آهي. ان جو ڪو علاج سوچڻ گهرجي. رڳو قابل ذڪر شاعر هجڻ به ته اڻانگو امر اهي. عالمي ۽ آفاقي مقام تائين رسائي ته بهرحال مشڪل ترين مرحلو آهي. هنن ٻن سٽن جي آفاقيت کان به ڪو انڪار جي جرئت ڪندو؟
ڏک لڳو، ڏونگر برڻو، ٻينر کاڻي ڀوُن،
من تان لاٿو مون، سندو  جيئڻ  آسرو!
يا
کاڻي کيرن هيٺ، ويٺي روئي رت ــ ڦڙا،
ڪامون ٿيندي ڏيٽ، ٻيهر ٻاروچن سين!
ڇا اوهين سمجهو ٿا ته هي رڳو فن آهي دستڪاري آهي، يا محض ذهني ڪاوش آهي؟ خيالي ڪوشش ۽ دماغي سوزش آهي؟ ... ته پوءِ هي علم سائنس يا رياضي جو هڪ شعبو ٿيو، شعر ته نه چئبو! ڪاش، هي حقيقت عالم آشڪار ۽ عام فهم بنجي سگهي ته شعر (وصف ــ شعريت) لاءِ دماغ سوزي به بلڪه دلسوزي شرط اول آهي، ۽ سوزش دل ڪا بيماري ڪانه آهي، يا شاعر دل جو مريض ڪونه آهي. هو ته مريض دلين جو معالج ۽ طبيب آهي. ڪاش، اسان ماڻهن لاءِ اِهو آسان بنجي وڃي جو اسين قلب و ذهن جي مقامات ۾ امتياز پيدا ڪري سگهون. شاعر لاءِ جيترو ذهني طور قوي هجڻ لازمي آهي، ان کان وڌيڪ هن لاءِ قلب جي سوز وگداز ۽ ذوق و وجدان جي ضرورت آهي شاعري انهن ٻنهي جي تعاون جو رد عمل آهي. عقلمندن جي هجوم ۽ ڏاهپ جي هن دؤر۾ اقبال ويچارو ڊڄي ڊڄي انهيءَ حقيقت ڏانهن هنن ٻن سٽن ۾ اشارو ٿو ڪري.
بہتر ہے دل کے ساتھ رہے پاسبان عقل،
لیکن  کبھی کبھی اسے تنھا بھی چھوڑ  دے!
اوهان، شاهـ جو هي شعر عام ٻڌو ۽ پاڻ پڙهيو هوندو.
آلا ڏاهي م ٿيا، ڏاهيون ڏک ڏسن ...
مگر ڪڏهن محسوس به ڪيو اٿو ته هي بزرگ چوڻ ڇا ٿو چاهي؟ ۽ ڇو؟ ياد رهي ته هنن مان ڪوبه عقل ۽ علم، فن ۽ ذهن جي دانائي ۽ بينائي جي ”مطلق“ نفي نٿو ڪري ۽ نه ئي  ان جي مقام ۽ منصب جي اهميت جو منڪر آهي. هي محض ايترو بيان ڪرڻ گهرن ٿا ته زندگيءَ جي بي شمار حقائق مان جيئن عقل ۽ دانائي به هڪ اهم ۽ مسلم حقيقت آهي، تيئن حقائق جا ٻيا به ڪي محاذ ۽ مقامات آهن! انهن ڏانهن متوجهه ٿيڻ به اوترو ئي لازمي آهي، جيترو عقلمند ۽ دانشمند بنجڻ لاءِ جهڙي طرح لذتون ۽ راحتون علقي ۽ علمي فضائن سان وابسته آهن، تهڙي طرح لذتن ۽ راحتن جا اڃا ٻيا به ڪي آثار ۽ معيار آهن، انهن کان به آشنائي ۽ شناسائي جو لطف وٺڻ بهرحال هڪ تجربو آهي. آخر ان کان محرومي ڇو؟
انهن حقيقتن جي حاصلات ۾ به عظمت ۽ افاديت آهي. جنهن جو مقصد حيات سان گهرو تعلق آهي. شرط فقط اهو آهي ته ڪو اها مشقت برداشت ڪري. ان واديءَ ۾ پير پائي ڏسي ته خبر پوي. ڪنهن عاشق کي ڪو عاقلانه مشهورو ڏيئي ڏسي ۽ پوءِ اندازو لڳايو ته ان تي اوهان جي دانشوري جو رد ــ عمل ڪهڙو ٿو ٿئي. يقينن سان هو ائين ئي چوندو ته:
عشق، عقل دي نهين نهين ....!
عشق به ته مقام ــ شعور آهي، ڪاش، ان مرحلي سان ڪو دوچار ٿئي!
تر هو آڇ م تن کي، جن عشق سين آگاهه.

خدا تجھے کسی طوفان سے آشنا کردے،
کہ تیری بحر کی موجوں میں اضطراب نہیں۔
(اقبال)
انسان جي نفسيات جو هي هڪ اهڙو پراسرار شعبو آهي، جنهن جي مقامات ۽ اشڪان کي نه فلسفو ٿو حل ڪري، نه سائنس! حتيٰ ڪه مذهب به رڳو هڪ حاص حد تائين ان جي نشان نمائي ٿو ڪري. ان کان اڳتي جا احوال، ”ڪُه ڄاڻان ڪنهن پار“ جي مخفي موضوع هيٺ آهن. جي نه بيان ٿي سگهن ۽ نه بيان ڪرڻ جڳائن. ڇاڪاڻ ته:
عشق جيڪي مون سان ڪيون،
ڳالهيون سکڻ  نه جهڙيون  .......!
بهرحال اهو ماڳ، ماڻڻ جو آهي، نه ٻڌائڻ جو!
اوهان في الحال مجاز ۽ حقيقت ۽ صوفيءَ جي صداقت کي به کڻي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته اهو نه عام فهم آهي ۽ نه هن دؤرجي مزاج وٽان آهي. ان ”گيڙو رتي لباس“ ۽ ”رنگ ڀڀوت“ جي حقيقت هن دؤرجي ٽيڊي ذهن ۾ سمائجڻ جي نه آهي. ۽ نه ئي ان جي هر ڪس و ناڪس کان تقاضا رکڻ روا آهي. البت ڪو باشعور ڪنهن رسم جي روح، ان جي زماني يا مڪاني حڪمت ۽ مصلحت کي نظر انداز ڪري محض ان جي خارجي ساخت تي غير ضروري طنز ڪندو ته ان ڏانهن ميار ضرور رهندي. بالغ نظر ته بي معنيٰ ۽ فضول فعل کي به پنهنجي طرفان ڪونه ڪو معنوي رنگ ۽ افادي ڍنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪدني شعور شعور کي ڳوليندو، ۽ هر شئي ۾ معنيٰ محسوس ڪندو. آداب و اطوار جا روپ هر دؤر۾ بدلجن ٿا، مگر معنيٰ ۽ مغز پنهنجي حيثيت برقرار رکن ٿا.
راتيون، ان دؤرجو فنڪار به جاڳندو هو، ۽ هن دؤرجو فنڪار به جاڳي ٿو. فرق فقط اهو آهي ته اڳ جو فنڪار (شاعر) تڏي تي ليٽي، يا خالي ٿڌي مٽيءَ جي فرش تي پاسا ورائي، نهايت سادگي سان ٿڌي گهڙي جو پاڻي پي پي بوُترابي سُنت ادا ڪندو هو. مگر هن وقت جو فنڪار ان جي مقابلي ۾ صوفا نه نرم ۽ نازڪ نشست تي نيم دراز ٿي، بلوري جام ۾ انگوري شربت جي لطف وٺندي، لينن ۽ اسٽالن يج سُنت پوري ڪري ٿو. نسبت ۽ نقل، تقليد ۽ تسليم جا زاويا ٻنهين سان شامل آهن، پوءِ اهي ارادي هجن يا غير ارادي، ان سان ڪو فرق واقع ڪون ٿو تئي. ساڳي طرح سفر ۽ سياحت جي ضرورت اڳئين فنڪار کي به ٿيندي هئي، ۽ هاڻوڪي کي به آهي. تفاوت اهو ئي ته آهي ته تڏهن سواريءَ لاءِ ڪو ڪرهو يا ڏاگهو ڏوربو هو. يا ڪڏهن اهو به نه ته يا پيادو ئي غريب شاعر، جوڳين سان گڏيو، لاهوت ۽ هنگلاج، مڪران ۽ ملتان، ٿر ۽ بر گهمي اچي پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيندو هو. پر هاڻ شاعر کي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏا، موٽرون ۽ هوائي جهاز چپي چپي ته تن آسانيءَ لاءِ ريسٽ هائوس ۽ ڊاڪ بنگلا ميسر آهن. مطالعو ۽ مشاهدو اڳيون فنڪار به ڪندو هو، ۽ پنهنجي ضرورت گهڻي تڻي ته بي نقاب فطرت جي نظارن ۽ ماڻهن جي آداب زندگيءَ مان پوري ڪندو هو. يا وڌ ۾ وڌ مثنوي ۽ قرآن تي کڻي، بعضي نظر وجهندو هو، ــ هاڻوڪو فنڪار به ڪم و بيش ايتروئي ڪري ٿو. کڻي ان تي ارتقا جي ٿيئري، توانائي ۽ اضافيت ڪندو هوندو، ۽ اهو ڪرڻ به کپيس ورنه دؤرجي تازه ترين تقاضائن ۽ حيثيتن کان بي خبر رهي فن جو ڪمال ۽ معراج ماڻي ئي ڪونه سگهبو. جيڪڏهن هن وقت جو فنڪار اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ حق بجانت ۽ بجا آهي ته اڳئين فنڪارن جا اڳيان اطوار ۽ آداب به کين مباح آهن، جهڙو دؤرتهڙو نوع، جهڙو ديس تهڙو ويس. آخر گيڙو رتي لباس ۽ ڀڀوت جي رنگ سان نسبت ۾ ڪهڙي قباحت آهي. ازانسواءِ هر دؤر۾ عوام توڙي خواص پنهنجي تواريخ ۽ آثار قديمه جي ره نوعيت سان پنهنجو انسا ۽ تقدس قائم رکن ٿا، ۽ ان کي بامعنيٰ يا بي معنيٰ بنائڻ جي ذميداري ۽ جوابدار بهرحال ماڻهن تي ئي آهي. ان ۾ ان رسم جي باني يا روايت جو في نفسه قصور ته ڪونه چئبو. عام ماڻهن جي ذهني سطح ۽ فنڪار (شاعر) جي شعور ۾ زمين آسمان جو فاصلو آهي. علم و فن جي متعلقات ۾ عوام جي رد ــ فعل کي هر حال ۾ ڪسوٽي ته قرار ڪونه ڏبو. ڪنهن به دؤر۾ عوام کي علم و حڪمت جو معيار ڪونه بنايو ويو آهي، باقي باشعور طبقو حسب مراتب شين جي حيثيت ۽ حقيقت جي زاوين ۽ ان جي باريڪين کان باخبر رهي ٿو. جيڪڏهن ان طبقي جو ڪو فرد بلڪه خود فنڪار اهڙي ڪنهن حقيقت کي سندس جائز ملحقات کان ٽوڙي، الڳ ڪري، ان جي صحيح هئيت ۽ حيثيت کي مسخ ڪري پيش ڪري ۽ ائين سمجهي ته اها آءُ دؤرــ رفته جي ڪنهن بيسود رسم تي ڪا ڀرپور طنز ڪري رهيو آهيان، ته ان کان وڌيڪ بي بي انصافي ڪهڙي چئبي؟ ڪم از ڪم شاعر کي ايترو غير سنجيده ٿيڻ نٿو جڳائي ... خير هي ڳالهه ته جمله معترضه طور ٿي وئي.
اوهان فقط هڪ فنڪار جي حيثت ۾ سوچي ٻڌايو ته فنڪار جو فن تيستائين رکو، ڦڪو، اڌورو ۽ اڻ پورو نه آهي، جيستائين هن جي نفسيات ۾ “محبت” حب ۽ قرب جي ڪيفيتن جي گردش کيس ولوڙيو ۽ جهنجهوڙيو نه آهي. اوهين ان کي رسمي طور عشق چئو، يا محبت، سڪ چئو يا پيار، بهرحال انسان خاص ڪري فنڪار جي زندگيءَ ۾ اها ئي هڪ حقيقت آهي، جنهن کي جيترو وزن، ۽ جا وقعت حاصل آهي، اها ڪنهن ٻئيءَ شئي کي ڪانهي. باقي رهيو سوال ته ان جا محاذ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ سو ان جو تعلق هر شخص جي ذوق ۽ ظرف جي ميزان سان علحدو ۽ جداگانه آهي. باقي اسان وٽ اڄڪلهه پيار جو پيوند ايترو ته آسان ۽ سستو آهي، جو چاءِ جي ڪوپ ۽ سوڍا جي کاري ٻاٽلي جي نازڪ بنيادن تي جيترو جلد اٽڪي ٿو، ان کان وڌيڪ تيزيءَ سان ٽرڪيو پوي. ڀلا جت اهو اندازو هجي تعلقات جي تعمير جو، اُت زندگيءَ جو تعبير ڇا ڪجي؟ ۽ اهڙي آب نما سراب ۾ سوچ ۽ لوڇ، فڪر ۽ ذڪر لاءِ ماڻهن کي ڪهڙا محاذ ميسر هوندا؟ آخر ادنيٰ خواهش ۽ حيواني هوَس جي پست سيرت، ۽ هڪڙي آدميءَ جي پيار ڀري معصوم حسرت ۾ ڪو ته فرق هئڻ گهرجي. انسان جي پيار ۽ محبت ۾ ڪاته معياري لطافت مڃڻ گهرجي. ان جو ڪو ته ضابطو اخلاق رهڻ ڏجي. بوالهوسي کان الڳ عشقيه ڪردار جي ڪا ته ممتاز ڪسوٽي هجي. ۽ انسان جي شعوري عظمت ۽ جذباتي ديانت سان ان جي ڪا ته موافقت رکجي. ورنه، نه حسن جي ڪا آبرو رهندي ۽ نه حق جو ڪو احترام. پوءِ ان جي حيثيت ”گَڀرن جي راند“ واري وڃي ٿيندي ۽ اسان جو ته يار انهي ڳالهه ۾ ايمان اٿئي ته عشق ۽ ان جو ذوق سليم، ڳڀرن جي راند هرگز نه آهي. عشق ته اُو آهي ..
جيءُ جسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند
۽ يقين سان تعلقات جي اهائي نازڪ نوعيت آهي، جنهن جي معرفت فنڪار هر نظر ايندڙ شئي کي هڪ نئين رنگ ۾ ڏسي ٿو، ۽ ان ۾ نئين معنيٰ محسوس ڪري ٿو، ۽ پنهنجي محسوسات جي اظهار و بيان لاءِ زبان جو سهارو وٺي ٿو ۽ پنهنجو پيغام ٻين تائين پهچائي ٿو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيتري قدر اهو محاذ احسن و افضل ۽ متبرڪ ۽ مقدس هوندو، اوتري قدر ان جا تاثرات مڻيادار ۽ جٽادار، مستقل ۽ تسلي بخش هوندا ــ ۽ شخصيت جي تعمير ۽ تنوير ۾ حصو وٺندا.
جي فرصت ميسر ٿئي ته ٻهراڙيءَ جي سادي ۽ پرسڪون ماحول ۾ ڪڏهن سج لٿي جو سمو، خلوت سان رهي، اولهه جي سو نور ني شفق جي گهائيندڙ نطاري کي نگاهن ۾ رکندي، لطيف جون هي ٽي سٽون ته اُچاري ڏسي ..
سج اُلٿي سسئي، رت ورڻو روءِ،
پهي نه پانڌي ڪو، جنهن ڪري پُڇي لوءِ،
موڙهي وڃي توءِ، موٽڻ جي ڪانه ڪري!
ادا ــ تو جهري امن پسند شخص جو من اڇلون ڏئي، ٻاهر نڪري، اڏرندو، شفق سان شامل ٿيڻ لڳندو، ۽ تنهنجي جيءَ جي جهان، آڪاس ۽ ارٿ جي پوري جڳت تي ڇانئجي ويندو. تنهنجي نيڻن مان آسائتا نير نسرڻ لڳندا. تون سڪ ۽ سوز جو مها ساگر بنجي پويندين. ممڪن آهي ته تون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو گنڀيرتا جي ڀرپور لذت کان آشنا ٿئين، تنهنجو وجود معنائن جا برج لتاڙڻ شروع ڪري، توتي انسان جي فڪر جي عظمت واضح ٿي وڃي، ۽ تون اسم، رسم ۽ جسم جي جهان کان اڳڀري ڪا گردش ڪري اچين. تون فنا ۽ بقا، موت ۽ حيات جو رَس، ۽ سَتُ پيئڻ شروع رڪين، ٿي سگهي ٿو ته تون ازل ۽ ابد جا نه ختم ٿيندڙ فاصلا ڳهي وڃين ۽ توکي يقين ٿي وڃي ته انسان اَمر آهي. ڀائو، تون حوصلي جون حدون ته ڏس، انسان جو ارتقا لاءِ ازلي اشتياق ته ڏس!
موڙهي وڃي توءِ، موٽڻ جي ڪانه ڪري!
توکي اندازو ٿئي ٿو ته انهن سٽن جي خالق جي ذوق جو مقام ۽ شعور جو حال ڇا هوندو؟
ڪاش، آءُ توکي پنهنجو احساس اُڏارو ڏئي سگهان، جنهن سان تون انهن لفظن مان نڪرندڙ شعاعن ۽ شعلن کي محسوس ڪري سگهين. توکي ائين لڳندو، ڄڻ توکي ڪنهن باهه مان ڪڍي کڻي آبشار هيٺان بيهاريو آهي، ۽ جلد ئي وري کڻي باهه ۾ اڇلايو آهي.
اڃا تنوارا، ڪالهه ڪڍياسون سڄڻين،
پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي واڌاءِ،
محبتين مٿا، مچ مُوراهين نه لهي!
اوهان جي شعر مان ۽ ان کان زياده اوهان جي طبيعت مان محسوس ٿئي ٿو ته اوهان جي زندگي درد آشنا اهي ۽ درد و سوز جو ايترو مقدار ان ۾ موجود آهي، جيڪو هڪ قابل ذڪر شاعر لاءِ ضروري آهي. اوهان جي طبح جي سنجيدگي رک رکاءُ ۽ محتاط روشن اُهي وصفون آهن، جي هڪ فنڪار جو خاصو ٿي سگهن ٿيون. اوهان پنهنجو پاڻ تي اعتماد رکو، ۽ ممڪن هجي ته “صحبت” ۽ “مطالعي” جي سلسلي جو انتظام ڪريو، جن جي في الحال اوهان کي ضرورت آهي. پنهنجي گذر اوقات جو حساب ڪتاب رکو، ڪنهن پروگرام ۽ ٽائيم ٽيبلس ان وقت گذارو. مضر ماحول ۽ سکڻن جي صحبت کان جيتري قدر ٿي سگهي پرهيز ڪريو. پاڻ سان جبر ۽ صبر ڪرڻ چڱو آهي. ان جا بيشمار فائدا آهن، مگر ماڻهو رؤنشي ڪوڏيا ۽ تماشي وڪاڻا آهن، انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، زندگيءَ ۾ هڪ عامِي، سطحي آدمي، ۽ هڪ فنڪار، اديب، عالم، ۽ شاعر ۾ جيڪو فاصلو آهي، اهو ايڏو عميق ۽ دقيق آهي، جو ان تي خيال آرائي لاءِ ڪي دفتر گهرجن.

Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت