فائيلم ائنيليڊا (Phylum Annelida)

فائيلم ائنيليڊا (Phylum Annelida)
فائيلم ائنيليڊا جي جانورن جو جسم ڊگھو ۽ ڇليدار (Segments) حصن وارو ھوندو آھي. اھو جسم اندر تائين ڇليدار ھوندو آھي. اندرئين طرف ڪيترائي عضوا جسم جي حصن ۾ ورھايل ھوندا آھن. ائنيليڊس پاڻيءَ ۾ ۽ خشڪيءَ تي رھن ٿا. گھڻا آزاد زندگي گذارين ٿا. مثلاً سانپو (Earthworm)
جڏھن ته ڪجھ ٻاھريان مفت خور آھن مثلاً ڄوئر (Leech) وغيرھ ھنن جي جسم ۾ مختلف ڪمن لاءِ سرشتا ھوندا آھن. تنھن ھوندي به ساھ کڻڻ جو عمل سندن جسم جي مٿاڇري سان ٿئي ٿو. ائنيليڊس جي مکيھ خاصيت بند ٽائيپ رت جو دورو آھي. جنھن ۾ رت جو دورو ننڍين نالين مان ڪيترن ئي سادين نالين وسيلي دل ۾ گردش ڪري ٿو.

فائيلم آرٿرو پوڊا (Phylum Arthropoda)
ھي فائيلم جانورن جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو فائيلم آھي. ھن فائيلم وارن جانورن ۾ جوڙدار عضوا (Jointed limbs) آھن ھن جو جسم ھڪ سخت تَھَ سان ڍڪيل آھي جنھن کي ٻاھريون ڍانچو (External skeleton) چئبو آھي. جيڪو ھڪ پيچيدھ ڪيميائي مادي ڪائٽن (Chitin) جو ٺھيل ھوندو  آھي. آرٿروپوڊس جو جسم گھڻو ڪري ٽن حصن تي مشتمل آھي اڳيون حصو يا مٿو (Anterior head)  وچيون حصو يا ڇاتي (Middle thorax) ۽ پويون حصو يا پيٽ (Posterior abdomen) آرٿروپودس پاڻي ۽ خشڪي تي رھن ٿا.
آرٿروپوڊس جو مثال:
وڇون، ڪوريئڙا، کيکڙا جھينگا سوپيري وغيرھ آھن.

جيت
جيت سڀ کان گھڻو ملندڙ جانور آھن. ھنن کي ٽي جوڙا جوڙدار پير، ٻه جوڙا پر ۽ ھڪ جوڙو حساسي عضوا ائنٽينا (Antenna) آھن. ڪيترائي جيت پرن (Wings)  سان اڏامن ٿا. جيتن کي سندن کاڌي مطابق خاص قسم جي وات جا حصا ھوندا آھن. مثلاً مڇر، گھرومک، پوپٽ ۽ تڏ جي وات جا حصا مختلف ھوندا آھن.
ڪيترائي جيت وقت کان اڳ ڦٽي نڪرن ٿا ۽ بالغ ٿيڻ ٿائين مختلف مرحلن مان گذرن ٿا اھو عمل ڦيرگھير يا ميٽا مارفوسز (Metamarphosis) چئبو آھي ميٽا مارفوسز جا ٻه قسم آھن. ھڪڙو مڪمل ميٽا مارفوسز ۽ ٻيو اڻ مڪمل ميٽا مارفوسز.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت