گُلي: مالديپ جو
خوبصورت جزيرو
پاڻ هاڻي گلي ٻيٽ تي پهچڻ وارا آهيون. سامهون ئي گلي ٻيٽ نظر اچي پيو. هتي ساوڪ
گهٽ پر جديد طرز جون عمارتون، هوٽلون، دڪان وڌيڪ نظر اچي رهيا آهن. ست لڳي
پنجونجاهه منٽن تي اسان گلي پهچي چڪا آهيون. ڪجهه انگريز هتي لهي رهيا آهن. ڪي
بندرگاهه مان چڙهڻ لاءِ انتظار ۾ وڏا وڏا ٿيلها کنيو بيٺا آهن. ٿوري دير کان پوءِ ٻاهريان
ماڻهو اندر چڙهڻ لڳا.
خوبصورت ڇوڪرين سان گڏ، پوڙها انگريز ۽ ٻارڙا به شامل هيا.
انهن مور ماڻهن ۾ ڪي رڏ ڪارا هيا ته ڪي گورا. ڪجهه هن ٻيٽ جا لوڪل ماڻهو به چڙهيا.
جڏهن آخري مسافر چڙهيو ته جهاز واري ٽريڪٽر جو ٽائر ۽ اسٽيل واري ڏاڪڻ، جهاز جي اڳيان
ڊيڪ جي سامهون رکيل، اتان هٽائي ڇڏي. اسان اٺين وڳي گلي ڇڏي چڪا آهيون. هاڻي اسان
جي اڳين منزل مالي، مالديپ جو ڪيپيٽل آهي. جيڪو هن فيري جو به آخري اسٽاپ آهي. گلي
به مافوشي جهڙو ئي لڳو. هي ٻيٽ به ساڳي ئي طرز تي ٺهيل آهي. هر ٻيٽ خوبصورت آهي پر
هر ٻيٽ جي پنهنجي الڳ خوشبو آهي ۽ هر ٻيٽ جنت جو ٽڪرو آهي.
اڳتي هلياسين ته سامهون کان ئي پاڻيءَ جو وڏو جهاز نظر آيو. هن جا ٻه رنگ هيا.
اڇو ۽ ڪارو. هن ۾ ٻه طبق هيا. هڪڙي کليل ڇت، پر سا به ڍڪيل. ان جي هيٺيان ڪرسيون
رکيل هيون. هيٺيون حصو مڪمل طور تي بند هيو. هاڻي وري سمونڊ ئي سمونڊ، هل هلان.
سفر ته کٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. هي فيريون به ڪيڏو وقت وٺن ٿيون. ان کان بهتر
آهي ته ماڻهو پئسا ڪجهه وڌيڪ ڀري فاسٽ بوئٽ ڪري وٺي ته تمام گهڻو ٽائيم بچي. اڍائي
ڪلاڪ وارو سفر اڌ منو ڪلاڪ ۾ طئي ڪري سگهجي ٿو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment