جيوگھرڙي جي اندرين بناوت

جيوگھرڙي جي اندرين بناوت

جيوگھرڙي ۾ نظر ايندڙ بنيادي بناوت تقريباً ھڪجھڙي ھوندي آھي جيوگھرڙي جي اندرين بناوت ۾ جيوگھرڙي جو پڙدو (Cell membrane) سائٽوپلازم  (Cytoplasm) ۽ مرڪز (Nucleus) نظر ايندا آھن. اچو ته جيوگھرڙي جي اندرين بناوت تي تفصيلي نظر وجھون.


جيوگھرڙي جي ڀت  (Cell wall)

ھي ٻوٽي جي جيوگھرڙي جو سڀ کان ٻاھر يون حصو آھي اھا گھڻو ڪري سيلولوز (Cellulose)   ۽ پيڪشن (Pection) جي ٺھيل ھوندي آھي ھي ٽن تهن واري ٿيندي آھي. ھن جي نوعيت نفوذ پذير Permeable ٿيندي آھي. ھي جيوگھرڙي کي تحفظ ۽ سھارو ڏيڻ جو ڪم ڪندي آھي.

جيوگھرڙي جي جھلي  (Cell membrane)

جيوگھرڙي جي جھلي ٻوٽي توڙي جانور ٻنھي جيوگھرڙن ۾ ٿيندي آھي. ھي پڙدو آھي. ھيءَ ٻٽي تَھَ واري آھي. ھيءَ جھلي جيوگھرڙي جي ٻاھران ويڙھيل ھوندي آھي. ھيءَ منتخب نفود پير جھلي (Selectively permeable membrane)آھي ڇو ته ھن مان  مخصوص قسم جا مالڪيول گذري سگھن ٿا. ھيءَ جھلي ڪنھن حدتائين پنھنجي ٽٽڻ ڦٽڻ جي مرمت پاڻ ڪري سگھندي آھي.

مرڪز يا ڪيريون  (Nucleus or karyon)

مرڪز جيوگھرڙي جو اھم حصو آھي اھو جيوگھرڙي جي سڀني ڪمن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. شڪل جي لحاظ کان مخروطي يا بي ڍنگو ٿئي ٿو. جانورن جي جيوگھرڙن ۾ وچ ۾ ٿئي ٿو پر ٻوٽن جي جيوگھرڙن ۾ جيوگھرڙي جي جھليءَ جي ڀرسان آھي. مرڪز ھڪ ٻئي تَھَ سان ويڙھيل آھن. جنھن کي مرڪزي جھلي(Nuclear membrane) چئجي ٿو. ھن ۾ ڪيترائي مرڪزي سوراخ به ٿين ٿا. مرڪز ۾ ھڪ مادو جيل (Gel) نيوڪليوپلازم (Neucleoplasm) ٿئي ٿو جنھن ۾ نيوڪليولائي ۽ ڪروموزومس وارو ڪروميٽن ڄار آھي ڪروموزومس ڊي آڪسي رائبو نيوڪليڪ ائسڊ ۽ پروٽين جا ٺھيل آھن.

سائٽوپلازم  (Cytoplasm)

ھري جيوگھرڙي جو ھڪ شفاف پاڻياٺ حصو آھي جيڪو پلازما جھلي ۽ مرڪز جي وچ ۾ ھوندو آھي. سائٽو پلازم پاڻياٺي زميني مادي سائٽو سول (Cytosol)  ۽ داڻيدار حصن سائٽوپلازمڪ عضون (Cytoplasmic organelles) تي مشتمل آھي. سائٽو پلازمڪ عضون ۾ اينڊو پلازمڪ ريٽيڪيول، گالجي ڪمپليڪس، مائٽوڪونڊريا، پلاسٽڊس، سينٽريولس، رائبوسومس ۽ خال شامل آھن.

(1)           اينڊو پلازمڪ ريٽيڪيولم (Endoplasmic reticulum)  
اندرين پلازما جو پڙدو سڄي سائٽو پلازم ۾ پکڙيل آھي ھي ٻن قسمن جا آھي ھڪڙا کھرا يا داڻيدار جن جي مٿاڇري تي رائبوسومس ھوندا آھن جڏھن ته ٻيا لسا يا ھموار جن تي رائبوسومس نه ھوندا آھن ھي مادي جي ترتيب ۽ منتقلي ۾ خاص ڪردار ادا ڪن ٿا. جيوگھرڙي کي شڪل برقرار رکڻ لاءِ سھارو ڏين ٿا   ۽ زھريلين دوائن جي اثر کي ضايع ڪن ٿا.

(2)           گالجي ڪمپليڪس (Golgi complex)
ھي لسن مٿاڇرن واريوجھليون آھن جيڪي تراکڙي نموني ھڪٻئي سان چنبڙيل ٿين ٿيون اھي ھڪ پاڻياٺ سان ڀريل ٿيلھين تي مشتمل ھونديون آھن، انھن ٿيلھين ۾ ڪاربوھائڊريٽ، گلائڪوپروٽين ۽ انزائيم ٿين ٿا.

(3)           مائٽو ڪونڊريا (Mitochondria)
ھي لٺ نما يا رانھن جھڙا ٻٽا جھليدار عضوا آھن جنھن جي اندرين جھلي تهن ۾ ويڙھيل ھوندي اھي ھنن تهن کي مئٽرڪس (Matrix) چئبو آھي، ھي جيو گھرڙي جي ساھ کڻڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ کاڌي جي ماليڪيولن کي ٽوڙي توانائي پيدا ڪن  ٿا جنھن سبب جيو گھرڙي جو پاور ھائوس سڏبا آھن.

ھي سڀني وڏن ٻوٽن جي جيوگھرڙن ۾ ٿين ٿا ھي مختلف رنگن وارا آھن انھيءَ بنياد تي ٽن قسمن ۾ ورھايا ويا آھن.

(الف) ڪلوروپلاسٽ (Chloroplast )
سائي رنگ جا آھن پنن ۽ ٻين ساون حصن ۾ ٿين ٿا. روشنائي ترڪيب (photosynthesis) جي عمل سان نشاستا (Strach)ٺاھين ٿا.

(ب) ڪروموپلاسٽ (Clromoplast)

ھنن ۾ سائي رنگ کان سواءِ ٻيو ڪو به رنگ ٿئي ٿو ھي ميوي، گل، پنکڙين ۽ ٻين رنگدار حصن ۾ ٿين ٿا.

(ج) ليوڪوپلاسٽ (Leucoplast)

ھي اڇا يا بي رنگ آھن ٻوٽي جي زير زمين حصن ۾ جيوگھرڙن ۾ ملن ٿا. کاڌي کي نشاستي جي صورت ۾ محفوظ ڪن ٿا.

(د) سينٽروسوم ۽ سينٽريولس (Centrosome and centrioles)

سينٽروسوم جانورن جي جيوگھرڙن ۾ آھن ھن ۾ ٻه سينٽريولس ھوندا آھن. ھر سينٽريولس 9 ٿنڀن تي مشتمل آھي ۽ ھر ٿنڀو 3 نلڪين جو ٺھيل آھي.  اھي تاندورائي پروٽين (Spindles) ٺاھين ٿا. جيڪي جيوگھرڙي جي ورھاست دوران قطبن (Poles)ڏانھن چرپر ۾ مدد ڏين ٿا.

(4)           رائبوسوم (Ribosome)
ھي اھي عضوا آھن جيڪي رائبو نيوڪليڪ ائسڊ (RNA) ۾ خود ڪفيل آھن. ھي پروٽين جا ڪارخانا سڏبا آھن ھي سائٽو پلازم ۾ آزاد حالت ۾ ۽ داڻيدار اينڊوپلازمڪ ريٽڪيولم جي ٻاھرين مٿاڇري سان چنبڙيل ھوندا آھن.

(5)           خال (Vacuole)
سائٽو پلازم کان سواءِ ھي ھڪ قسم جون پاڻياٺ سان ڀريل ٿيلھيون آھن جيڪي ھڪ پڙدي سان ويڙھيل ھونديون آھن جن کي ٽونوپلاسٽ (Tonoplast)چئبو آھي. جانورن جي جيوگھرڙن ۾ ھي تمام ننڍا، عارضي ۽ گھڻائي ۾آھن ٻوٽن ۾ دائمي، قدبت ۾ وڏا ۽ ٿورا يا اڪيلا آھن. ھي جيوگھرڙي جي رس (Cell sap)  کي محفوظ ڪرڻ سان واسطو رکن ٿا.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت