جانورن ۾ غذائيت جا طريقا

جانورن ۾ غذائيت جا طريقا
جانورن ۾ غذائيت جا ست طريقا ملن ٿا جن جو ذڪر ھيٺ لکجي ٿو.
(1)           گوشت خور يا ڪارني وورس (Carnivores)
(2)           سبزي خور يا ھربي وورس (Herbivores)
(3)           سڀ ڪجھ کائيندڙ يا اومني وورس (Omnivores)
(4)           ميوو کائيندڙ يا فرگي وورس (Frugivores)
(5)           جيت خور يا انسيڪٽي وورس (Insectivores)
(6)           مفت خور يا پئرا سائيٽڪ (Parasitic)
(7)           گند خور يا سئپرو زوئڪ  (Saprozoic)


(1)           گوشت خور يا ڪارني وورس (Carnivores)
ھن قسم جي غذائيت ۾ اھي جانور اچي وڃن ٿا جيڪي ٻين جانورن کي کاڌي طور استعمال ڪندا آھن ھنن جانورن کي ڊگھا ۽ تيز چھنبدار ڏند ٿيندا آھن، جيڪي ٻين جانورن جي ماس کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ جو ڪم ڏيندا آھن. ھن جو مثال شينھن، چيتو وغيرھ آھن.

(2)           سبزي خور يا ھربي وورس (Herbivores)
ھي اھي جانور آھن جيڪي ٻوٽن کي کاڌي طور استعمال ڪندا آھن. ھنن کي تيز تکا ڏند ڪونه ٿين ھن جو مثال ڳئون، ٻڪري وغيرھ آھن ڪي پکي جھڙوڪ جھرڪي، طوطو وغيرھ به سبزي کائيندا آھن.

(3)           سڀ ڪجھ کائيندڙ يا اومني وورس (Omnivores)
ھن قسم جي جانورن جي غذائيت ۾ گوشت سبزي ٻئي شامل ھوندا آھن يعني ته  ھي ٻنھي قسمن جي غذا کائيندا آھن ھن جو مثال انسان ڪاڪروچ وغيرھ آھن.

(4)           ميوو کائيندڙ يا فرگي وورس (Frugivores)
ھن قسم جي غذا ميون تي مشتمل ھوندي آھي ۽ ھن نموني جي غذا استعمال ڪندڙ گھڻي قدر پکي ھوندا آھن. مثال طور طوطو وغيرھ .

(5)           جيت خو ريا انسيڪٽي وورس (Insectivores)
ھن قسم جا جانور صرف جيتن کي خوراڪ طور استعمال ڪندا آھن ھن جو مثال ڏيڏر، ڪرڙي وغيرھ آھن.

(6)           مفت خور يا پئرا سائيٽڪ (Parasitic)
ٿھن قسم جا جانور مفت خور يا ٻين تي ڀاڙيندڙ آھن. ھي ٻين جانورن کي ميزبان ٺاھي انھن مان کاڌو حاصل ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ ميزبان ڪمزور ٿئي ٿو ھن جو مثال پيٽ جا ڪينئان آھن.

(7)           گند خور يا سئپرو زوئڪ (Saprozoic)
ھي اھي جانور آھن جيڪي مئل جاندارن مان کاڌو حاصل ڪندا آھن انھن کي گندخور چئبو آھي ھن جومثال بئڪٽيريا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت