مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا غلام حسين ميمڻ



مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

-----------------------------------
مولانا غلام حسين ميمڻ
خادم مدرس مدرسه قاسميه سجاول
------------------------------------

منهنجو چمن سائين قاسمي رحمه الله عليه ۽ سندن ديني خدمات
هي دين آخري دين آهي ڪامل ۽ مڪمل دين آهي ان جي ڪري پروردگار عالم هن دين جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ اهڙا شخص پيدا ڪيا آهن جن جي محنت ۽ اخلاص کي ڏسي انسان حيران رهجي ويندو آهي ۽ اقرار ڪرڻ تي مجبور ٿيندو آهي ته هي ڪمال خداوندي جا مظهر آهن.
انهن ئي نابغه روزگار شخصيتن مان منهنجا استاد منهنجا مربي ۽ محسن سائين قاسمي رحمه الله عليه به هئا جن پوري زندگي اسلام جي پرچار ۽ تبليغ ۾ گذاري.
اسلام تي جڏهن ڪو مشڪل وقت آيو ته اسان اهو ڪيترا ڀيرا ڏٺوسين ته سائين رات ڏينهن پوري جا نفشاني سان اسلام جي تقدس کي بحال رکڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.
خاص ڪري قادياني فتني ۽ رافضي فتني جي خلاف سائين جن هر وقت سد سڪندري رهيا هزارين مصيبتن ۽ مشڪلن ۽ جسماني ڪمزورين جي هوندي به هر ميدان ۾ اسلام جي دشمن کي للڪارڻ ۽ ان سان مقابلو ڪرڻ اسلام جي جهنڊي جي سربلنديءَ لاءِ هر قسم جي قربانيءَ لاءِ تيار رهڻ حضرت سائين جن جو دل پسند مشغلو هو.
زمانه طالب علمي کان ئي جن خصوصيتن جو الله تعاليٰ کين مالڪ بنايو هو اهڙيون خصوصيتون شايد ڪنهن انسان ۾ هجن جنهن محنت سان سائين جن علم حاصل ڪيو آهي يقين ڪريو ته جيڪڏهن زهري رحه زمان چوان ته مبالغه نه ٿيندو. امام زهري رحه جي محنت رواين ۾ ضرب المثل آهي سندن گهر مسجد نبوي جي پاسي ۾ هو علم حديث جي شغف ۽ محنت ۾ چاليهه ڏينهن تائين گهر نه ويا آخر گهر واري مسجد نبوي جي دروازي تي بيهي چوڻ لڳي ته واللھ ان ھٰذا الکتب اشد علی ثلاث ضرائع
الله جو قسم هي ڪتاب منهنجي لاءِ ٽن پهاڄن کان وڌيڪ سخت آهن.
اسان جو استاذ به جڏهن طالب علمي جي دور ۾ رات جو مطالعه تي ويهندا هئا ته سندس همعصرن ٻڌايو ته ميڻ بتي ۽ لالٽين جي روشني ۾ فجر تائين ڪتابن جا پروانه نظر ايندا هئا.
حافظي ۽ ياداشت ۾ جيڪڏهن انور شاهه ڪشميري رحه زمان چوان ته بي جا نه ٿيندو. گهڻن ڪتابن جون عبارتون سوره فاتحه وانگر پڙهڻ سندن شان هو. فقاهت ۽ سمجهه ۾ جيڪڏهن شيخ الهند زمان چوان ته بي جا نه ٿيندو ڪهڙو به ڏکيو ڪتاب ۽ ڏکيو مسئلو هجي ان کي منٽن ۾ حل ڪرڻ سائين جن جي ڏائي هٿ جو کيل هو.
مشڪل بحث کي کولي بيان ڪرڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ عجيب ۽ غريب نقطه بيان ڪرڻ جي کين خداوندي ڏات مليل هئي.
بهرحال تدريس جي ميدان ۾ بلاشبه لاثاني هئا. ان ڳالهه تي جيڪڏهن قسم کڻان ته حانث نه ٿيندس ته منهنجي استاذ جو درس تدريس ۾ ڪوبه مٽ نه هيو.
ميدان مناظره جا پاڻ شهسوار هئا مخالف سان ڊگهي بحث جا هرگز قائل نه هئا ڪيڏو به سخت مخالف هجي تنهن کي سندس ئي ڳالهه ۾ بند ڪرڻ جي خدائي ڏات مليل هئي جيڪڏهن استاد رحه جا مناظره لکان ته بحث ڊگهو ٿي ويندو فقط هڪ ڳالهه لکان ٿون جنهن مان سندن مناظرانه حيثيت روز روشن وانگر ظاهر ٿئي ٿي.
موالانا منظور احمد مينگل جيڪي مشهور مناظر آهن سائين جن جي تعزيتي جلسي ۾ برلا اهو بيان ڪيائون ته بلوچستان يا ڪنهن علائقي ۾ جتي اسين سمجهندا هئا سون ته مخالف بظاهر مضبوط آهن ته اتي پنهنجن همراهن کي چوندا هئا سون ته ڳالهه مشهور ڪري ڇڏيو ته مناظره جي لاءِ حضرت سائين قاسمي رحمته الله عليه اچن پيا. مينگل صاحب قسم کڻي چون ٿا ته مخالف ڀڄي ويندا هئا ۽ مخالف اهو چوندا هيا ته اهو شينهن آهي جنهن سان اسان مناظره جي صلاحيت نه ٿا رکون . (الفضل بما شهدبه الاعداء)
(1992ع ۾ جڏهن منهنجي رهائش ڀٽائي ننگر حيدرآباد ۾ هئي ته اتي هڪ پرويزي فڪر واري همراه وٽ ويٺو هئس ته اتي هڪ شيعو نوجوان آيو. ان سان جڏهن منهنجو تعارف ڪرايو ويو ته ان هڪدم چيو ته ادا هن سان ڳالهائڻ ئي مناسب نه آهي هي عبدالغفور قاسميءَ جو شاگرد آهي. عبدالغفور قاسمي ۽ ان جو هر شاگرد اسان جو مخالف آهي ائين چئي اهو همراهه هليو ويو.) (محمد حسين شاهه)
خطابت جا پاڻ بي تاج بادشاهه هئا جنهن محفل ۾ هوندا هيا ته مير مجلس پاڻ هي هوندا هيا ڪنهن به عالم کان مرعوب نه ٿيا اهو سندن رسوخ علمي جو دليل هو.
پاڻ لفاظي يا پيشه ور خطيب هرگز نه هيا بلڪه علمي مبلغ ۽ حقيقي معنائن ۾ واعظ هئا. جنهن جو ثبوت هي هيو ته سندن بيان کي موافق ۽ مخالف گهڻي شوق سان ٻڌڻ ايندا هيا.
هڪ دفعو پاڻ بيان ڪيائون ته استاد نور محمد رحه سان گڏ گولاڙچي وڃڻ ٿيو اتفاق سان اهو ڏينهن جمع جو هيو.
گولاڙچي جي ڪنهن مسجد ۾ تقرير ڪرڻ جي لاءِ استاد نور محمد رحه مون کي حڪم ڪيو.
مون حڪم جي تعميل ڪندي تقرير شروع ڪئي ته سڄو مجمع روئڻ لڳو بشمول استاد نور محمد رحه . جڏهن فارغ ٿيس ته سائين نور محمد رحه پٺ ٺپري فرمايو عبدالغفور تو ته اڄ عطاء الله شاهه جون سِڪون لاهي ڇڏيون  پنهنجن عظيم استادن وٽ خطابت ۾ مقبول هجڻ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي فضيلت ٿي سگهي ٿي.
استاد محترم وٽ متاخرين طالباء مان بفضل خداوندي جيترا ڪتاب مون راقم الحروف کي پڙهڻ جي توفيق ملي اهو الله جل جلاله جو وڏو احسان هيو جنهن کي آئون پاڻ لاءِ هڪ وڏي غنيمت سمجهان ٿو.
۽ ڪافي ڪتاب محفوظ ڪرڻ جي توفيق پڻ ملي ڪافي ڪتابن جون آڊيو ڪيسٽون اڄ به راقم الحروف وٽ بفضل الاهي موجود آهن جڏهن اهي سبق ٻڌان ٿو ته بي اختيار استاد رحه جي رفع درجات لاءِ هٿ کڄن ٿا.
شل الله سائين ــ سائين جن کي جنت الفردوس نصيب فرمائي (آمين).
استاد رحه تي ڇا لکي ڇا لکان الله شاهد آهي دل دماغ تي فقط استاد محترم سوار آهن مون وٽ اهي لفظ ناهن جنهن سان ان جو اظهار ڪري سگهان ۽ سڪون لاهي سگهان بس ان تي اڪتفاء ڪريان ٿو. استاد رحه جون ديني خدمات ڪنهن واقف کان مخفي نه آهن تاهم اهي ادارا ۽ مڪتب جيڪي سندن زير نگراني هلندا هيا ان جو مختصر تعارف پيش خدمت آهي.
تنظيم اصلاح المدارس جي نالي سان 94 ادارا جنهن جي سرپرستي حضرت استاد رحه ڪرڻ فرمائيندا هئا ۽ حسن اتفاق سان باوجود هن جي ته اهي مدارس پوري سنڌ جي طول و عرض ۾ پکڙيل هئا پر تمام مدارس ۽ تمام مدرسين استاد رحه جا بلواسطه يا بلا واسطه شاگرد آهن جيڪا سندن قبوليت ۽ قابليت جو پڌرو دليل آهي.
ان کانسواءِ ڪيترائي مڪاتب ۽ مدارس اهي هيا جنهن جا حضرت سائين رحه پاڻ موجد ۽ باني هئا انهن ادارن جي مڪمل ڪفالت پاڻ ڪندا هئا. جن جو تفصيل مندرجه ذيل آهي.
(1)        مدرسه تعليم القرآن القاسميه ڳوٺ محمد خان طاهراڻي ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (100)
(2)        مڪتب قاسميه لڳ مصري شاهه قبرستان ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (20)
(3)        مڪتب محمديه مسجد حق آباد ڪالوني ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (60)
(4)        مڪتب انوار القرآن القاسميه تحصيل ٽنڊو غلام حيدر ضلع بدين تعداد طلباء تقريبآ (80)
(5)        مڪتب تعليم القرآن نڪوٽي ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (70)
(6)        مڪتب تعليم القرآن ڳوٺ چانبيه تحصيل بٺورو ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (30)
(7)        مڪتب انعام القرآن دونهائي لڳ تحصيل ڏيپلو ضلع مٺي ٿر تعداد طلباء تقريبآ (100)
(8)        مڪتب تجويد القرآن قاسميه ڳوٺ غلام حسين ٻُهريو جاتي تعداد طلباء تقريبآ (60)
(9)        مدرسه القاسميه گومناره ڳوٺ لڳ شهر سجاول تعداد طلباء تقريبآ (160)
(10) مڪتب تعليم القرآن قاسميه گجو نزد شهر سجاول تعداد طلباء تقريبآ (50)
(11) مڪتب تبليغ القرآن گهوٽارو لڳ شهر سجاول تعداد طلباء تقريبآ (75)
(12) مڪتب تعليم القرآن ڳوٺ لالاڻي نزد نودو ٻارڻ ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (30)
(13) مدرسه دار القرآن قاسميه ڳوٺ محمد ابراهيم ٻارڻ ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (60)
(14) مدرسه تعليم القرآن القاسميه ڳوٺ کنبير جمالي تحصيل شاهه بندر تعداد طلباء تقريبآ (65)
(15) مدرسه دار القرآن قاسميه ڳوٺ علي محمد چانيه تعداد طلباء تقريبآ (20)
(16) مدرسه عشاتبه دڙو شهر تعداد طلباء تقريبآ (80)
(17) مدرسه قاسميه ڳوٺ غازي خان چانگ
(18) مدرسه فيض القرآن شهر سني گوني ضلع بدين تعداد طلباء تقريبآ (150)
(19) مدرسه ارشاد القرآن نودو ٻارڻ ضلع سجاول تعداد طلباء تقريبآ (40)
(20) مدرسه تعليم القرآن ڳوٺ علي محد سمون لڳ دم دمو تعداد طلباء تقريبآ (50)
(21) مسجد عثمانيه باغ محله شهر چوهڙ جمالي تعداد طلباء تقريبآ (50)
(22) مدرسه نور القرآن ڳوٺ بخورنه ضلع بدين تعداد طلباء تقريبآ (30)
(23) مدرسه نور القرآن ڳوٺ ڳالهائو ضلع مٺي تعداد طلباء تقريبآ (80)
(24) مدرسه تعليم القرآن ڳوٺ رئيس احمد خان لغاري تعلقه تعداد طلباء تقريبآ (150)
(25) مدرسه و جامع مسجد عثمانيه ڳوٺ سالار سميجو تحصيل بٺورو تعداد طلباء تقريبآ (50)
(26) مدرسه باب الاسلام قاسميه ڏيپلو ضلع مٺي تعداد طلباء تقريبآ (160)
(27) مدرسه تعليم القرآن قاسميه ڳوٺ ويڙي جهڙپ ضلع مٺي ـ تعداد طلباء تقريبآ (170)
(28) مدرسه تعليم القرآن قاسميه ڳوٺ نم جت ضلع بدين ـ تعداد طلباء تقريبآ (60)
(29) مدرسا جامعه اسلاميه دار القرآن القاسميه هوٿي خرچ ـ تعداد طلباء تقريبآ (50)
(30) مدرسه تعليم القرآن احمد راڄو ضلع بدين ـ تعداد طلباء تقريبآ (70)
(31) مدرسه تعليم القرآن گاسري لگ جاتي ضلع سجاول ـ تعداد طلباء تقريبآ (90)
(32) مدرسه تعليم القرآن القاسميه ڳوٺ گلشير سنجراڻي ـ تعداد طلباء تقريبآ (110)
(33) مدرسه تعليم القرآن القاسميه ڳوٺ گونگڙ چوهڙ جمالي روڊ ضلع سجاول ـ تعداد طلباء تقريبآ (60)
(34) مدرسه نور القرآن ڳوٺ ٻوراڻو بنگلو ـ تعداد طلباء تقريبآ (45)
(35) مدرسه تعليم القرآن قاسميه ٽنڊو باگو ضلع بدين ـ تعداد طلباء تقريبآ (50)
(36) مدرسه انوار القرآن قاسميه ڳوٺ حسن شاهه ــ شاهه بندر ضلع سجاول ـ تعداد طلباء تقريبآ (160)
(37) مدرسه تعليم القرآن علي محمد ٻارڻ لڳ شهر سجاول ـ تعداد طلباء تقريبآ (30)
(38) مدرسه تعليم القرآن ڇيلها ضلع مٺي ـ تعداد طلباء تقريبآ (100)
(39) مدرسه تعليم القرآن ڳوٺ ڊابي ضلع مٺي ـ تعداد طلباء تقريبآ (50)
۽ ان کان علاوه سندن علمي شاهڪار مدرسه دار الفيوض القاسميه جيڪو سنڌ جي عظيم ديني درسگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن مان هر سال تقريبآ  پنجاهه کان سٺ فاضل درس نظامي فارغ التحصيل ٿين ٿا اداري جي تعمير ۽ توسيع خوبصورت مسجد القاسميه ۽ دارالحديث جنهن مان اڄ به حضرت استاذ رحه جي خوشبو مهڪي رهي آهي ڏسڻ جي لائق آهن تقريبآ 300 مسافر طلبه جن جو تعلق فقط درس نظامي سان آهي رهائش ۽ ماهر تجربه ڪار اساتذه ڪرام جي نگراني ۽ تعليم ۽ تربيت سان هي ادارو گهڻن  ادارن کان فائق آهي.
شال الله تعاليٰ ان اداره کي پنهنجي خاص حفاظت ۾ رکي تا قيامت ان اداري کي ترقي عطا فرمائي.
سائين قاسمي رحه جي رفع درجات جو سبب بنائي. (آمين)
ان کان سواءِ ڪيترائي مڪاتب ۽ مدارس حضرت سائين رحه جن زير شفقت هئا مندرجه بالا تمام ادارا جن جي مڪمل ڪفالت حضرت سائين قاسمي رحه پاڻ ڪرڻ فرمائيندا هئا.
واضح رهي ته مٿي جن مدارس ۽ مڪاتب جو ذڪر ٿيل آهي انهن تائين پهچڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. انهن ادارن ۾ هر سال ٻه دفعا امتحان جي بهاني حضرت سائين جن جي حڪم سان وڃڻ جو اتفاق راقم الحروف کي گهڻن سالن کان ٿيندو هو.
يقين ڪريو نه رستا نه ئي ڪا سهولت پر حضرت سائين رحه تقريبآ  باوجود پيرانه سالي ۽ معذوري جي مهيني ٻئي مهيني چڪر لڳائيندا هئا ۽ دين لاءِ سندن فڪر ۽ مسلسل محنت ان لائق هئي جو جيڪڏهن آئون سائين رحه کي اندرون سنڌ جو محمد بن قاسم چوان ته بي جا نه ٿيندو.
انهن علائقن کي توحيد و سنت جي روشني پهچائڻ ۾ سائين جن جو مرڪزي ڪردار هو اڄ به انهن سڀني ادارن کي سندس ڀائيٽو ۽ ناٺي استاد محترم مولانا محمد اسماعيل دامت برڪاتهم العاليه ڪما حقه نگهباني ڪري رهيا آهن ۽ مشفق ۽ مربي جي نقش قدم تي سائين اسماعيل صاحب حفظه الله جيڪي دار الفيوض القاسميه جا مهتمم آهن ۽ انهن ادارن جي مڪمل ڪفالت ڪري رهيا آهن شل الله سائين انهن ادارن کي تا قيامت آباد ۽ شاداب رکي ۽ منهنجي استاد جي هن عظيم فيض کي تا دير جاري رکي آخر ۾ هن شعر تي پنهنجي ڳالهه ختم ڪريان ٿو.
نوراللہ مرقدہ و برد مضجعہ وجعل الجنۃ الفردوس مشواہ (آمین)

ماڻهو سڀ نه سهڻا ــ پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منج ــ اچي بوءِ بهار جي

ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی ہے
بڑی دیر سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ پیدا


فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت