روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا - روزا ڊاڪٽرن ۽ دانشورن جي نظر ۾


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
روزا ڊاڪٽرن ۽ دانشورن جي نظر ۾
-------

روزو اسلام جو هڪ بنيادي رڪن آهي. قرآن و حديث ۾ ان جي باري ۾ واضح ۽ صاف احڪامات موجود آهن ۽ ان جي فضيلت ۽ اهميت کي گهڻين حديثن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ۽ هن دور ۾ ته مغرب جا متعصب ڊاڪٽر ۽ دانشور به روزي جي اهميت ۽ افاديت جي اقرار ڪرڻ تي مجبور آهن انهن مان چند ڊاڪٽرن ۽ دانشورن جي خيالات کي ذڪر ڪجي ٿو.



ڊاڪٽر ايمرسن صاحب
ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته فاقي ۽ بک جي بهترين صورت روزو آهي، جيڪو اسلامي ماڻهن جي طريقي جي مطابق رکيو وڃي ٿو. آءُ توهان کي اهو مشورو ڏيندس ته توهان کي جڏهن فاقي ۽ بک برداشت ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ته پوءِ اسلامي طريقي جي مطابق روزا رکندا ڪريو. ڊاڪٽر يا حڪيم جنهن طريقي سان بک ۽ فاقو ڪرائين ٿا اهو طريقو بالڪل غلط آهي.

ڊاڪٽر رچرڊ صاحب
ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته جنهن به انسان کي نفس جي پاڪائي جي ضرورت پيش اچي ته ان جي لاءِ ضروري آهي ته اهو ڪثرت ۽ گهڻائي سان روزا رکي ۽ آءُ مسيحي ۽ عيسائي ڀائرن کي مشورو ڏيان ٿو ته اهي ان ڳالهه ۾ مسلمانن جي پيروي ڪن ڇو جو مسلمانن جي روزي رکڻ جو طريقو بهترين آهي.

ڊاڪٽر جي جيڪٽ صاحب
ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو روزا رکڻ بيمارين کان اڳواٽ حفاظت جي لاءِ ۽ صحت و تندرستيءَ جي قيام جي لاءِ بهترين ۽ مفيد تدبير آهي.

ڊاڪٽر ميڪل صاحب
ڊاڪٽر صاحب جو رايو آهي ته روزي رکڻ سان انسان جا خيال پريشان نٿا ٿين ۽ جذبات جي جيڪا تيزي آهي اها به ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انسان براين ۽ بدڪارين کان بچي وڃي ٿو ۽ روزي جي حالت ۾ اڪيلائي واري زندگي سٺيءَ طرح گذري ويندي آهي.

ڊاڪٽر بلزاڪ صاحب
ڊاڪٽر صاحب 1946ع ۾ جيڪو پنهنجي وقت جو مشهور ڊاڪٽر هيو ان جو چوڻ هيو ته بيمار ماڻهوءَ کي ڪيترائي ڏينهن دوا استعمال ڪرڻ کان بهتر آهي ته اهو هڪ ڏينهن روزو رکي.

ڊاڪٽر جوزف صاحب
ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته روزي سان ظاهري ۽ باطني غلاظتون ۽ گندگيون انسان کان دور ٿي وڃن ٿيون ۽ روزو روحاني ۽ جسماني برائين کي ختم ڪري ٿو.

ڊاڪٽر ايڊورڊ نڪلسن صاحب
ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن روزو رکڻ انساني صحت ۽ تندرستيءَ جي لاءِ مفيد ۽ بهترين آهي.

پروفيسر وي ــ اين ــ نڪٽين صاحب
روس جي ماهر الابدان پروفيسر وي ـ اين ـ نڪٽين صاحب جو خيال آهي ته جيڪڏهن انسان يقيني طور تي ٽن اصولن جي تحت زندگي گذاريندو ته ان جي جسم جا زهريالا مادا ۽ جزا خارج ٿي ويندا ۽ انسان کي جلدي پوڙهي ٿيڻ کان روڪيندا.
(1)         انسان گهڻي محنت ڪري. ڪو اهڙو پيشو اختيار ڪيو وڃي جيڪو انسان کي ذهني طور تي به قوت بخشي ۽ دل پسند به هجي ان پيشي ۾ انسان محنت سان ڪم ڪري.
(2)         انسان ڪافي حد تائين ورزش ڪري ۽ خاص طور تي گهڻو گهمڻ ڦرڻ گهرجي.
(3)         توهان پنهنجي پسند جو کاڌو کائو مگر مهيني ۾ هڪ ڀيرو ضروري طور تي فاقو ۽ بک برداشت ڪريو (يعني روزو رکو(

ڊاڪٽر لوگان صاحب
ڊاڪٽر صاحب جيڪو ڪيليفورنيا (امريڪا) جو هڪ مشهور ڊاڪٽر آهي اهو روزي جي باري ۾ لکي ٿو ته آءُ جڏهن بيمار ٿيندو آهيان ته پوءِ دوا استعمال ڪرڻ جي بجاءِ روزو رکندو آهيان جنهن سان جلدي صحتياب ٿي ويندو آهيان.

ڊاڪٽر هنگر صاحب
ڊاڪٽر هنگر صاحب جو خيال آهي ته سختين ۽ مصيبتن، بک ۽ اڃ کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ روزي کان وڌيڪ بهتر ڪابه شئي نٿي ٿي سگهي.

ڊاڪٽر سرجيس مارگوليس صاحب
ڊاڪٽر سرجيس مارگوليس صاحب امريڪا جي شڪاگو يونيورسٽيءَ جي ماهر ۽ مشهور ڊاڪٽرن مان آهي هو پنهنجي ڪتاب “روزي داري ۽ گهٽ کائڻ” ۾ لکي ٿو ته انسان کي لاعلاج بيمارين جي سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ جن شين حيران ڪيو اهو قدرت جو ڪرشمو ۽ علاج جو روحاني طريقو  آهي ان کان پوءِ مرض ۽ بيمارين کي دور ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪا شئي سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز آهي ته اهو فاقو ڪرڻ، روزو رکڻ يا برت آهي، جيڪو قديم زماني کان انسانن جي گهڻو ڪري هر گروهه ۾ ملي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته روزو انسان جي جسماني صحت جو اهڙو عمدو ڦل پيش ڪري ٿو جو جيڪڏهن ان جي فائدن کي سُون جي پاڻيءَ سان لکيو وڃي ته صحيح آهي.

پروفيسر افتخار احمد صاحب
ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر افتخار احمد صاحب جي تحقيق جي مطابق، روزو معدي ۽ جگر جي بيمارين جي لاءِ بيحد مفيد آهي. پيٽ جي پراڻين بيمارين جا شڪار ٿيل ماڻهون ان مان خاص فائدو وٺي سگهن ٿا ۽ روزو جسم جي چرٻي ۽ نمڪيات کي اعتدال واري حالت ۾ رکڻ ۾ مدد ڏي ٿو ۽ هاضمي جي نظام کي مضبوط بڻائي ٿو.

پروفيسر محمود علي صاحب
علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر محمود علي صاحب جو چوڻ آهي ته جيڪي بيمار ماڻهون خوراڪ يا گورين جي ذريعي علاج ڪري رهيا آهن انهن جي لاءِ ان مرض جو بهترين علاج گهٽ کاڌو کائڻ آهي ۽ روزا ان جو بهترين موقعو فراهم ڪري رهيا آهن.

روزا ۽ هائي بلڊ پريشر
هائي بلڊ پريشر سان بيمار کي مونجهه ٿيندي آهي ۽ اها مونجهه ان جي رت جي دٻاءَ ۾ اڃا به اضافو ڪندي آهي. ان جا ڪيترائي سبب هوندا آهن. رت جو دٻاءُ، فڪر، غير معمولي مصروفيتون، طرح طرح جون پريشانيون، ۽ نفسياتي سببن جي ڪري به هائي بلڊ پريشر ٿيندو آهي. مستقل طور تي ڪاوڙ ڪرڻ سان به شڪايتون  پيدا ٿي سگهن ٿيون.
ٿولهه، سستي ۽ سڻڀن کاڌن جي استعمال سان جيڪڏهن جسم جي چرٻي ايتري گهڻي جمع ٿي وڃي جو ان جا جزا يا ٽڪرا شريانين ۾ به ڦاسجڻ لڳن ته دل کي معمول کان وڌيڪ زور لڳائڻو پوندو آهي اهڙيءَ طرح رت جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي.
انهن سمورين تڪليفن کان بچڻ جي لاءِ فاقو ۽ بک برداشت ڪرڻ بيحد مفيد آهي ۽ اهڙن بيمارين جي لاءِ رمضان شريف جا روزا بهتر ۽ مفيد آهن.

دل جو دورو ۽ روزا
دل جي دورن جي اسباب ۾ ٿولهه، مسلسل پريشاني، چرٻيءَ جي زيادتي، شوگر، بلڊ پريشر ۽ سگريٽ نوشي شامل آهن. روزا انهن سڀني سببن جو خاتمو ڪري انسان کي دل جي دوري کان محفوظ رکي ٿو.
۽ دورِ حاضر ۾ اهڙيون دوائون به موجود آهن جيڪي ڏينهن ۾ صرف هڪ ڀيرو ورتيون وڃن ته تڏهن به مؤثر آهن تنهن ڪري دل جا مريض آسانيءَ سان روزو رکي سگهن ٿا. اهڙي طرح دل جي مريض جي لاءِ به روزو تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي. اهو ائين جو دل جيڪو رت جسم کي سپلائي ڪري ٿي ان جو ڏهه سيڪڙو کاڌي کي هضم ڪرڻ جي لاءِ هاضمي جي عضون ۾ هليو ويندو آهي ۽ اهو مقدار روزي جي دوران گهٽ ٿي ويندو آهي ڇو جو ڏينهن ۾ هاضمي جو ڪم نٿو رهي ۽ دل جي وڌي وڃڻ ۾ به روزو بيحد مفيد ثابت ٿيو آهي.

تِري، جگر ۽ بُڪين تي روزن جو اثر
روزي جي حالت ۾ جسم ۽ بدن ۾ صفائي جو جيڪو عمل ٿيندو آهي ان سان جگر ۽ بُڪين کي خاص طور تي فائدو پهچي ٿو. اگر تري وڌي ويئي هجي ته روزي رکڻ سان گهٽجڻ لڳي ٿي ۽ جلدي ۾ پنهنجي اصلي حالت جي طرف موٽي ايندي آهي، جگر جو ڳنڍو پوريءَ طرح ۽ مستقل طور تي روزن رکڻ سان چڱو ڀلو ٿي ويندو آهي. ان مقصد جي لاءِ چئن هفتن يعني مهيني جا روزا بلڪل ڪافي ۽ مفيد ثابت ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح بڪين جون به تمام گهڻيون شڪايتون به روزن سان دور ٿي وڃن ٿيون.

زبان ۽ ساهه کڻڻ تي روزن جو اثر
روزن جو اثر زبان تي خاص طور سان ڏٺو ويو آهي، عام طور تي ماڻهو چوندا آهن ته جيڪڏهن مريض جي زبان صاف هجي ته ان جي تندرستيءَ جي علامت ۽ نشاني آهي ۽ جيڪڏهن زبان صاف نه هجي ۽ ان تي ڪو تهه چڙهيل هجي ته انسان ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ ۾ ڦاٿل هوندو آهي. روزن اهو نظريو بالڪل غلط ثابت ڪيو آهي تنهن ڪري زبان تي تهه جو چڙهيل هجڻ، زبان جي صاف هجڻ جي بنسبت گهڻو بهتر سمجهيو ويو آهي. ۽ ان کي تندرستيءَ جي علامت قرار ڏنو ويو آهي. اها حقيقت ان حقيقي امر تي مبني آهي ته زبان ڪيتري به صاف ڇونه هجي پر روزي کان پوءِ ان ته هڪ تهه چڙهي ويندو آهي ۽ ڏينهن به ڏينهن اهو تهه ٿلهو ٿيندو ويندو آهي. جن ماڻهن کي روزن جي ذريعي علاج جو تجربو آهي اهي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته روزي جي پهرين ڏينهن مريض جو حال ايترو بهتر نه هوندو آهي جيترو روزن تي هڪ هفتو گذارڻ کان پوءِ هوندو آهي.
روزي جي حالت ۾ تدبيري قوت بدن جي سڀني فاضل شين کي خارج ڪندي آهي. تنهن ڪري زبان تي جيڪو تهه چڙهجي وڃي ٿو اهو جسم جي فاضل رطوبتن جو هوندو آهي ۽ اهو ان امر جو ثبوت آهي ته بدن جون فاضل رطوبتون خارج ٿين ٿيون ۽ تندرستي پيدا ٿي رهي آهي. روزي جي حالت ۾ وات جي ٻاڦ جون تبديليون به خاص توجه جي لائق آهن.

معدي تي روزن جو اثر
انسان جو معدو جڏهن کاڌي کان خالي هوندو آهي ته ان جو ڪل وزن نَوَ تولا هوندو آهي، قدرت انسان جي حرص کي سامهون رکندي معدي جو ميدان عارضي طور تي ويڪري ٿيڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي. اصل ڳالهه هي آهي ته اسين جيڪو به کاڌو کائيندا آهيون اهو معدي ۾ خمير وانگر ڦوڪجي وڃي ٿو، ۽ معدي جي چئني پاسن ۾ پکڙجي وڃي ٿو، قدرت معدي جو ميدان ان ڪري کلڻ وارو ٺاهيو آهي ته اتي وڃي کاڌو ملي وڃي ۽ ولوڙجي سگهي. کاڌي کائڻ سان نَوي سيڪڙو ماڻهن جو معدو  ڇڪجي ويندو آهي، جيڪڏهن معدو ڪجهه خالي هجي ته ان ۾ سٺيءَ طرح کاڌي جا ٽڪرا ٿي وڃن، انهن مان بدن ۽ جسم کي درستي رکڻ جي لاءِ ڪارآمد رت، فاسفورس، فولاد، ۽ پروٽين جا جزا الڳ ٿي ڪري جسم جي اڏاوت تي خرچ ٿين ٿا. رمضان شريف جي برڪت سان اسان جي معدي ۽ آنڊن کي ٻارهن، تيرهن ڪلاڪن جو آرام ملي وڃي ٿو، ان هڪ مهيني جي مشق سان اسان جي معدي جو وڪڙ، چڪ، السر ۽ ڪينسر جا ننڍا وڏا زخم، بدبودار خراب اوڳرايون، وات ۾ پاڻي ڀرجي اچڻ ۽ بک جي گهٽتائي، انهن سمورين بيمارين کان ڪافي حد تائين فائدو حاصل ٿئي ٿو ۽ انسان صحتمند بڻجي وڃي ٿو.

ڪينسر تي روزن جو اثر
دورِ حاضر ۾ ئي تحقيق جي نتيجي ۾ اهو حيرت انگيز انڪشاف ٿيو آهي ته روزو ڪينسر جي روڪٿام ڪري ٿو، روزو جسم ۾ ڪينسر جي سيلن جي واڌ کي روڪي ٿو. روزي جي حالت ۾ گلوڪوز گهٽ ٿئي ٿو جسم توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چرٻيءَ جو استعمال ڪري ٿو. ان عمل ۾ (Ketone Bodies) به پيدا ٿين ٿيون. جيڪي پروٽين کي ننڍن ذرڙن ۾ ڀڃڻ جي عمل کي روڪن ٿيون.
ڪينسر جي سلين کي پنهنجي نشونما جي لاءِ پروٽين جي ننڍن ذررن جي ضرورت هوندي آهي. روزي جي حالت ۾ اهي ذرڙا گهٽ پيدا ٿين ٿا تنهن ڪري ڪينسر جي روڪٿام ٿئي ٿي. جسماني ڪيفيتن ۽ مرضن جو علم اسان کي اڄ سائنس جي تحقيق کان پوءِ ٿيو آهي، پر ڪامل رهبر ﷺ جن صديون اڳ اسان کي اهو نظام بخشيو جيڪو صرف رحمت ۽ برڪت آهي.

شوگر جي مرض تي روزن جو اثر
ذيابيطس جنهن کي عام طور تي شوگر جو مرض چيو ويندو آهي. شوگر جي باري ۾ پروفيسر محمود علي پرنسپل علامه اقبال ڪاليج جو چوڻ آهي ته جيڪي بيمار خوراڪ يا گورين سان علاج ڪري رهيا آهن انهن جي لاءِ ان مرض جو بهترين علاج گهٽ کاڌو کائڻ آهي ۽ روزو ان جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. اگر روزي رکڻ ۽ کولڻ جي وقت حد کان وڌيڪ خوراڪ نه کاڌي وڃي ته شوگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بيحد مؤثر ثابت ٿي سگهي ٿو.

پنجن ئي حَواسن تي روزن جو اثر
روزن جي ڪري انسان جي پنجن ئي حواسن تي حيرت انگيز فرق پوي ٿو. نظر ۾ نمايان اضافو ٿئي ٿو. اهو ئي حال ٻڌڻ واري قوت ۽ سنگهڻ واري قوت جو آهي. ۽ اهي قوتون ايتري قدر ته تيز ٿي وينديون آهن جو ان تيزيءَ جو مثال گذريل عمر ۾ نه ملندو.
اڪثر ماڻهن کي ڏٺو ويو آهي ته روزن جي ذريعي علاج کان اڳ عينڪ استعمال ڪندا هئا پر روزن کان پوءِ انهن جي اکين جي نظر صاف ۽ روشن ٿي وئي ۽ روزن جي ذريعي علاج ڪرڻ سان ٻڌڻ جي قوت معمول کان وڌي ويندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪنن جي پردن تي هوا جو مناسب دٻاءُ پوي ٿو. چکڻ واري قوت جو به اهو ئي حال آهي ۽اهي سڀئي خرابيون روزن جي ڪري ختم ٿي وينديون آهن.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت