چاچا منهنجي امي ڪٿي آهي؟ بلوچ صحبت علي





چاچا منهنجي امي ڪٿي آهي؟
بلوچ صحبت علي



چاچا!
منهنجو ابو ڪٿي آهي؟،
اسان ڪٿي آيا آهيون،
ڇا اسان ڀوريوالا پهچي ويا آهيون؟
امي شادي ۾ پارائڻ لاءِ
مون لاءِ نوان ڪپڙا آندا هئا،
چاچا!
توهان کي ته مون ڪڏهن به نه ڏٺو هو،
توهان ڪير آهيو؟
هي اجنبي ڪير آهن؟.
اسان جي اردگر،
چاچا!
منهنجي امي ڪٿي آهي؟،
چاچا!
منهنجي امي،
مون کي،
اريبا کي ۽
عمير کي پنهنجي هنج ۾ هيٺ ڇو لڪائي رهي هئي،
منهنجي امي ته منهنجو گهڻو خيال ڪندي آ،
هو مون کي ٻاهر وڃڻ به نه ڏيندي هئي؟،
هو چوندي هئي ته تون اڃان ننڍي آهين؟
هو بيڊ تي پيل ڪمبل منهنجي مٿان اوڍيندي هئي،


چاچا!
منهنجو بابا! مون لاٰ روز شام جو
شيون آڻيندهو،
هينر شام ٿي وئي،
منهنجو ابو اڃان نه آيو آهي؟
ابو دير ڪندو هو ته مان امي ڱي چوندي هئيس،
”امي! ابو کي فون ڪر، ابو دير ڇو ڪئي آهي،
ابو ڪٿي آهي؟
هاڻي مون کي ،
ڪير فون ڪري ڏيندو؟
۽ منهنجي ڀيڻ کي ڪير گهمائڻ وٺي ويندو؟
چاچا!
اسان هاڻي ڪوٽ لکپت ڪڏهن به نه اينداسين،
اسان هاڻي”ڀوريا والا“ به ڪڏهن نه وينداسين،
چاچا!
هاڻي گهرن کان ٻاهر نه نڪرنداسين.
چاچا!
گهڻي دير ٿي وئي آ،
منهنجو ابو نه آيو آ،
منهنجي امي به نظر نه ٿي اچي،
منهنجي ڀيڻ اريبا،
جيڪا مون سان راند ڪندي هئي،
اها به نظر نه ٿي اچي،
اسان ڪٿي آهيون،
هتي سڀ اجنبي آهن.
چاچا! مون واري کير جي بوتل ڪٿي آهي،
منهنجي ڪپڙن تي هي رت ڪنهنجو آهي؟
چاچا ! هي هيترا ماڻهو
اسان سان ڇو ٿا ملڻ اچن!
هو اسان جي مٿي تي هٿ ڇو ٿا رکن!
چاچا!
اسان کي گهر وٺي هلو،
منهنجي امي مون لاءِ ڏاڍي پريشان ٿيندي هوندي،
هو مون کي ڳوليندي هوندي،
هو پاڙي جي آنٽي جي گهر ۾
مون کي ڳولڻ وئي هوندي،
منهنجي امي مون لاءِ
پريشان هوندي ،
مون کي امي ڏي وٺي هلو،
مون کي بابا ڏي وٺي هلو،
مون کي منهنجي ڀيڻ اريبا ڏي وٺي هلو،
مان به هنن سان وڃڻ چاهيان ٿي،
چاچا !
هو مون کي پاڻ سان
ڇو نه وٺي ويا؟
هو سڀ ڪاڏي هليا ويا؟
امي چوندي هئي ته مان ننڍڙي آهيان اڃان،
مون کي پاڻ سان نه وٺي ويندا ها،
اڄ به
مون کي نه ٻڌايو ٿن،
پاڻ اچانڪ ،
هليا ويا
مون کي ته ٻڌائي به نه ويا،
مون کي به پاڻ سان نه وٺي ويا،
چاچا!
توهان جا ٻار آهن،
توهان به ائين ئي ٻارڙن کي ڇڏي هليا ويندا آهيو؟
چاچا!
هي وردي وارا ڪير ها،
جن وٽ بندوقون هيون،
۽ بارود هو،
چاچا! منهنجو بابا هنن کي چوندو رهيو ته
اسان دهشگرد نه آهيون،
امي انهن کي ايلاز ڪيا ته
اسان جي معصوم ٻچڙن تي رحم ڪيو،
پر انهن هڪ به نه ٻڌي،
چاچا دهشتگرد ڪير آهن“،
ڪٿي آهن؟
ڪنهنجي پناهه ۾ آهن؟
دهشتگرد ڪيئن ٿيندا آهن؟
منهنجي بابا کي،
منهنجي ابي کي
منهنجي ڀيڻ
تي ايڏي فائرنگ ڇو ڪئي ٿن،
ڇا اسان دهشتگرد آهيون؟....
چاچا!
توهان جا ٻار به دهشگرد آهن،
ڇا ماءَ پنهنجي ٻارن کي اغوا ڪندا آهن،
ڇا توهان به پنهنجن ٻارن کي اغوا ڪندا آهيو؟
چاچا ! ڇا انهن وردي واران جا ننڍڙا ٻار نه آهن؟
مون کي منهنجو ابو آڻي ڏيو؟
مون کي منهنجي امي آڻي ڏيو؟
پليز پليز چاچا پليز!
چاچا چون ٿا ته
هتوهان وٽ ته وڏا وڏا ماڻهو مهمان آهن،
پوءِ توهان منهنجي پي ماءَ کي به مهمان ڪيو ها؟
اسان توهان کي ڪڏهن به تنگ نه ڪيون ها؟
پوءِ اسان کي مهمان ڇو نه ڪيو؟

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت