حضرت قلندر لعل شهباز ــ بلند پاي جو شاعر - آزاد انور ڪانڌڙو
حضرت قلندر
لعل شهباز ــ بلند پاي جو شاعر
آزاد انور ڪانڌڙو
سنڌ بزرگن، اوليائن، عالمن، صوفين ۽
شاعرن جو ديس رهي آهي. اوليائن، بزرگن جون درگاهون ۽ انهن جا آماجگاه پيار، محبت،
امن، اتحاد، ڀائپي جي درس جو مرڪز رهيا آهن. سنڌ جي اوليائن، بزرگن، عالمن، شاعرن
انسانيت، ڌرتيءَ سان محبت، امن ۽ اتحاد جو عالمگير پيغام ڏنو آهي. اهو پيغام ۽ فڪر
پوري دنيا لاءِ ڪشش جو باعث رهيو آهي. حضرت سيد محمد عثمان مروندي پڻ محبت، امن، ڀائيچاري
۽ اتحاد جو پيغام ڏنو. حضرت قلندر لعل شهباز اعليٰ پايي جي بزرگ، ولي سان گڏ بلند
پايي جو شاعر به هو ۽ سندس درگاهه پيار، محبت، امن، اتحاد ۽ ڀائپي جي درس جو وڏو
نمونو آهي.
قلندر لعل شهباز به سنڌ جي ٻين بزرگن،
اوليائن ۽ صوفي شاعرن وانگي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان محبت جي درس سان گڏ پوري
انسانيت سان پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. حضرت قلندر لعل شهباز اسان وٽ
گهڻو ڪري رڳو هڪ ولي، بزرگ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس شاعراڻي حيثيت گهٽ
متعارف ٿي آهي. پر حقيقت ۾ هو جيترو وڏو ولي، بزرگ آهي، اوترو وڏو بلند پايي جو
شاعر به آهي. سندس سمورو ڪلام فارسي ۾ آهي. جنهن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته ان
۾ هجر ۽ فراق جي تڪليفن ۽ قربِ الاهيءَ سان گڏ ڌري ۽ انسانيت جي محبت جو درس به
ملي ٿو.
سڄي دنيا ۾ هڪ وڏي اولياءِ، ولي، بزرگ
جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ سنڌ جي هن غير معمولي شاعر جو گهڻو ڪلام ملي ناهي سگهيو،
پر جيڪو ڪلام فارسي توڙي سنڌي ترجمي جي صورت ۾ موجود آهي. ان ۾ تصوف ۽ هيڪڙائي جا
رنگ آهن، هيٺ سندس ڪجهه فارسي شعر مرزا اجمل بيگ، رئيس ضياءُ الدين بلبل ۽ حڪيم
غلام محمد سومرو “عرشي” پاران سنڌي ويس ۾ پيش ڪجن ٿا.
ٿيس موتي،
پيل بحر ــ جلال الله ۾ آهيان،
۽ موسيٰ مثل
مان حلقئه ڪيلم الله ۾ آهيان.
ڪڏهن ٿو تخت
تي تڙپان، ڪڏهن سوليءَ تي ٿو مرڪان،
عجائب اڻ ڏٺل
جي چاڙهه ۾، ۽ لاهه ۾ آهيان.
اڙي عثمان
مروندي! ڪرين مستي ٿو عالم ۾،
سوا مستيءَ ۽
مدهوشيءَ، نه ڪنهن ٻئي چاهه ۾ آهيان.
قلندر لعل شهباز جو جيڪو ڪلام آهي ان کي
پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته قلندر لعل شهباز بلند پايي جو شاعر هو ۽ سندس ڪلام مقصديت
سان ڀرپور آهي. سندس ڪلام ۾ اهي سڀ صفتون ۽ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ بلند پايي
شاعر جي ڪلام ۾ هئڻ گهرجن. قلندر لعل شهباز سنڌ جي انهن غير معمولي شاعرن مان آهي،
جن اسلامي تعليم ، تصوف، وحدت الوجودي فلسفي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي شاعري ذريعي
توحيد ۽ رسالت، انسان ۽ ڪائنات جي حقيقت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي، وحدت ۽ ڪثرت جي
رازن کي بيان ڪيو. پاڻ حُسين بن منصور حلاج ۽ شمس تبريز واري صوفياڻي سلسلي جو
وحدت الوجودي فلسفي هو. پنهنجي شعرن ۾ به اُن جي عڪاسي ڪري ٿو، هيٺ قلندر لعل
شهباز جا ڪجهه شعر ملاحظه فرمايو:
اڙي عثمان
پنهنجو راز ڏي، تون راز دارن کي،
ته حاصل توکي
ٿئي جانب جهان ۾ جمع اغيار آ.
وراڻيو مون
ته ٽوٻن جان گهڙان ٿو مان ٻڌي سندرو،
ڊڄان ڇا لاءِ
واڳن کان جتي گل آ اُتي خار آ،
ٻڌم آواز حق
جو ڇا، نه توکي جان پياري آ،
انهيءَ دريا
۾ مشتاقن جي جان ۽ دل نگوسار آ.
اڄ آهي شاهُه
شاهان، مهمان ٿيو اسان جو،
جبريل يا
ملائڪ، دربان ٿيو اسان جو.
جنهن بحر بيڪران
۾، ڪانهي ڪنڌي پڄڻ جي،
تنهن ۾ بغير ڪشتي،
پايان ٿيو اسان جو.
شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه لطيف، سچل
سرمست وانگر قلندر لعل شهباز جو شمار به انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجي سڄي زندگي
الله، ان جي رسول الله ﷺ ۽ اهلبيت جي ثنا
۾ گذاري، جيتوڻيڪ بظاهر قلندر لعل شهباز هڪ درويش، ولي ۽ صوفي بزرگ هو، پنهنجي
مستي ۾ مست الست رهندو هو. هن جو ڪنهن به مسلڪ سان واسطو نه هو. پر قلندر لعل
شهباز جو مسلڪ الله تعاليٰ جي پاڪ ذات سان محبت ۽ عشق آهي، هو پنهنجي شعر ۾ پنهنجي
عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته، الله تعاليٰ جي ذات جي عظمت ۽ عزت تمام مٿاهين
آهي. زماني جا شهنشاهه به ان جي در جا غلام آهن، هو پاڻ کي گنهگار سمجهندي، پنهنجي
مالڪ جي فضل ۽ ڪرم جي نظر جو طالبو آهي ۽ پاڻ کي اوڻائين ۾ ڦاٿل سمجهي، ان جو
اظهار هن ريت ڪري ٿو.
خدايا بر
تراز دانست جاها ــ شهنشاهان غلامان تو شاها
زحد بگذشت ڪار
نا پسندي ــ ڪني فضل و عنايت اين گدارا.
قلندر لعل شهباز مدني مرسل جو سچو عاشق
هو ۽ هن پوري زندگي دين مصطفيٰ جي لاءِ وقف ڪئي ۽ نبي ڪريم ﷺ جي دين جي تبليغ ڪئي. پاڻ رسول الله ﷺ سان عقيدت ۽
محبت جي اظهار واري شعر ۾ محمد ﷺ کي ٻنهي جهانن جو سردار چئي ٿو ۽ دنيا ۾ آدم جي
وجود جو سبب پاڻ ڪريم جي ذات صفات کي سمجهي ٿو ۽ خدا جا شڪر مڃي ٿو. هو پنهنجي
گناهن، خطائن باوجود سمجهي ٿو ته هو محمد ﷺ
جي رهبري ۽ سندس دين ۾ ئي پنهنجي ۽ هر مسلمان لاءِ پناهه سمجهي ٿو. هو پاڻ
کي نبي ﷺ جو غلام ۽ چئن يارن جو تعبيدار
سمجهي ٿو ۽ پاڻ ڪريمن جي ذات کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهي ٿو. پاڻ
عقيدت جو اظهار هيئن ڪري ٿو.
آن شاهه هر
دو عالم عربي محمد است،
مقصود بود
آدم عربي محمد است.
صد شڪر اَن
خدائي ڪه پشت و پناهه خلق،
شهنشاهه مڪرم
عربي محمد است
مار از جرم
حال پريشان خود چه غم،
چون پيشولي ڪارم
عربي محمد است.
آن ڪعبه
معارف آن قبلت اليقين،
آن شاهه دين
پناهم عربي محمد است.
عثمان چوشد
غلام نبي وچهار يار،
اميدش مڪارم
عربي محمد است.
قلندر لعل شهباز روحاني رنگ واري
شاعريءَ ۾ الله تعاليٰ، رسول الله ﷺ ۽
اهلبيت عه سان محبت ڪندڙ هو. سندس جيڪو فارسي ڪلام آهي، ان ۾ اهلبيت عه جي تعريف
به آهي، هونئن به سنڌ جا ماڻهو الله تعاليٰ، رسول الله ﷺ ۽
اهلبيت عه سان بي پناهه عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندا رهيا آهن. اهلبيت عه جي
ذات سان به سندن والهانه محبت رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪربلا جي سانحي کان پوءِ
حضرت امام حسين عه جا ڪيترائي صحابي ۽ اهلبيت عه جا ڪجهه فرد عرب جي زمين پنهنجي
لاءِ تنگ ڏسي سنڌ ۾ پهتا ته ماڻهن کين بي پناهه محبت ڏني. تاريخ جي مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن امام حسين عه ميدان ڪربلا ۾ پهتو ۽ يزيدي سپاهه جي گهيري ۾
اچي ويو ته پاڻ يزيد سپهه سالارن کي جيڪي شرط پيش ڪيائون، انهن شرطن مان هڪ شرط هي
به هو ته مونکي ڇڏيو مان سنڌ ڏانهن هليو وڃان.
قلندر لعل شهباز جي ڪلام ۾ حضرت علي عه
سان عقيدت ۽ محبت جا ڪيترائي مثال موجود آهن. پاڻ حضرت علي عه سان محبت ۽ عقيدت جو
ڀرپور اظهار پنهنجي ڪلام ۾ به ڪيو اٿس ۽ پاڻ کي حضرت علي عه جو غلام، نوڪر ۽ سندس
گهٽيءَ جو ڪتو سڏائي ٿو.
مصطفيٰ جو
وارث علي آهي تون به مڃ
اوليائن جو
سردار علي آهي تون به مڃ،
خدا جو قسم
(ته) رستو ڏيکاريندڙ علي آهي تون به مڃ،
اسان جي
ايمان جو نور علي آهي تون به مڃ،
حيدري آهيان
قلندري آهيان مست آهيان،
مان بندو
مرتضيٰ عليءَ جو آهيان.
منهنجي هٿ ۾
عليءَ جي محبت جو پيالو آهي،
انهيءَ پيالي
مان شراب پيتو اٿم (۽) مست آهيان،
دل جي
صفائيءَ سان حيدري آهيان،
قلندريءَ تي
سندورو ٻڌو اٿم،
حيدري آهيان
قلندري آهيان مست آهيان،
مان بندو
مرتضيٰ عليءَ جو آهيان.
مستن عاشقن
جو رهبر مان آهيان،
عرفان جي سالڪن
جو هادي مان آهيان،
ڇو ته خدا
جي شينهن (علي) جي گهٽيءَ جو ڪتو آهيان،
حيدري آهيان
قلندري آهيان مست آهيان،
مان بندو
مرتضي عليءَ جو آهيان.
حضرت قلندر لعل شهباز پنهنجي شاعريءَ ۾
حضرت بيبي فاطمة زهريٰ عه جي عظمت به خوب بيان ڪئي آهي. پاڻ اُن عقيدت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
حضرت سيده النساء فاطمة الزهرا صلوات
الله عليها،
جنهن کان دين
(کي) پاڪائي ۽ پرهيزگاري ملي،
خدا پاڪ جو
قسم آه ته معصوم (پاڪ) آهي،
انهيءَ (پاڪ)
جي دشمنن تي لعنت ٿو ڪريان،
حيدري آهيان
قلندري آهيان مست آهيان،
مان بندو
مرتضي عليءَ جو آهيان.
حضرت قلندر لعل شهباز ڪربلا جي شهيد
حضرت امام حسين عه ۽ حضرت امام حسن عه سان به محبت ۽ عقيدت جو اظهار پنهنجي ڪلام ۾
خوب ڪيو آهي.
حضرت حسن ۽
حسين عليءَ جو ساهه آهن،
ٻنهي جهانن ۾
انهن جو نالو ظاهر آهي،
حيدري آهيان،
قلندري آهيان، مست آهيان،
مان بندو
مرتضيٰ عليءَ جو آهيان.
حضرت قلندر لعل شهباز ولي، بزرگ پنهنجي
منزل جو ڌڻي ۽ شاعر آهي. سندس عشق جي منزل تي هلڻ لاءِ وڏي قرباني جي ضرورت آهي.
قلندر لعل شهباز جي شاعريءَ ۾ مختلف رنگ آهن. مختلف اندازن سان پيغام ڏئي ٿو. سندس
عشق جا رنگ به نرالا آهن.
محو عاشق ٿا
جمال يار ۾ هر دم رهن،
سي خدا جي
نام جو ٿا ورد صبح و شام ڪن.
سمجهه ۾
ايندا نه هرگز عاشقن جا اصطلاح،
ٿا سواءِ
الله جي هٿ سي دو عالم تان کڻن.
ان جي صورت
کي ڏسڻ لئه هوس مدت کان مئل،
ٿي پيس زنده،
جڏهن حاصل سندس ديدار ٿيو.
حسن جانان جي
تجلي دل تي منهنجي پئي جڏهن،
دل سان گڏ
هيءَ روح منهنجو مخزنِ اسرار ٿيو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي شاعري ۾ رنديت
جا سوين مست، الست جلوا پسي سگهجن ٿا. جيڪي ڪنهن وحدت الوجودي صوفي شاعر جي
شاعريءَ ۾ هجڻ گهرجن. سيوهڻ حضرت قلندر لعل شهباز جي حوالي کان بيحد سڀاڳو آهي جو
حضرت قلندر لعل شهباز سڄي دنيا مان سيوهڻ جي سرزمين جي چونڊ ڪري هتي ئي پنهنجو
آخري آستانو ۽ آمجگاهه بڻائي، زندگي جا آخري ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، هن ئي ڌرتيءَ
تي برقعو مٽائي راههِ حق جو پانڌي ٿيو. ۽ اڄ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڏيهه، پرڏيهه جا
لکين عاشق سيوهڻ ۾ سندس درگاهه تي اچي پنهنجي عقيدت جي اظهار سان گڏ سنڌ، سنڌي
تهذيب ۽ سنڌ جي انسان دوست قدرن کي داد ڏيندي، پنهنجي دل جو اظهار ڪرڻ ۽ عقيدت جا
گل نڇاور ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هتي اچن ٿا. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ
۾ ڪيترائي انسان دوست، صوفي شاعر موجود
آهن. پر حضرت قلندر لعل شهباز جي هڪ منفرد حيثيت آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پير و جوان هتي اچي ڪٺا
ٿين ٿا. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سنڌ ۽ سيوهاڻي لعل جي عاشقن، پانڌيئڙن،
عقيدتمندن کي اهو باور ڪرائجي ته حضرت قلندر لعل شهباز هڪ غير معمولي بزرگ ۽ ولي
سان گڏ هڪ بلند پايي جو آفاقي شاعر پڻ آهي . تڏهن ئي حضرت قلندر لعل شهباز جي روح
کي قرار ملندو. پاڻ هڪ ولي، هڪ صوفي، هڪ شاعر جي حيثيت ۾ تمام اعليٰ مقام رکي ٿو.
سندس زندگيءَ، پيغام ۽ فڪر تي سوانح نگارن، محققن جيترو لکيو آهي ۽ مواد گڏ ڪيو
آهي. ان ۾ سندس ڪلام شامل ڪبو ته حضرت قلندر لعل شهباز اڃان به وڌيڪ نمايان نظر
ايندو.
حضرت قلندر لعل شهباز جو عرس مبارڪ سندس
وفات کان وٺي ملهائبو ايندو آهي. پر عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو دادو ضلعي جي
اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر مرحوم محمد اسماعيل ميمڻ صاحب ڊسمبر 1961ع ۾ “قلندر شهباز
ميموريل ڪاميٽي” قائم ڪري بنياد وڌو. ان ڪاميٽي حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس مبارڪ
جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ حضرت قلندر لعل شهباز جي
زندگي، پيغام، فڪر جي حوالي سان تحقيقي ڪم کي پڻ اڳتي وڌايو ۽ پوءِ ان سلسلي جا
مرحوم تاج صحرائي ۽ حاڪم علي شاهه بخاري روحِ روان بڻيا، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
افسوس ته حضرت قلندر لعل شهباز جي زندگي، فڪر، پيغام، شاعري تي تحقيقي ڪم جي حوالي
سان ڪو ادارو اڄ تائين جڙي ناهي سگهيو، جنهن جي سخت ضرورت به آهي. سنڌ حڪومت،
ثقافت کاتي ۽ ضلع حڪومت ڄامشورو کي ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.
Comments
Post a Comment