سخت ورزش کان پوءِ ماڻھو ڊگھا ۽ تيز ساھ ڇو کڻندا آھن؟

آڪسيجن سان ساھ کڻڻ ۽ آڪسيجن کان سواءِ ساھ کڻڻ واري عمل ۾ ڀيٽ ڪريو
(1)           آڪسيجن سان ساھ کڻڻ جو عمل عام طور جانورن ۽ ٻوٽن ۾ ٿئي ٿو جڏھن ته آڪسيجن کان سواءِ ساھ کڻڻ وارو عمل ڪجھ جيوڙن ۽ مفت خورن ۾ ٿيندو آھي.
(2)           آڪسيجن سان ساھ کڻڻ وارو عمل آڪسيجن جي آزاد حالت ۾ موجودگيءَ ۾ ٿيندو آھي جڏھن ته آڪسيجن کانسواءِ ساھ کڻڻ واري عمل لاءِ آڪسيجن جي موجودگيءَ جي ضرورت نه آھي.
(3)           آڪسيجن سان ساھ کڻڻ واري عمل ۾ گھڻي ۾ گھڻي توانائي کاڌي جي ڳرڻ سان حاصل ٿئي ٿي جڏھن ته بنا آڪسيجن ساھ کڻڻ واري عمل ۾ تمام گھٽ (يعني آڪسيجن واري عمل جو 5 سيڪڙو) توانائي حاصل ٿئي ٿي.
(4)           آڪسيجن سان ساھ کڻڻ واري عمل ۾ ڪوبه زھريلو مادو نٿو ٺھي جڏھن ته بنا آڪسيجن ساھ کڻڻ واري عمل ۾ زھريلا مادا ايٿانول ۽ ليڪٽڪ ائسڊ ٺھن ٿا.

سخت ورزش کان پوءِ ماڻھو ڊگھا ۽ تيز ساھ ڇو کڻندا آھن؟
سخت ورزش کان پوءِ مشڪن جي گھرڙن جي لاءِ آڪسيجن جي گُھرج وڌي ويندي آھي ان ڪري ماڻھو ڊگھا ۽ تيز ساھ کڻندا آھن ته جيئن گھڻي آڪسيجن کڻي سگھن. ان حالت ۾ دل جي ڌڙڪن ۽ رت جو دٻاءُ ۽ دورو به وڌي ويندو آھي آخرڪار ھڪ اھڙي حد اچي ٿي جڏھن دل ۽ ڦڦڙ مشڪن کي وڌيڪ آڪسيجن پھچائي نٿا سگھن اھڙي حالت ۾ گلوڪوز مان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ آڪسيجن کانسواءِ ٿيندڙ عمل جو سھارو وٺڻو پوي ٿو.

جسم ۾ ساھ اندر کڻڻ (Inspiration) ۽ ساھ ٻاھر ڪڍڻ (Expiration)
ساھ کڻڻ جي عمل جو ھڪ اھم حصو ھوا جي اچ وڃ (Ventilation) آھي. ھوا جي اچ وڃ وارو سلسلو ڇاتيءَ جي سوس ۽ واڌ کائڻ سان عمل ۾ اچي ٿو ھن عمل ۾ عضون جا ٻه سيٽ ٻاھريون انٽرڪوسٽل مشڪون ۽ اندريون انٽرڪوسٽل مشڪون ۽ ھيٺيان ٻين مشڪن جي ھڪ جھلي نما شڪمي پڙدي (Diaphragm) حصو وٺن ٿا.

ھوا اندر داخل ٿيڻ (Inspiration) مھل ذڪر ڪيل جھليءَ جون مشڪون سُسي وڃن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ پاسراٽين وارو پڃرو ٻاھر ۽ مٿين طرف ڇڪجي واڌ کائي ٿو جنھن سبب سيني ۾ مجموعي مقدار جي گنجائش وڌي ٿي ۽ ان واڌ سبب اندر جو دٻاءُ خودبخود گھٽجي وڃي ٿو. ائين ٿيڻ سان ھوا جو ٻاھريون دٻاءُ اندرين دٻاءَ کان وڌيڪ ھجڻ سبب ھوا اندر ڦڦڙن ڏانھن ڌڪجي وڃي ٿي ۽ ڦڦڙ ھوا سان ڀرجي وڃن ٿا.

ھوا جي ٻاھر نڪرڻ (Expiration) وقت جھليءَ جون مشڪون پکڙجڻ لڳن ٿيون ۽ ايڪسٽرنل مشڪون به پکڙجن ٿيون ۽ پاسراٽين جو ڍانچو به ھيٺ ۽ اندرين طرف سُسي پنھنجي اصلي جڳھ والاري ٿو. ھن عمل جي نتيجي ۾ سيني جي ڍانچي جي مقداري حد به گھٽجي وڃي ٿي جنھن سبب اندريون دٻاءُ ٻاھرين ھوا جي داٻ کان وڌي وڃي ٿو جنھن جي ڪري گئس ٻاھر نڪري ٿي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت