ڪنگڊمس جي رابرٽ ايڇ وٽيڪر (Robert H Whittaker)
ٻن ڪنگڊمس کي
ڪھڙي سبب پنجن ڪنگڊمس ۾ تبديل ڪيو ويو؟
اڳ ۾ جاندارن کي صرف ٻن ڪنگڊمس يعني
پلانٽ ڪنگڊم
(Plant kingdom) يا ٻوٽن جي دنيا ۽ ائنيمل ڪنگڊم (Animal kingdom) يا جانورن جي دنيا ۾ ورھايو
ويو ھو. جنھن جو بنياد سيل وال ۽ ڪلوروفل جي ھئڻ ۽ نه ھئڻ تي رکيو ويو ھو
پرڪيترائي جاندار ٻوٽن ۽ جانورن جي اھڙي ورھاست ۾ ٺھڪي نه پئي آيا تنھنڪري ٻن
ڪنگڊمس جي جاءِ تي پنج ڪنگڊمس تجويز ڪيا ويا.
پنجن ڪنگڊمس
جي رابرٽ ايڇ وٽيڪر
(Robert H Whittaker) وارو نظام
وڏي تعدا ۾ جاندارن جي ٻوٽن ۽ جانورن
سان ٺھڪي نه اچڻ سبب رابرٽ ايڇ وٽيڪر
(Robert H Whittaker) ٻن
ڪنگڊمس جي نظام ۾ تبديلي ضروري سمجھي ۽ پنجن ڪنگڊمس وارو پنھنجو نظام ڏنو.
وٽيڪر جي ڏنل پنجن ڪنگڊمس جو مختصر
احوال ھن ريت آھي.
(1)
ڪنگڊم مونيرا (Kingdom Monera)
ھن ۾ مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪندڙ
پروڪيريوٽس شامل آھن.
(2)
ڪنگڊم پروٽسٽا (Kingdom Protista)
ان ۾ ھڪ گھرڙيائي يوڪيريوٽس جيڪي مختلف
طريقن سان کاڌو حاصل ڪن شامل آھن.
(3)
ڪنگڊم فنجائي (Kingdom fungi)
ھن ۾ گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽس جيڪي گھڻ
غذائي طريقي سان کاڌو حاصل ڪري سگھن شامل آھن.
(4)
ڪنگڊم پلانٽي (Kingdom Plantae)
ھن ۾ روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) جي ڪري کاڌو حاصل ڪندڙ گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽس
شامل آھن.
(5)
ڪنگڊم ائنيميليا (Kingdom Animalia)
ھن ۾ گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽس جيڪي ھاضمي
سان گھڻ غذائي طريقن تي پلجن ٿا شامل آھن.
ڪنگڊمس جو
نئون نظام
ڪنگڊمس جو نئون نظام 1989ع ۾ آمريڪي حياتيات جي ماھرن مارگلس(Margulis) ۽ شوارٽز (Schwartz)متعارف ڪرايو. وٽيڪر واري ڪنگڊمس جي نظام ۾
تبديليون ڪري ھي نظام ٺاھيو ويو.
جنھن مطابق ڪنگڊمس ھي آھن:
(1)
ڪنگڊم پروڪيريوٽي (Kingdom prokaryotae)
ھن ۾ سڀئي پروڪيريوٽس اچي وڃن ٿا. مثلاً
بئڪٽيريا ۽ سائنو بئڪٽيريا
(2)
ڪنگڊم پروٽاڪسٽا (Kingdom protoctista)
ھن ۾ اھي سڀ يوڪيريوٽڪ جاندار اچي وڃن
ٿا جيڪي نه جانور، نه ٻوٽا ۽ نه ئي فنجائي آھن. مثلاً يوگلينا، پئراميشيم،
ڪلئميڊوموناس، خمير وغيرھ.
(3)
ڪنگڊم فنجائي (Kingdom fungi)
ھن ۾ بغير ڪلوروفل گھڻ گھرڙيائي جاندار
اچي وڃن ٿا. جن ۾ سيل وال ۽ سينو سائٽڪ مادو مائيسيلم (Mycelium)ھوندو
آھي مثلاً اگيريڪس (کنڀي) وغيرھ.
(4)
ڪنگڊم پلانٽي (Kingdom plantae)
ھن ۾ ڪلوروفل وارا گھڻ گھرڙيائي
يوڪيريوٽڪ جاندار شامل آھن. جن ۾ جيوگھرڙي جي ٻاھران سيليولوز جي ڀت ۽ ڳڀيل آنو
زائگوٽ ٿئي ٿو جن مان ايمبريو يا سلو نڪري ٿو. مثلاً صوف، سورج مکي.
رابرٽ ايڇ
وٽيڪر
(Robert H Whittaker) جي
ڪنگڊمس ۾ تبديلي ڇو ڪئي وئي ؟
وٽيڪر جي خيال کي تمام گھڻي مڃتا ملي
ھئي پر انھيءَ نظام ۾ ٻه مسئلا رھجي ويا ھئا اھي ھيءُ ھئا ته سڀني ھڪ گھرڙيائي
جاندارن کي ڪنگڊم پروٽسٽا
(Kingdom protista) ۾ شمار ڪيو ويو ھو. جڏھن ته
ھنن کان اڳ ۾ اھي جانور (پروٽوزوئنس) ۽ ھڪ گھرڙيائي الجي کي ٻوٽن ۾ شمار ڪيو ويو
ھو. ٻيو مسئلو اھو درپيش آيو ته الجيءَ کي ٻن ڪنگڊمس يعني پروٽسٽا ۽ پلانٽي ڪنگڊم
۾ رکڻو پيو.
انھن مسئلن مارگلس ۽ شوارٽز کي موقعو فراھم ڪيو ته ھو
وٽيڪر واري ڏنل ڪنگڊمس واري نظام ۾ ردو بدل آڻين تنھنڪري تبديلي ڪئي وئي.
Comments
Post a Comment