بحضور حضرت لعل شهباز قلندر رحه : خاور قبولائي



قلندر تنهنجي نگريءَ تي اچن ٿا تنهنجا ديوانا،
اُتر کان، لاڙ کان ڪاڇي ڪنڌيءَ کان مست مستانا.

تنهنجي در تي ملنگ تنهنجا سڀيئي آ سوند آهيون،
ڀري ڏي جهوليون گنج مان پنجن پاڪن جا پروانا.

ڌمالون ٿا هڻن تنهنجي صحن ۾، عَلَمَ جي هيٺان،
ڪيئي فنڪار تنهنجي شان جا ڳائيندي دوگانا.

قلندر لعل تنهنجا ڀال، ٿيا ها بودلي سان جيئن،
ائين ئي پنهنجي ديوانن اڄوڪن کي به ڏي معنيٰ.

اسان کي سنڌ جو اونو سدائين ٿو رهي لعلڻ،
بخاريءَ ڳالهه وانگر ڪيئن سهنداسين ڀلا طعنا.

عليءَ اولاد مان آهين، قلندر لعل سيوهاڻي،
تڏهن ٿي مست خاور هت نچن ٿا ڏاڏا ۽ نانا.

خاور قبولائي

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت