Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

جهاز ۾ AC نه هوندي آهي

 

 

جهاز ۾ AC نه هوندي آهي

 

توهان کي هتي ٻڌائيندو هلان ته هوائي جهاز ۾ ايئرڪنڊيشن نه هوندو آهي. ان ڳالهه کان گهڻا دوست واقف نه هوندا. ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته جهاز ۾ اي سي لڳل هوندي آهي. جنهن جي ڪري ان ۾ ٿڌاڻ محسوس ٿي رهي آهي، پر ائين نه هوندو آهي. اچو ته توهان کي ٻڌايان ته جڏهن هوائي جهاز زمين تي هوندو آهي ۽ بورڊنگ کان پوءِ مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويهي ويندا آهن، اڪثر اهو ڏٺو ويندو آهي ته گهڻن ماڻهن کي گرمي يا گهٽ، ٻوسٽ محسوس ٿيندي آهي. پوءِ مسافر سيٽ جي پويان لڳل ڪمينٽ ڪارڊ يا مئگزين ڪڍي وڃڻي جي طور هڻندا رهندا آهن ۽ بار بار عملي کي ايئرڪنڊيشن هلائڻ جو چوندا رهندا آهن. جنهن ڳالهه تان عملو به پريشان ٿيندو آهي. ڇو ته جهاز ۾ ائيرڪنڊيشن نه هوندي آهي. عملو مسافرن کي آسرو ڏيندو رهندو آهي ته بس ٿوري دير ۾ سڀ ڪجهه نارمل ٿي ويندو. اهو ان ڪري هوندو آهي ته زميني عملو جهاز ۾ ايئرڪنڊيشننگ يونٽ لڳائڻ ۾ تاخير ڪندو آهي. جيڪو سڄي جهاز کي پائيپ جي ذريعي ٿڌي هوا پهچائيندو آهي.

ACU (aircraft conditioning unit) ڇاهي؟.

ايئرڪرافٽ ڪنڊيشننگ يونٽ هڪ اهم زميني سپورٽ وارو آلات آهي جيڪو گرائونڊ هينڊلنگ گاڏي ۾ لڳل هوندو آهي جيڪو هوائي جهاز ۾ حرارت جي ضرورت جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هوائي جهاز ۾ ٿڌي هوا يا گرم هوا مهيا ڪندو آهي. جڏهن ته جهاز زمين تي پارڪنگ جي حالت ۾ هوندو آهي ته جيئن مسافرن کي سڪون وارو ٽيمريچر برقرار ڪري ڏيئي.

پر جڏهن جهاز اڏامڻ لاءِ رن وي تي ڊوڙندو آهي ته ان آلات کي ڪڍي ڇڏيندا آهن. ان ڪري وري به مسافر ٿوري دير لاءِ گرمي محسوس ڪندا آهن. پر جڏهن جهاز مٿي آسمان ۾ اڏامندو آهي ته پوءِ توهان کي وري محسوس ٿيندو ته هاڻي پائليٽ جهاز جي اي سي هلائي ڇڏي آهي ۽ توهان ٿڌي هوا محسوس ڪندا آهيو، پر حقيقت ۾ جهاز ۾ اي سي ته هوندي ناهي. اصل ۾ سائنسي طور تي توهان جيترو مٿي ويندو ته ٻاهر جو ٽيمپريچر ڪرندو ويندو آهي، يعني گهٽ ٿيندو ويندو آهي ويندي جهاز جڏهن هزارن ڦٽن جي بلندين تي هوندو آهي ته ٽيمپريچر مائينس 30 کان وٺي مائنس 50 تائين هليو ويندو آهي. ان ئي ٽيمپريچر کي جهاز جي سسٽم سان ڪنٽرول ڪري گهربل ايئرڪنڊيشن ڪيو ويندو آهي. ان ڪري توهان پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ته جهاز ۾ ڪا به اي سي نه هوندي آهي.

سري لنڪن جهاز ۾ گهڻي رش نه آهي. پوئين حصي جون گهڻيون سيٽون خالي آهن. هن مهل 9 لڳي يارنهن منٽ ٿيا آهن. جهاز اڏامڻ جي ڪري رهيو آهي. ٻي انجڻ به کلي ويئي آهي. جهاز هڪڙو ٽرن ڪاٽيو، وري کاٻي پاسي کان مڙيو ۽ هاڻي رن وي تي هلي رهيو آهي. رن وي تي خراب روڊ جي باعث جهاڪا محسوس ٿي رهيا آهن. جهاز اڃان اڏاميو نه آهي. رن وري تي هلندو پيو هلي. اهي ئي جهاڪا، جهٽڪا محسوس ٿين پيا. جهاڪن جي ڪري جهاز جي اسپيڊ جهڪي ٿي آهي. آهستي آهستي.

هاڻي سوا 9 ٿين آهن. جهاز پنڌ ئي پنڌ لڳي ٿو ته ائين ئي هلندو سري لنڪا. ساڄي پاسي اڇي رنگ جا ٻه ڪراس نظر اچن ٿا. هاڻي اعلان ٿيو آهي ته We are going to take off. هن مهل 9 لڳي 17 منٽ ٿيا آهن. وري جهاز ساڄي پاسي مڙيو. هي رن وي ٺيڪ آهي. سڌو آهي. هموار آهي. وري هڪ دفعو ٻيهر ساڄي پاس مڙياسين. شايد هن روڊ تان اڏامندو. هتي پائليٽ وري بريڪ هنئي. وري ٻلي پير هلڻ شروع ڪيائين. شايد اڃان ڪليئرنس نه ٿي مليس. هاڻي زوردار اسپيڊ، جهاز تيز ڊڪڻ لڳو. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. جهاز جهٽڪي سان مٿي کڄي ويو. ٻيو جهٽڪو لڳو اڃان مٿي، ٽيون جهٽڪو اڃان مٿي. مٿي مٿي مٿي. آسمان ۾ . مالديپ هيٺ رهجي ويو هو. جهاز جي اڏام اولهه ڏانهن آهي. خدا حافظ مالديپ.

هاڻي ته سيءُ ٿئي پيو. مٿي مائنس پنجاهه کن درجه حرارت آهي. ان ڪري سڀني دوستن ڪمبل گهرايا. مختيار صاحب هڪڙو ڪمبل ورتو پر پوءِ هن کي اڃان به سيءُ محسوس ٿئي پيو. مون پنهنجو ڪمبل مختيار صاحب کي ڏيئي ڇڏيو. جهاز هاڻي ٽڪ ٻڌي هلي رهيو هو. ريفريشمينٽ ۾ هڪڙو هڪڙو پيٽييس سڀني مسافرن کي ڏنو ويو. مون ۽ سائين مختيار ويجيٽيبل پيٽيس ورتا. مظفر بيئر مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. هن جهاز ۾ بيئر فري آهي. سو سواءِ مختيار صاحب جي سڀني بيئر جا مزا ورتا. هن بيئر جي ٽن جو رنگ سونهري آهي ۽ ان تي انگريزي ۾ Lion Lader Bear لکيل آهي. هاڻي اسان جي سيٽ جي اڳيان ڪمپيوٽر اسڪرين تي Indian ocean Lakshad Weep Sea تي نظر اچي رهيو آهي. هي اسڪرين ٻاهر درجه حرارت -53 ٻڌائي رهيو آهي. باقي 519 ڪلو ميٽرن جو سفر رهجي ويو آهي. جهاز 777 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيو آهي. هوا جي رفتار 83 ڪلو في ڪلاڪ آهي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more