مهاڳ
مالديپ جو موهه
ننڍپڻ کان اهو ٻڌندا
پيا اچون ته،“گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي“ ۽ مان سمجهان ٿو ته ان چوڻي تي هاڻي
سنڌ جي گهڻن ماڻهن عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جيڪا سٺي ڳالهه آهي.
مان ته هونءَ به
چوندو آهيان ته زندگيءَ جو سفر ڄمڻ سان ئي شروع ٿئي ٿو ۽ ان سفر جون ٽي منزلون
آهن. پهرئين منزل سندس ننڍپڻ، ٻي منزل جواني ۽ آخري منزل آهي زندگي جو آخري حصو
يعني “ٻڍاپو” ۽ انهن ٽنهي منزلن مان انسان ڪيترن ئي مشاهدن ۽ تجربن کان گذري ٿو. ڪٿي
انتهائي خوش گوار ته ڪڏهن تلخ تجربا ۽ مشاهدا به ڏسڻا پون ٿا ۽ ان سفر ۾ اڻ کٽ
خواهشن جو سلسلو به شروع ٿئي ٿو. جيئن ڪنهن شاعر چيو ته “هزارون خواهشين ايسي ڪه
هر خواهش پي دم نڪلي”.
مان سمجهان ٿو ته
ان خواهشي سفر ۾ به اسان جو دوست بلوچ صحبت علي گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي.پاڻ هن
وقت سنڌ جي مصروف ۽ بهترين وڪيلن ۾ شمار ٿين ٿا، توڙي جو وڪالت فل ٽائم جاب آهي.
صبح کان رات تائين ڪم ئي ڪم آهي، مان ته حيرت ۾ هوندو آهيان ته هي دوست هڪ وقت ۾
ايترن اهم شعبن کي وقت ڪيئن ٿا ڏين. وڪالت، ادب، شاعري ۽ دنيا جي ملڪن جون رولاڪيون
۽ سندس ذاتي گهريلو زندگي به آهي. ان لاءِ وقت ڪڍڻ، هڪ ذميوار والد هجڻ جون
ذميواريون پڻ احسن طريقي سان نڀائي رهيا آهن. لکڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته
انتهائي مصروف ليکڪ ۽ شاعر ۽ سفرنامه نويس پڻ آهن. تقريبن 31 ڪتاب نثر توڙِي نظم ۾
نه فقط لکيل پر ڇپيل پڻ آهن. جن ۾ انگريزي، اردو توڙي سنڌي ڪتاب شامل آهن.
هاڻي اچون ٿا سندن
دنيا جي رولاڪين يعني سفرنامن طرف، اسان هن بحث ۾ نه ٿا پئون ته سنڌ ۾ سفرنامن جو
باني ڪير آهي، پهريون سفرنامو ڪنهن ۽ ڪڏهن لکيو. پر اسان جي جيئن شعوري سانڀر ٿي
آهي ته اسان جڳ مشهور ليکڪ الطاف شيخ جا ئي سفرناما ٻڌا ۽ پوءِ ڪجهه پڙهيا به. هن
وقت به مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ سفرنامن جو ابو الطاف شيخ کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
پاڻ هڪ سوء کان مٿي سفرناما لکي چڪا آهن ۽ شايد دنيا جو ڪو ملڪ رهيل هجي، جتي نه
ويو هجي. پاڻ ميرين انجنيئر هجڻ ڪري دنيا گهمي ڏسي چڪا آهن. هن وقت به سنڌ جا ڪيترائي
ماڻهو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار سانگي رهيل آهن. ته ڪي وري دنيا ڏسڻ لاءِ مختلف
ملڪن جو رخ ڪن ٿا. پر سڀئي گهمڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ لکن نه ٿا. اها خوبي هڪ ليکڪ، اديب
۾ ئي هجي ٿي ته هو ان ملڪ جي تاريخ، تاريخي ماڳ، مڪان، خوبصورت منظر قلمبند ڪري ٿو.
اهڙي طرح بلوچ صحبت وٽ اها نه فقط خوبي، صلاحيت آهي پر ڏات ۽ ڏانءُ به آهي. جيڪو ڏسي
ٿو اهو پڙهندڙن لاءِ اهڙي طرح لکي ٿو ڄڻ پڙهندڙ ان ملڪ جو مشاهدو گهر ويٺي ڪري
رهيو هجي ۽ سٺي ليکڪ سفرنامو لکندڙ جي اها خوبي آهي.
اسان جي دوست جو
هي سفرنامو، “مالديپ ۾ مانڊاڻ” بلڪل تازو گذريل جون جولاءِ 2024ع جو آهي ۽ هي سندس
اٺون سفرنامو آهي.هن کان اڳ ۾ “دادو کان دُبئي”، “نيپالي نينهن”، ”انڊونيشيا جو
عشق”، “ملائيشيا جون محبتون”، ۽ “ٿائيلينڊ جا ٿاڪ” جا سفرناما مارڪيٽ ۾ اچي چڪا
آهن. هي سفرنامو “مالديپ ۾ مانڊاڻ” به اوهان جي هٿن ۾ آهي. جڏهن ته سندس سفرنامو
“سريلنڪا جي سونهن” پڻ پرنٽنگ جي مرحلن ۾ آهي.
اسان جو يار صحبت
هن معاملي ۾ به خوش نصيب آهي. جو کيس چار يار به ڀلا مليا اٿس ۽ سٺن دوستن جو هجڻ
به اميري ۽ شاهوڪاري جي نشاني آهي. جو کيس سفر جا ساٿي هميشهه مخلص، بردبار سهپ ۽ ڏاهپ
وارا مليا آهن ۽ هم خيال پڻ. ڇو ته سفر ۾ هم خيالي هجڻ لازمي آهي. ڇو ته سفر رڳو
سهنجو نه پر ڪڏهن ڪڏهن اڙانگو به ٿيندو آهي ۽ انهن حالتن ۾ سٺا هم سفر ئي حوصلو ۽
همت ڏيندا آهن.
مالديپ جي سفر
لاءِ به بلوچ صحبت دوستن جي چونڊ ڏاڍي سٺي ڪئي آهي ۽ سفر بخير ڪري ماڳ موٽي آيا.
سفرنامو به اسان جي نثري صنف ۾ هن وقت اهم مقام حاصل ڪري چڪو آهي. اسان جي درسي ڪتابن
۾ به نامور ليکڪن جا سفرناما ڏنل آهن. ته جيئن اسان جو نئون نسل به ان صنف کان با
خبر رهي سگهي ۽ ملڪن جي معلومات حاصل ڪري سگهي. ڇو ته سفرنامي جو هڪ سماجي ڪارج به
ٿئي ٿو. سفرنامو صرف تفريح ۽ ذاتي ذهني تسڪين لاءِ نه پر معلومات لاءِ به هجي ٿو.
جڏهن مون هي سرنامو مالديپ بابت پڙهيو جيڪو ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آهي. نهايت ئي informative لڳو. هڪ ته بلوچ
صحبت جي ٻولي ڏاڍي سهڻي، سولي ۽ ادبي آهي. لکڻ جو انداز به نهايت خوبصورت، دل کي وڻندڙ
آهي. پهرئين صفحي کان پڙهندي آخري صفحي تائين ڪٿي به مون کي بوريت جو احساس نه ٿيو.
توڙي جو مون هي سفرنامو ڏهن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو. ان جو ڪارڻ هڪ ته پنهنجي ذاتي
مصروفيت ۽ ٻيو هر وقت بجلي جو نه هجڻ آهي ۽ مسلسل پڙهڻ سان منهنجي نظر يعني اکين
تي اثر پوي ٿو. ان ڪري وقفي وقفي سان پڙهي پورو ڪيم.
هاڻي اچان ٿو ته
هن سفرنامي ۾ مون ڇا پڙهيو، ڇا حاصل ڪيو. توڙي جو مان ڄاڻان ٿو ته هر ملڪ جون
قانوني، جاگرافيائي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون مختلف آهن. هر ملڪ جو سڪو،
تاريخ، تهذيب، ثقافت، رهڻي ڪهڻي پنهنجي آهي. موسمي ماحول پڻ پنهنجو آهي. ريتون،
رسمون، رواج، ٻولي ۽ لهجا پنهنجا پنهنجا آهن. بلوچ صحبت جي هن سفرنامي مان آءُ
مالديپ جو سفر گهر ويٺي پڻ ڪري چڪو آهيان. جنهن ۾ منهنجو روپيو به خرچ نه آيو.
بنان پئسي مزو ورتم. ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالهيون پڙهڻ لاءِ مليون. پهريون ته
اهو معلوم ٿيو ته مالديپ اسلامي ملڪن ۾ ننڍي ۾ ننڍو جزيرائي ملڪ آهي. ٻارنهن سو ٻيٽن
کان مٿي جي ٻيٽن تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ پنج ڇهه لک آبادي وارو خوبصورت ملڪ آهي. توڙي
جو مالديپ کي آزاد ٿئي سٺ سال کن مس ٿيا آهن، پر هو هن وقت به معاشي لحاظ کان
پنهنجي پيرن تي بيٺل نظر اچي ٿو. سڪي جي لحاظ کان به اسان کان ارڙنهن دفعا وڌيڪ
آهي. هي ملڪ جنهن کي land of island ۽ ٻيٽن ۽ جزيرن جو ملڪ چئجي ته بهتر رهندو. ڇو ته بلوچ صحبت لکي ٿو
ته،“پاڻ به ٽي اهم ٻيٽ گهميا، جنهن ۾ گرائيدو ٻيٽ، مافوشي ٻيٽ ۽ گُلي ٻيٽ، جيڪي
انتهائي خوبصورت آهن. ٻي اهم ڳالهه اها به معلوم ٿي ته هتي گهر يا دڪان ۾ اندر
جوتا پائي وڃڻ جي اجازت نه آهي. هر ماڻهو پنهنجا جوتا ٻاهر لاهي اندر اچي ٿو. ان
جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا. مان سمجهان ٿو ته اهو عمل بهتر عمل آهي. ڇو ته جوتن کي لڳل
گند ڪچرو اندر اچڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ڪري ڪيتريون ۽ بيماريون جنم وٺن ٿيون. ان ڪري
صحت جي حوالي سان هي عمل بهتر لڳو. ٻي ڳالهه اها به معلوم ٿي ته هتي جا ٻيٽ
خوبصورت هجڻ سان گڏ رهائشي توڙي، کائڻ پيئڻ جي حوالي سان مهانگا آهن. ان جو ڪارڻ
مان سمجهان ٿو ته هنن ٻيٽن تي ٻاهرين سياحن جي آمدورفت ڪجهه سوائي آهي ۽ اتان جا
مقامي ماڻهو يا تاجر انهن جي مجبوري جو فائدو وٺن ٿا ۽ هر شي ڊالر جي ريٽ تي ملي ٿي
۽ اها اسان جي پاڪستاني سڪي جي حساب سان گهڻو مهانگو آهي ۽ آبهوا جي لحاظ کان به
جون جولاءِ اسان وانگر انتهائي گرم رهي ٿو، پر ان هوندي به گهمڻ، ڏسڻ جو مزو گرمي
سردي نه ٿو ڏسي ۽ خوبصورت منظر ٿڪ لاهي ڇڏين.
وقت جي پابندي ته ڪو
اتان جي ماڻهن کان سکي. يا هتان جي ٻيڙن، جهاز وارن کان سکي. يعني جيڪڏهن فيري جي
نڪرڻ جو وقت ست بجه آهي ته پوءِ ست لڳي هڪ منٽ به نه ٿيندو. يعني ڪنهن جو به
انتظار ناهن ڪندا. ڀلي فيري ۾ پنجن ماڻهو ڇو نه هجن، يا سڄي فيري خالي ڇو نه هجي.
خوش اخلاقي ۾ به اتان جا ماڻهو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انتهائي ڪو آپريٽو. ڪجهه ڏينهن
۽ راتيون گرائيدو ٻيٽ جو مزو وٺڻ بعد واپسي،مالي ...طرف، ٿئي ۽ اتي سلطان جامع
مسجد ۾ نماز پڙهڻ جو شرف به حاصل ٿيو. بلوچ صحبت ۽ سندس دوست کي ان کان سواءِ
نيشنل لائبريري ۽ آرٽ گيلري گهمڻ جو به موقعو مليو. ان کان سواءِ بلوچ صحبت لکي ٿو
ته مالديپ جي صدر جي رهائش گاهه ... يا آفيس ٻاهران گهمياسين، ڪنهن به قسم جو سرڪاري
پروٽوڪول، يا پوليس، فوج جي نفري، نظر ڪا نه آئي ۽ محسوس ٿيو ته واقعي ئي جهموري
ملڪ کي جهموري ملڪ جي سربراهه کي عوام مان ڪهڙو خوف خطرو ڇو ته حڪمران عوامي هوندا
آهن، عوام جي خدمت لاءِ ئي هوندا آهن ته پوءِ عوام مان ڪهڙو خطرو. اهو ساڳيو ئي
منظر مون پنهنجي ملائيشيا جي سفر ۾ ڏٺو هو، اتي به وزير اعظم هائوس آڏو ڪنهن به
قسم جو ڪو پروٽوڪول يا پوليس نه هئي. اسان آرام سان هائوس آڏو گهمياسين ۽ ڦوٽوگرافي
پڻ ڪئي. مطلب هي آهي ته حقيقي عوامي ۽ جهموري حڪمراني. هنن ملڪن گهمڻ ۽ ڏسڻ سان،
اهو به پتو پوي ٿو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ هي ملڪ ڪٿي بيٺا آهن. اسان جا حڪمران
اسان سان ڇا حالت ڪري رهيا آهن. فرق واضع ٿي وڃي ٿو.
صفائي، سٿرائي،
امن و امان جي حوالي سان به مالديپ بهترين ملڪ لڳو. هتان جا ٿاڻان به ويران نظر
آيا. يعني ڪو به ڪرائيم وغيره نه هجڻ جي برابر، يعني قانون تي مڪمل عمل آهي. اسان
وٽ به قانون ته آهي پر عمل رياست جي پسند نا پسند تي ٿي رهيو آهي. انصاف امير غريب
لاءِ جدا جدا آهي. خير اها ته اسان جي قسمت آهي جو هن ملڪ ۾ پيدا ٿي پيا آهيون ته
پوءِ هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي.
مطلب ته هي
سفرنامو “مالديپ ۾ مانڊاڻ” انتهائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو ثابت ٿيو. بلوچ
صحبت جي پوري همسفر ٽيم کي مبارڪ هجي، خاص ڪري پروفيسر مختيار سمي صاحب کي جنهن پڻ
هنن جوانن سان سفر ڪيو ۽ هنن جي رهنمائي پڻ ڪئي. واقعي ئي مالديپ جي موهه مون کي
به موهي وڌو. آخر ۾ پنهنجي هن شعر سان اوهان کان اجازت وٺندس؛
زندگي جو سفر ڪٽيان ويٺو،
سور هڪ ٻئي مٿان سٿان ويٺو
نفرتن جون پٽي چڪيون “تابش”!
چاهه جا چيچڪا ڇٽيان ويٺو.
تابش بخاري
دادو-سنڌ
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment