Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالديپ جي ٻولي

مالديپ جي ٻولي

 

مالديپ هڪڙو خوبصورت ملڪ آهي. جيڪو نيري نيري بحر هند سمونڊ تي واقع آهي. فيروزي پاڻيءَ وارو، ڪشش رکندڙ پاڻيءَ وارا ولاز/بنگلا، سرسبز، ساواڻ، جي سونهن واري ڌرتي، نرم ملائم واري وارن سامونڊي ڪنارن جو هي ملڪ ڪيترين ئي خوبصورت ۽ حيرت ۾ وجهندڙ حسين، پرلطف، سرگرمين جي ڪري گهڻو مشهور آهي.

 مالديپ ۾ ڳالهائي ويندڙ قومي ٻولي ”ڊهيوي“ Dhivehiآهي. ڊهيوي ٻولي ۾ 24 اکر هوندا آهن، جڏهن ته اسان جا 52، انگريزي ۾ 26، اردو ۾ 38 /39 اکر آهن. هنن جي الفابيٽ ۾ الف، ڪاف، با، را، نون، ش، هه، گاف، لام، ٿا، ميم، واو، ساڳيو ئي اسان وارو وا، سين، ث، ذ، ح، خ، ز، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ق، و،  مالديوي Thaana Script ۾ لکندا آهن.

ٿانا اسڪرپٽ اصل ۾ 17 صدي جي پيداوار آهي. هن ٻوليءَ ۾ 10 حرف علت آهن ۽ 29 حرف صحيح آهن. انهن vowels کي يا نشانين کي هن ٻولي جي خاص نشانين سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. جيئن اسان وٽ ”زبر“. ”زير“، ”پيش“، ”مد“ ۽ ”شد“ وغيره سان. هي ڏسو. هي به عربي رسم الخط مطابق لڳي ٿي.

 

·      Long vowels 

Short vowels

·      aaއާ

·      aއަ

·      eeއީ

·      iއި

·      ooއޫ

·      uއު

·      eyއޭ

·      eއެ

oaއޯ

·      oއޮ

 

 هي ماڻهو به اسان جيان ساڄي کان کاٻي پاسي لکندا آهن. مالديپ جا ماڻهو انگريزي روانيءَ سان ڳالهائي سگهن ٿا. مالديب جا مشهور کاڌا جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ فرائيڊ يامس، ماس بني، گارودهيا، مسروشي، بوشي، مشوني، بس ڪيميا، مالديوين لائيو لابسٽر ۽ ساگو بونڊي بائي اچي وڃن ٿا .

مالديپ سفر جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ملڪ آهي. برصغير جي ڏکڻ ۾ گول ٻيٽن جي حسين امتزاج تي مشتمل ملڪ مالديپ آهي. مشهور واپاري مارڪو پولو هن خطي کي قدرتي خوبصورتي جي ڪري ئي هن کي “فلاور آف انڊيز” سڏيو هو. جڏهن ته عظيم مسلمان مسافر ۽ مفڪر ۽ چوڏهين صدي ۾ مالديپ جي قاضي چيف جسٽس محمد ابن بطوطه هن خطي کي دنيا جي عجوبن مان هڪڙو عجوبو One of the wonders of the world  قرار ڏنو هيو.

 



 




 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more