خسره يا اُرڙي

خسره يا اُرڙي (Measles)
الحاج حڪيم محمد عثمان کتري بدين
ايم- اي، بي يو- ايم- ايس

Share on WhatsApp


ھي تپ جنھن کي عام طور تي ارڙي ۽ ننڍي ماتا به ڪري ڪوٺين سا عمر ۾ ھڪ ڀيرو گھڻو ڪري ننڍپڻ ۾ ٿئي ٿي شاز و نادر ڪن کي وڏي ڄمار ۾ نڪري ٿي مطلب ته عمر جي ڪنھن به حصي ۾ صرف ھڪ ڀيرو.

علامات:
پھرين ٿوري کنگھ، ڇڪون، نڪ ۽ اکين مان پاڻي وھڻ جيئن زڪام لڳڻ وقت ٿئي ٿو. پر جيئن پوءِ تيئن بدن ۾ سخت سور، تپ سو کان ھڪ کان سو ٽي، بعضي سو چار تي وڃيو پھچي.
اکين جو رنگ ھلڪو سرخ، اکيون ڳريون ۽ منھن جو مخصوص رنگ تجربي ڪار طبيب لاءِ ارڙي کي شروع ۾ سڃاڻڻ ۾ وڏيون مددگار علامتون ثابت ٿين ٿيون.
چوٿين ڏينھن بدن تي سنھڙيون آرايون نڪرن ٿيون جيڪي پوءِ ملي سرخ داغ بنجيو وڃن. زور ڏيڻ سان ٿوري دير غائب ٿي وري نمودار ٿين ٿيون. ارڙي جي داڻن جي اھا ھڪ مخصوص علامت آھي.
شروع ۾ زڪام کنگھ ۽ بخار گڏ ٿين ٿا. ڇھين ڏينھن علامتون گھٽجن ٿيون البته کنگھ ڪي قدر وڌي وڃي ٿي. آخر ۾ ٻار اکيون کولي ٿو ۽ سھڪ يا دست ٿيو پون. ڪن کي آنڊي ۾ ورم ٿيو پوي.
ارڙي ازخود ته اھڙي خطرناڪ نه آھي. البته پڇاڙي ۾ ٿيندڙ علامتون بي احتياطيءَ ڪري خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگھن ٿيون. خاص ڪري خوني پيچش نمونيا وغيرھ، توھان کي ھي ٻڌي خوشي ٿيندي ته ارڙي جي سڀ کان پھريائين سڃاڻپ  مشھور مسلمان طبيب ابوبڪر محمد ذڪريا رازي ڪئي.
الرازي پنھنجي ڪتاب الجدري ۾ ھن جو تذڪرو ڪيو آھي، نه صرف ارڙي پر ماتا (Small Pox) به رازي جي دريافت آھي ۽ ھن صاحب علاج ۽ حفظ ما تقدم جا اصول پھرئين ڀيري اطباءَ جي آڏو پيش ڪيا.

اسباب:
ھن مرض جو سبب ھڪ قسم جو وائرس (اڏامڻو) آھي، جيڪو صرف طاقتور خوردبين سان ئي نظر اچي سگھي ٿو، عام طور تي بھار ۽ سياري جي موسم ھن لاءِ سازگار آھي. ھي وائرس ھوا ذريعي متعدي صورت ۾ پکڙجن ٿا.

علاج:
عام صفائي جو خيال رکجي غذا ھلڪي صرف کير وغيرھ تي گذران ڪجي، ٻار جنھن کي ھي تڪليف ھجي ٻين ٻارن کان جدا رکجي، پاڻي ڪاڙھي جنھن ۾ خاڪسي ۽ منقيٰ به پيل ھجن ڇاڻي پيارجي. غلط علاج جي استعمال جي ڪري چيو وڃي ٿو ته ڪوبه علاج غير ضروري آھي.
ارڙي ۾ نڪرڻ ۾ دير ٿئي ته سونا مڪي جو ڪشتو 1/6 رتي کان ٻه رتي برابر ماکيءَ ۾ ملائي عمر جي لحاظ کان صبح شام عرق باديان ۽ گاو زبان سان صبح شام پيارجي.
بستر تي خاسڪي ڇٽڪاري ڇڏجي، ٻن ڏينھن اندر ارڙي نڪري ايندي. جيڪڏھن دست ھجن ته ھڪ ٻه ڏينھن نه روڪجن پوءِ بند نه ٿين ته بند ڪرڻ جي تدبير اختيار ڪرڻ سان جلد صحت يابي ٿي وڃي ٿي. عام طور تي مدي جو بخار به آخر ۾ شامل ٿي پوي ٿو، جنھن جو علاج ڪجي.
ٻن ھفتن کان پوءِ عام جسماني ڪمزوري لاءِ کير، ميون جا رس ۽ يخني ٿوري ٿوري مقدار ۾ استعمال ڪرڻ گھرجي.

نوٽ:
1.    ارڙي ٽن مھينن کان گھٽ عمر جي ٻار ۽ پنجاھ ورھين کان مٿي عمر جي پوڙھن کي نه نڪرندي آھي.
2.    حامله عورت کي ارڙي نڪري ته سندس حمل ضايع ٿي وڃي ٿو.

(ماھوار شمع صحت حيدرآباد، اپريل 1985ع جي ٿورن سان ورتل)





________
________
________
________
________

________
________
________
________
________




Sindh
Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت