وائرل بيماريون (Viral diseases)

وائرل بيماريون  (Viral diseases)

وائرس جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين ۾ حيواناتي وائرس جي ڪري ٿيندڙ بيماريون پوليو مائيليٽس (Poliomylitis) پوليو وائرس سبب ٿئي ٿي جڪا انسان کي معذور بنائي ٿي.

زڪام (Cold) ساھ واري حصو کي متاثر ڪندڙ بيماري آھي جنھن جو سبب وائرس جا 200 کان وڌيڪ قسم آھن. ٻارن ۾ ارڙي (Measles) ۽ ممس (Mumps) بيماريون ٿين ٿيون. ايڊز (Aids) بيماري HIV وائرس جي ڪري ٿئي ٿي. ريبيز (Rabies) به وائرس سبب ٿئي ٿي ۽ فلو به انفلوئنزا وائرس سبب ٿيندي آھي.

نباتياتي بيماري ٽوبيڪوموزائيڪ بيماري آھي جنھن جو وائرس تماڪ جي ٻوٽي جي پنن تي حملو ڪندو آھي جنھن ڪري پنن تي پيلي ۽ سائي رنگ جا نشان ٿي پون ٿا. ٻوٽن کي وائرل بيمارين کان بچائڻ لاءِ طريقا ڳولھڻ ۾ اڃان ڪاميابي نه ٿي آھي. حيواني بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ جا ٻه اثرائتا طريقا صاف سٿرو ماحول ۽ ٽڪا يا وئڪسين لڳائڻ (Vaccination) آھن ڇوته اڪثر بيماريون ساھ جي نالي ذريعي يا رت يا وري ٻي جسماني پاڻياٺ وسيلي پکڙجن ٿيون.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت