صنعتي بئڪٽيريا مان ڇا مراد آھي؟

صنعتي بئڪٽيريا مان ڇا مراد آھي؟

صنعتي بئڪٽيريا (Industrial bacteria)انھن بئڪٽيريا کي چئبو آھي جيڪي بئڪٽيريا تماڪ جي پنن کي درست رکڻ (Curing) ۽ پچائڻ (Ripening)، کنڊ کي الڪوحل ۾ تبديل ڪرڻ، پنير کي پچائڻ، سڻيءَ جي تاندورن کي نرم بڻائڻ، کير کي ڌونئري ۾ تبديل ڪرڻ ۽ جانورن جي کلن کي چمڙي ۾ تبديل ڪرڻ وغيرھ وارو ڪم ڪندا آھن.

رابرٽ ايڇ وٽيڪر (Robert H Whittaker) جي تجويز ڪيل پنجن ڪنگڊمس جا نالا

وٽيڪر جي تجويز ڪيل پنجن ڪنگڊمس جا نالا ھن ريت آھن.
(1)           ڪنگڊم مونيرا (Kinghom Monera)
(2)           ڪنگڊم پروٽسٽا (Kingdom Protista)
(3)           ڪنگڊم فنجائي (Kingdom fungi)
(4)           ڪنگڊم پلانٽي (Kingdom plantee)
(5)           ڪنگڊم ائنيمئليا (Kingdom Animalia)

بئڪٽيريا ۾ موجود مختلف قسمن جا پاڻ تي ڀاڙيندڙ وارا طريقا

بئڪٽيريا ۾ پاڻ تي ڀاڙيندڙ وارا ٻه طريقا آھن.

(1)           روشنائي ترڪيب ڪندڙ بئڪٽيريا (Photosynthetic bacteria)
(2)           ڪيميائي ترڪيب ڪندڙ بئڪٽيريا (Chemosynthetic bacteria)

(1)           روشنائي ترڪيب ڪندڙ بئڪٽيريا (Photosynthetic bacteria)
ھنن بئڪٽيريا ۾ ڪلوروفل سان ملندڙ جلندڙ پگمينٽ بئڪٽيرو ڪلوروفل (Bacterio chlorophyll) ٿيندا آھن. اھي پگمينٽ سائٽو پلازم ۽ گھرڙي جي ڀت ۾ موجود ھوندا آھن. اھي پگمينٽ روشنائي ترڪيب وارو عمل ڪندا آھن.

(2)           ڪيميائي ترڪيب ڪندڙ بئڪٽيريا (Chemosynthetic bacteria)
ھي بئڪٽيريا پنھنجي غذا ٺاھڻ لاءِ توانائي غير نامياتي مرڪبن جي آڪسيجڻ (Oxidation) جي عمل سان حاصل ڪندا آھن جيئن لوھھ، ھائڊروجن، نائٽروجن، سلفر جا مرڪب وغيرھ .

سائنو بئڪٽيريا جون مکيھ خاصيتون

سائنو بئڪٽيريا جون مکيھ خاصيتون ھن ريت آھن.
(1)           ھي نيري سائي الجي پروڪيريوٽڪ (Prokaryotic) آھي.
(2)           ھي اڪيلي سر يا ڪالوني جي صورت ۾ رھي ٿي.
(3)           ھن جي ڀت ٻٽي تَھَ واري ٿيندي آھي.
(4)           ھن جي پروٽوپلازم جو ٻاھريون حصو ڪروموپلازم (Chromo plasm) رنگين ۽ اندريون حصو ليوڪوپلازم (Leucoplasm) جي رنگ آھي.
(5)           اڪثر مٽي پاڻيءَ ۾ ٿيندي آھي. ڪجھ قسم کاري پاڻيءَ ۾ بي ٿين ٿا.
(6)           ھنن ۾ غيرجنسي پيدائشي عمل ناسٽاڪ (Nostoc)۽ ائنا بينا  (Anabena) ٿين ٿا.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت