نئين دور جا نوان سبق (سبق ڏهون) - ادل سومرو


سبق ڏهون
پ ـــ پاڻي
پاڻيءَ جي ڪهاڻي تمام پراڻي آهي. پاڻيءَ سان اسان سڀني جي پڪي دوستي آهي ۽ ان کانسواءِ اسان جو چاڙهو ڪونهي. جڏهن اُڃ لڳندي آهي تڏهن پاڻي پيئبو آهي. ڪي ماڻهو وري خوامخواه پاڻي پيئندا ۽ هاريندا آهن.
پاڻي جيئن ته قدرت طرفان اسان کي مفت عنايت ٿيل آهي، تنهن ڪري اسان کي اُن جو قدر ڪونهي. مفت جي شين جو قدر ڪونه ٿيندو آهي.
پئسي وارا ماڻهو، اونهاري ۾ اُڃ لڳڻ مهل قسمين قسمين ٿڌا رنگين شربت واپرائي پنهنجي اُڃ اُجهائيندا آهن. گرميءَ سبب برف پوش پهاڙن ڏانهن تفريح ڪرڻ هليا ويندا آهن ۽ ڏوڪڙن کي پاڻيءَ وانگر خرچ ڪندا آهن.
پورهيت ماڻهو ڪارين اُسن ۽ هڏ هڻندا آهن ۽ پگهر ۾ پاڻي ٿي ويندا آهن. اُڃ لڳڻ مهل کين ٻاڙو پاڻي نصيب ٿيندو آهي. گهڻي محنت ڪرڻ اُنهن جي حالت اسان جن پرائمري اسڪولن جهڙي ٿي ويندي آهي.
پورهيت وانگر پرائمري اسڪول به هر قسم جي سهولت کان محروم هوندو آهي. پرائمري اسڪولن ۾ اڪثر ڪري بجلي نه هوندي آهي تنهن ڪري ٻارڙا ويچارا اونهاري ۾ پگهر ۾ غوطا کائيندي سبق پڙهندا آهن، جنهن ڪري کين ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي.
وري جڏهن ٻارڙا اسڪول جي سينور لڳل مٽن مان ٻاڙو پاڻي پيئندا آهن، تڏهن سندن ڪچڙي نڙي وڌيڪ خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ هو سبق پڙهي نه سگهندا آهن.
سياري جي مند ۾ پرائمريءَ جا شاگرد، اسڪول جي چو طرف کُليل ۽ زبون جاءِ ۾ سيءَ کان ٿڙڪندا رهندا آهن. سندن هٿ ڏڪندا آهن تنهن ڪري هو لکي نه سگهندا آهن. هو اسڪول ۾ تريون مهٽيندا رهندا آهن ۽ سندن تعليم جو معيار بلند ٿيندو رهندو آهي.
ننڍڙو ٻار ٻوٽي مثال آهي. جيڪڏهن کيس پيار جو پاڻي ڏبو رهبو ته هو وڌندو. جيڪڏهن مٿس سختي ڪبي ته هن کي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ڪلر وٺي ويندو ۽ هُو وڌي نه سگهندو. پرائمري ماستر پنهنجي گهر ۾ جيتوڻيڪ پنهنجن ٻارن کي پيار ڏئي نه سگهندو آهي، تڏهن به هو ڪوشش ڪري اسڪول جي شاگردن کي پيار سان پڙهائيندو آهي.
پاڻيءَ ۾ ٿورو کير ملائي، اُن کي کير ڪري کپائي سگهجي ٿو. اهڙي قسم جي ڪمائيءَ کي پاڻيءَ جي ڪمائي چئبو آهي. جن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ڪمائي هوندي آهي، اُهي ڪڪڙ، قورما ۽ ٻيا سٺا سٺا طعام واپرائيندا آهن. جن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ڪمائي نه هوندي آهي، اُنهن جا رڳو وات پاڻي پاڻي ٿيندا آهن. وات پاڻي پاڻي ٿيڻ کان پوءِ اُنهن جي اکين ۾ به پاڻي تري ايندو آهي. جن ماڻهن جي اکين ۾ پاڻي هوندو آهي، اُنهن جي قسمت ڪُراڙي ۽ ڪمزور هوندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ کي ڪاوڙ به ايندي آهي، پوءِ هو بچاءِ بند ڀڃي وسنديون ۽ کيت ٻوڙي ڇڏيندو آهي. ماڻهو پاڻيءَ جي انهيءَ ڪاوڙ کي ٻوڏ چوندا آهن.
ٻوڏ جو شڪار گهڻو ڪري گنجي ۽ گوڏ وارا ڳوٺاڻا ٿيندا آهن. ٻوڏ ۾ سندن ڪچا گهر ۽ ڍور ڍڳا لُڙهي ويندا آهن ۽ پوءِ اهي ويچارا ڳوٺاڻا پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، ٻوڏ جا ستايل بڻجي، بندن تي امداد جي آسري تي اکيون واٽن تي وڇائي ويٺا هوندا آهن.
ڪجهه وقت کان پوءِ شهر جا ”معزز شهري“ اکين تي ڪاري عينڪ چاڙهي، ڪيمرائون کڻي، ڪارن ۾ چڙهي ايندا آهن. اٺ سير امدادي اٽو ورهائي دردناڪ پُوز (فوٽو) ڪڍرائي هليا ويندا آهن. گهر وڃي، پنهنجي فوٽوءَ ڏسڻ لاءِ ٻئي ڏينهن جي اخبار جو انتظار ڪندا آهن.
معزز شهري شهر جا ٿنڀا هوندا آهن. پيٽ کان وٺي هنن جي هر شيءِ غير معمولي هوندي آهي. ماستري معزز پيشو کڻي آهي، پر ماستر ڪڏهن به معزز شهرين ۾ شمار ٿي نٿو سگهي. اهڙي ريت ڍڪ منشي، ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ ٻيا پورهيت وغيره معزز شهري نه هوندا آهن. ان ڪري اهو ضروري ناهي ته معزز شهريءَ جو پيشو به معزز هجي. اڄوڪي دور ۾ حرام، حلال تي حاوي آهي. حلال جي ڪمائيءَ تي حرام جي ڪمائيءَ پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.
شال ائين نه ٿئي جو اسين حرام جي ڪمائي تي پلجي جوان ٿيون!

مشق
سوال نمبر 1:       تعليم جو معيار ڪهڙي نموني ۾ بلند ٿي رهيو آهي؟

سوال نمبر 2:       ڪهڙن ماڻهن جي قسمت ڪراڙي ۽ ڪمزور هوندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندي آهي؟

سوال نمبر 3:       ماستر معزز شهري ڇو نٿو ٿي سگهي؟

نوان لفظ
ڪاوڙ
:
بهادر ماڻهوءَ جي خوراڪ
معزز شهري
:
جنهن جي پُٺِ مضبوط هُجي
پٽيوالو
:
جنهن کي پٽو نه هجي



فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Share on Whatsapp

Sindh Digital Readers



Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت