Back Page Title by Malook Lund

اسين حال هيڻا ، اوهان جي خدائي-وڏي ڳالهه آهي!
هلي پئي اڃان زندگيءَ جي لڙائي-وڏي ڳالهه آهي!
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي-وڏي ڳالهه آهي!
اڃان وقت پئي ڳولي سچائي -وڏي ڳالهه آهي!
شيخ اياز
           

                                                       
بلوچ صحبت علي 01.01.1974ع ۾ دادو شهر جي  محلي ڇاڻو شاهه آباد ۾ هڪ غريب هاري محمد يعقوب لُنڊ جي گهر ۾ جنم ورتو. ان وقت ڪنهن جي خواب و خيال ۾ به ڪونه هو ته هن پُٺتي پيل علائقي ۾ جنم وٺندڙ هي نومولود ٻار اڳتي هلي پنهنجي پيشي، علم، ادب، اختلاقيات ۽ ثقافت ۾ ايترو نالو ڪمائيندو.


پيشي جي لحاظ  کان پاڻ هڪ ڪامياب وڪيل آهي. سندس تعليم  ايل ايل.بي، بي.ايس سي، ۽ ايل ايل. ايم آهي. پاڻ ٿوري عرصي ۾ پنهنجي پيشي ۾ ايڏي ته مهارت  حاصال ڪيائون جو هينئر دادوءُ جي وڪيلن ۾ تارن ۾ چنڊ مثل پيو جرڪي. پاڻ تقريبا سب ڪيس ميرٽ جي بنياد تي کٽيا اٿن. اها ته آهي سندن پيشي ۾ ڪاميابي، پر ادب جي ميدان ۾ به جڏهن سن 1995 ۾ قدم رکيائون ته علمي ۽ ادبي ميدان جو اهو جاکوڙي شهسوار بنجي پيو، جنهن جو هينئڙو اوٺيءَ وڳ جيئن هڪ جاءِ تي ٿانيڪو نه پيو ٿئي. پاڻ مختلف طرفن کان ووڙ ۽ واڪا ڪندو روشني ڦهلائڻ لاءِ جهرجهنگ، واهڻ واهڻ  ۽ نگر نگر ڦرندو رهي ٿو. سندس هن وقت تائين ڪل سترنهن 17 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي مختلف موضوعن تي لکيل آهن .

بلوچ صاحب هڪ سچو ۽ پنهنجي ڌرتي وطن سان  مڪمل طور تي ڪميٽيڊ اديب/شاعر آهي. شعري مجموعا ”ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ“ ۽ ”من صحرا صحرا“ ، شاهڪار ڪتاب آهن. ان کان علاوه سندس نثر ۾ لکيل ڪتاب، ”سوجهرن جا سفير“ ، جيڪ مختلف سنڌ جي مختلف اديبن ۽ شاعرن کان ورتل انٽرويوز جو ڪتاب آهي ، سو پڻ هڪ لازوال تاريخي دستاويز آهي.

پاڻ همه گير صلاحيتن جو مالڪ هجڻ سان گڏ ادب، سماج، سياست، تاريخ ، سماجي سائنس ۽ جدلياتي علمن جو پڻ گهرو ادراڪ رکي ٿو.

بلوچ  صاحب پنهنجي تحريرن ۾،  ٻولي ٺيٺ سنڌي، نهايت سوَلي ۽ سلوڻي استعمال ڪرڻ جو ڏانءَ رکي ٿو، جنهنڪري هڪ اعليٰ تعليم يافته فرد کان وٺي هڪ گهٽ پڙهيو شخص به ان کي سمجهي ۽ حظ حاصل ڪري سگهي ٿو.

بلوچ صحبت نثر نويس، شاعر، مترجم ۽ نقاد آهي.  ترجمو ڪرڻ به هڪ خاص فن آهي. ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جو ترجمو پنهنجي ٻولي ۾ يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته هر ٻوليءِ جو گرامر يعني محاوره، اصطلاح ۽ نحوي بناوتون پنهنجي خاص نوعيت جون هونديون آهي. انهن جي اصطلاحي جملن جي معنيٰ جي گهرائين جا نمونا ۽ نزاڪتون به پنهنجي خاص نموني جون هونديون آهن. تنهنڪري ترجمو نهايت خبرداري، محنت ۽ احتياط سان ڪرڻو پوندو آهي. ته جيئن اصلي ٻوليءَ جو روح مجروح نه ٿئي ۽ سندس مفهوم ۾به  تِر جيترو فرق به نه اچي. بلوچ صحبت انهن لوازمات کان بخوبي واقف آهي. تنهنڪري ترجمي ڪرڻ وقت اُهي هڙئي گهرجون پوريون ڪندو آهي.

ملوڪ لُنڊ
09.01.2019

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت