نئين دور جا نوان سبق (سبق چوٿون) - ادل سومرو

  





سبق چوٿون
ڀ ـــ ڀَتُ
ڀتُ ٺيٺ ديسي کاڌو آهي ۽ اُن جي تاريخ به گهڻي پُراڻي آهي. ڀتَ جي وصف وغيره به تمام سولي ۽ مختصر آهي، جنهن ڪري اُن جي تياريءَ ۾ ڪنهن خاص ترڪيب جي مدد وٺڻي نه پوندي آهي.

عام طرح ٻه ڀت مشهور آهن:
1.  هڪ ڀُريل ڪڻڪ (ڏارو) جو ڀت ۽
2.  ٻيو ڀُريل چانورن جو ڀَتُ. ڀَتُ.

ڀَتُ ڀُريل ڪڻڪ يا ڀُريل چانورن جو مجموعو هوندو آهي، تنهن ڪري معاشي طور ڀُريل ماڻهو ئي ڀَتُ کائيندا آهن. سڄا چانور برياني ۽ چاشنيءَ جي روپ ۾ رڳو خوشحال ماڻهن لاءِ هوندا آهن. جن جا ڀڀ وڏا هوندا آهن اُهي ڀَتَ کان ڀڄي ويندا آهن.

وڏن شهرن جي وڏن هوٽلن ۾ ڀتُ اڻلڀ هوندو آهي. ان کانسواءِ بنگلن ۾ ڀت لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي آهي، تنهن ڪري ڀتُ ويچارو فقط ڀُونگيءَ ۾ ئي رهي سگهندو آهي. ائين کڻي چئجي ته ڀُونگي ڀت جي ڀر جهلي آهي. ڪي ماڻهو وري ڀتَ تي چِڙندا آهن. حالانڪه ڀَتُ نهايت سادي سُودي شيءِ آهي، جنهن تي ڪنهن کي چِڙڻ نه گُهرجي.

ڀَتُ آهي کير سان ــ جڏهن ڳوٺن ۾ کير سهانگو ۽ گهڻو هوندو هو تڏهن شادين ۾ هي ڳيچُ ڳائبو هو:

گــهوٽ لڌيون لائون
تــــــــون ۽ آئــــــــــون
گهوٽ جـي گهر هلي
کيـر ڀــت کـــــــائــون

وري جڏهن کير جي پاڻيءَ سان  سنگت وڌي ۽ وڪرو جام ٿيڻ لڳو ته ڀَتُ ويچارو اڪيلو رهجي ويو ۽ شادين تي هي ڳيچ ڳائڻ شروع ٿيو:

آيــــا سُـڃي شهر مان
گـــهـــوٽ پـــرڻـــائي
سڄي ڄـــڃ ويــٺــي
رُکـو ڀَــتُ کــــــــائــي.

ڪي ماڻهو بيٺي بيٺي ڀَتُ کائيندا آهن ته ڪي وري ڀتِ تي چڙهي ڀَتُ کائيندا آهن. جيڪي انسانن جو رت پيئندا آهن اُنهن کي ڀَتُ نه وڻندو آهي. سکر ۾ کرڙيءَ جو مشهور تاريخي جنگي ميدان آهي. کرڙي جيئن ته رتُ تي هريل هئي، ان ڪري هُن مشهور شاعر خليفي نبي بخش لغاري جي لفظن موجب ڀَتُ وات ۾ نه وڌو:

کرڙي کائي رتُ، ڀَتُ نه وجهي وات ۾،

ڳوٺاڻا ٻار جيئن ته ڀتَ جا گهڻا هيراڪ هوندا آهن.
تنهن ڪري هي گيت اُنهن ڀتَ  کائُو ٻارن جو آهي:

ڳـــيــچ ڳــــائـــينـــدو وتُ
ڀــــــتُ کــائــينـــــــدو وتُ

ڪوڙ کي رک تــون ســـٽي
ساڙ جـي پـــــــاڙَ پـــــــٽــي

پيار جــــو هـر هـــنڌ پرين!
رنـــــگُ لائـــيـــــنـــدو وَتُ
ڀَــــــتُ کائــيـــــنـــدو وتُ

غــــــم ۾ جــــان نه ڳــــــار
سور سڀ پنهـــنـجا وســـار
جـــــــمالـــــــو ڳـــــائي مٺا
جُهــــــمر پائــــينــــدو وتُ
ڀــــــــتُ کائــيـــنـــدو وتُ.

مشق
سوال نمبر 1:       وڏن هوٽلن  ۾ ڀت ڇونه ملندو آهي؟
سوال نمبر 2:       کير جا ڀت کان جدائي جا سبب بيان ڪريو؟
سوال نمبر 3:       کرڙيءَ ڇا جي ڪري ڀتُ وات ۾ نه وڌو؟

نوان لفظ

ڀڀُ  
:
جيڪو ڪڏهن نه ڀرجي
خوشحال 
:
جيڪو ڀتُ نه کائي
کير 
:
جنهن ۾ پاڻي نه هجي






فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت