احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان
جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه
وسلم مَنْ صَامَ رَمَضَانَ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ
مِنْ ذَنْبِهِ وَمَنْ قَامَ رَمَضَانَ۔ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا
تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ وَمَنْ قَامَ لَيْلَةَ الْقَدْرِ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا
غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب من صام
رمضان ایماناً واحستساباً الخ ج 1 ص 211۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی
فضل شھر رمضان ص 119)
”حضرت ابو هريره ؓ کان روايت
آهي ته
پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جيڪي ماڻهون رمضان المبارڪ جا روزا ايمان جي
حالت ۾ ۽ ثواب جي نيت سان رکندا ته انهن جا پهريان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا ۽
اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهون ايمان جي حالت ۾ (يعني شريعت کي برحق ڄاڻيندي ۽ رمضان شريف
جي روزن جي فرضيت جو اعتقاد رکندي) ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي خاطر (يعني ڪنهن خوف يا
رياء ۽ ڏيکاء خاطر نه بلڪه خالص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ) رمضان شريف جي راتين ۾
نفل (يعني تراويح ۽ تهجد) پڙهندا ته انهن جا به سمورا پهريان گناهه معاف ڪيا ويندا
۽ اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو ليلة القدر جي رات ۾ ايمان ۽ احستاب سان نوافل پڙهندا ته
انهن جا به سمورا پهريان گناهه معاف ڪيا ويندا.“
هن حديث شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته ”رمضان شريف ۾ قيام ڪرڻ وارن جا
گناهه معاف ڪيا ويندا“ ان مان مراد هي آهي ته رمضان المبارڪ جي راتين ۾ تراويح
پڙهڻ، قرآن ڪريم جي تلاوت ۽ ذڪر الله ۾ مشغول رهڻ ۽ اگر حرم شريف ۾ هجي ته طواف ۽
عمرو يا انهيءَ قسم جي ٻي عبادت ۾ پنهنجو پاڻ کي مصروف رکي ۽ اهڙي طرح شب قدر ۾
بيهڻ ۽ قيام جو مطلب هي آهي ته شبِ قدر خدا جي عبادت ۽ ان جي ذڪر ۾ مشغول رهڻ جي
رات آهي ۽ شب قدر جي رات جو علم هجي يا نه قيام ڪرڻ ۽ عبادت ڪرڻ جو ثواب ملندو.
هن حديث شريف يا هن جهڙين
ٻين حديثن ۾ گناهن جي معافي مان مراد صغيره گناهه هوندا آهن ان ڪري جو قرآن ڪريم ۾
جنهن جڳهه تي ڪبيره گناهن جو ذڪر آيو آهي انهن کي الاَّمَنۡ تَابَ (يعني مگر جنهن
توبه ڪئي هجي) سان ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اهل علم حضرات جو اجماع آهي ته ڪبيره
گناه توبه کان سواءِ معاف نه ٿيندا آهن. لهذا حديث ۾ جيڪو گناهن جي معاف ٿيڻ جو
ذڪر آيل آهي ان مان مراد صغيره گناهن آهن.
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment