رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم مَنْ صَامَ رَمَضَانَ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ وَمَنْ قَامَ رَمَضَانَ۔ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ وَمَنْ قَامَ لَيْلَةَ الْقَدْرِ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ ‏۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب من صام رمضان ایماناً واحستساباً الخ ج 1 ص 211۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی فضل شھر رمضان ص 119)
”حضرت ابو هريره ؓ  کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جيڪي ماڻهون رمضان المبارڪ جا روزا ايمان جي حالت ۾ ۽ ثواب جي نيت سان رکندا ته انهن جا پهريان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهون ايمان جي حالت ۾ (يعني شريعت کي برحق ڄاڻيندي ۽ رمضان شريف جي روزن جي فرضيت جو اعتقاد رکندي) ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي خاطر (يعني ڪنهن خوف يا رياء ۽ ڏيکاء خاطر نه بلڪه خالص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ) رمضان شريف جي راتين ۾ نفل (يعني تراويح ۽ تهجد) پڙهندا ته انهن جا به سمورا پهريان گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو ليلة القدر جي رات ۾ ايمان ۽ احستاب سان نوافل پڙهندا ته انهن جا به سمورا پهريان گناهه معاف ڪيا ويندا.
هن حديث شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته ”رمضان شريف ۾ قيام ڪرڻ وارن جا گناهه معاف ڪيا ويندا“ ان مان مراد هي آهي ته رمضان المبارڪ جي راتين ۾ تراويح پڙهڻ، قرآن ڪريم جي تلاوت ۽ ذڪر الله ۾ مشغول رهڻ ۽ اگر حرم شريف ۾ هجي ته طواف ۽ عمرو يا انهيءَ قسم جي ٻي عبادت ۾ پنهنجو پاڻ کي مصروف رکي ۽ اهڙي طرح شب قدر ۾ بيهڻ ۽ قيام جو مطلب هي آهي ته شبِ قدر خدا جي عبادت ۽ ان جي ذڪر ۾ مشغول رهڻ جي رات آهي ۽ شب قدر جي رات جو علم هجي يا نه قيام ڪرڻ ۽ عبادت ڪرڻ جو ثواب ملندو.
هن حديث شريف يا  هن جهڙين ٻين حديثن ۾ گناهن جي معافي مان مراد صغيره گناهه هوندا آهن ان ڪري جو قرآن ڪريم ۾ جنهن جڳهه تي ڪبيره گناهن جو ذڪر آيو آهي انهن کي الاَّمَنۡ تَابَ (يعني مگر جنهن توبه ڪئي هجي) سان ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اهل علم حضرات جو اجماع آهي ته ڪبيره گناه توبه کان سواءِ معاف نه ٿيندا آهن. لهذا حديث ۾ جيڪو گناهن جي معاف ٿيڻ جو ذڪر آيل آهي ان مان مراد صغيره گناهن آهن.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت