ابو ريحان البيروني


مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي





ابو ريحان البيروني
سلطان محمود غزنوي ھڪ عظيم فاتح ھجڻ سان گڏ علم دوستي جي لحاظ کان تاريخ ۾ اھم جاءِ والاري ٿو. ھن جي درٻار علم ۽ فن جو مرڪز ھئي. وقت جا وڏا عالم ۽ فنڪار درٻار سان لاڳاپيل ھئا. جن منجھان فردوسي ۽ البيروني کي وڏي شھرت ملي. فردوسي جڳ مشھور نظم شاھنامھ اسلام جو مصنف بڻيو البيروني وڏي علم جي عالم جي حيثيت سان مشھور ٿيو.
ابو ريحان محمد بن احمد البيروني ارل ڍنڍ وٽ 973ع ۾ پيدا ٿيو سلطان محود غزنوي جڏھن ان جي وطن تي قبضو ڪيو ته کيس پنھنجي درٻار ۾ وٺي آيو. البيروني ڪيئي ڀيرا سلطان سان گڏ ھندستان آيو. ان کان پوءِ ھن ويھھ سال لاڳيتو ھندستان جي ھنڌ ھنڌ جو دور ڪيو. جتي ھن ھندو پنڊتن وٽان فلسفو، رياضي، جاگرافي ۽ ھندو مذھب جو علم حاصل ڪيو. ھندن کي عربي، يوناني علمن سان گڏ سائنس جي تعليم ڏني. ھن پاڻ سنسڪرت لکي ورتي. پنھنجي سياحت جي تجربن کي پنھنجي مشھور ڪتاب (ڪتاب الھند) ۾ قلمبند ڪيو. جنھن جي ذريعي ان وقت جي ھندستان جي تاريخي ۽ معاشرتي حالتن جي آگاھي ملي ٿي. ھن ڪتاب مان سلطان محمود غزنوي جي حملن ۽ سومنات جي اوائلي تاريخ بابت ڀروسي جوڳي معلومات ملي ٿي.
ھندستان کان واپسي تي البيروني ٻيو پنھنجو مشھور ڪتاب قانون مسعودي لکيو. جيڪو علم ھيئت (اھو علم، جنھن ۾ فلڪي جسمن ۽ زمين جي گردش ۽ ڪشش بابت بحث ڪجي) تي لافاني ڪارنامو آھي، ھي ڪتاب سلطان مسعود جي نالي سان منسوب ڪيو. ان تي سلطان مسعود حڪم ڪيو ته البيروني کي ھاٿيءَ جي تور برابر سون ۽ چاندي ڏنو وڃي. پر البيروني انڪار ڪري ڇڏيو. اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت اھل علم دولت سان ڪابه دلچسپي نه ر کندا ھئا. ھن علم طبعيات ھي ڳالھه ڳولي لڌي ته روشني آواز کان تيز رفتار آھي.
البيروني جو ھڪ ٻيو مشھور ڪتاب (آثار الباقيه) آھي. جنھن ۾ آڳاٽي قومن جي سلسلي وار تاريخ ۽ جاگرافي جي اھم معلومات ڏنل آھي. ان ۾ زمين جو پنھنجي محور تي گردش ڪرڻ وارو نظريو آھي. جيڪو صحيح ثابت ٿيو آھي. ان کان سواءِ ھن ڪتاب ۾ زمين جي بلڪل ٺيڪ عرض البلد (اھا خيالي لڪير جيڪا خط استوا جي برابر ڇڪي وڃجي) ۽ طول البلد (ڪنھن ھنڌ جو فاصلو جيڪو نصف النھار جي لڪير کان معلوم ڪجي) ڪيا ويا. ۽ قدرتي چشمن جي سببن تي به روشني وڌي وئي آھي. ان جي ھڪ ٻي تصنيف ڪتاب الجواھر جي نالي سان آھي. جنھن ۾ مختلف قسمن جي قيمتي پٿرن ۽ انھن جي ڪشش ثقل تي روشني وڌي وئي آھي، علم ھيئت بابت ڏنل صحيح ڳڻپ ۽ اندازي جي ڪري ماڻھو البيروني کي جادوگر سڏيندا ھئا. 75 سالن جي عمر ۾ سندس وفات 1048ع ۾ ٿي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت