سفرنامو عرف عشق نامو
ممتاز مهر
هي جملا عام طرح ٻڌڻ
۾ ايندا آهن ته ”مزو ناهي ملڪ ۾“، ”مزو ناهي زندگيءَ ۾“، خاص ڪري اڌڙوٽ ۽ منهنجي
عمر وارا ٿڌا ساهه ڀري ائين چوندا آهن. تازو وفات ڪري ويل آمريڪي فلاسافر ڊينل سي ڊينيٽDanial C Dennett جو چوڻ آهي ته
انساني خوشيءَ جو دارو مدار جسماني صحت تي نه بلڪ ذهني صحت منديءَ تي آهي. ڇاڪاڻ
ته ذهن ئي سموري بدن جي ڪارڪردگي کي ڪنٽرول ڪري ٿو. بند ڪمري ۾ رهندڙ ماڻهو ذهني ٻوسٽ
جو شڪار ٿئي ٿو، آزاد ماڻهوءَ جو ذهن هميشهه فرحت ۾ رهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سرحدون جڏهن
ڪونه هونديون هيون، تڏهن مارڪو پولو بنا ڪنهن رنڊڪ روڪ جي اٽليءَ جي شهر وينس کان
سفر ڪندي چين پهچي شهنشاهه قبلائي خان جي درٻار ۾ پهچي ٿو. قبلائي خان سندس سفر جا
احوال ٻڌي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. دنيا جي شهرن جا رنگين قصا ٻڌي پنهنجي قبائلي طرز
جي زندگيءَ تي شرمندگي محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪمتر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. سو اهو آهي
جادو سئر سفر ڪرڻ جو.
سياحت ڪندڙ جي
زندگي ۾ هڪ قسم جو سواد flavor اچي وڃي ٿو. هڪ سٺي کاڌي وانگر سندس زندگي ذائقيدار بڻجي وڃي ٿي. اڄڪلهه
جي سياحت تمام مهانگي ۽ منجهائيندڙ شرطن قاعدن سان جڪڙيل آهي.
بلوچ صحبت علي پڻ
ويزا جي حاصل ڪرڻ سميت ٻين انيڪ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري پاڪستان جهڙن پٺتي
پيل ملڪن جي ڪمزور ڪرنسي ۽ خراب شهرت پڻ سبب آهن. پاڪستاني پاسپورٽ جي دنيا ۾ عزت ڪانهي.
دنيا مان سرحدون ختم ٿي وڃن هڪ يوٽوپيائي تصور نه آهي بلڪ هڪ پراُميد افضا سوچ
آهي، جيئن ڪارل مارڪس چيو هو ته،”انسان ذات لاءِ هر ننڍو وڏو ڇوٽڪارو انساني دنيا
کي ٻيهر اڏڻ جو هڪ مرحلو آهي تاڪ ماڻهن جو هڪ ٻئي سان تعلق جڙي سگهي“.
سئر سفر ڪرڻ به
تعلق جوڙڻ جو عمل آهي. ياد رهي زندگي به سفر آهي. اهو به ياد رهي ته سياحت ڪندڙ
پوري جڳ سان محبت ڪندڙ انسان هوندو آهي. هو بين الاقواميت پسند هوندو آهي. وطن سان
محبت ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي، پر شاهه لطيف چواڻي ”عالم سڀ آباد“ هجي، پنهنجي وطن سان
گڏ.
بلوچ صحبت علي جو
سفرنامو ”انڊونيشيا جو عشق“ پڙهندي مون محسوس ڪيو ڄڻ ته هن ڪيسونيوا ۽ بائرن جو
روپ ڌاري اهو سفر ڪيو آهي. ڪسيونيوا پنهنجي ذوق شوق جو سربستو احوال پنهنجي
اعترافن ۾ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ڪن نقادن جو خيال آهي ته هن وڌاءُ کان ڪم ورتو آهي. پر
هن جي صاف گوئيءَ اظهار جي جرئت تي کيس داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. (مشهور
رومانوي شاعر بائرن برطانيه جي ٻوسٽ واري ماحول کان تنگ ٿي، ان کي خير آباد چئي اٽليءَ
۾ اچي رهيو ۽ ترڪن خلاف يونانين جي جنگ آزاديءَ ۾ شريڪ ٿي ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري
ويو. بائرن پاڻ ايترو ته خوبصورتsmart هوندو هيو جو ناريون خود مٿس عاشق ٿي پاڻ کي ارپينديون هيون. ان سبب
بائرن خوب مزا ماڻيا.
منهنجي خيال ۾
بلوچ صحبت علي پهريون سنڌي ليکڪ آهي جنهن پنهنجي هن سفرنامي ۾ موج مستيءَ وارن
واقعن جو بي باقيءَ سان ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪن چيپٽرن جا عنوان هن طرح
آهن؛ ”شوخ حسينا سان ٽڪر“، ”فنس ڪلب جا نشا“، ”فنس ڪلب؛ هوءِ ۽ مان“، ”گرم بسترا“،
”موج مستيون“، ”ورجن بيچ جي ورجن ناري“، ”هوٽل جي جوان رات“، ”سهڻين جا نخرا“،
”قاتل حسينائون“ ۽”الوداع بالي....وري ملبو“.
انڊونيشيا آباديءَ
جي لحاظ کان دنيا ۾ مسلمان آباديءَ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. صدر سئيڪارنو جي دور ۾
سندس سيڪيولر حڪمت عمليءَ سبب ملڪ اندر سياحت عروج تي هوندي هئي ۽ جنسي ڪاروبار به
عام هوندو هو. بعد ۾ اسلامي تبليغ جي اثر ڪري ان تي ظاهري طور ٻنجو اچي ويو هو، پر
جيئن ته ملڪ جي آمدنيءَ جو وڏو حصو سياحت ۽ تفريح آهي، تنهنڪري جهل پل ڪا به ڪانهي.
جنهن جي شاهدي بلوچ صحبت جي هن سفرنامي جي احوال مان به ملي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ساڳي
صورتحال هو ٻئي مسلمان ملڪ ملائيشيا ۾ به هوندي، جتان جو به سفر بلوچ صحبت علي
پنهنجي ڪن ٻين دوستن سان گڏجي ڪري ان تي به الڳ ڪتاب لکيو آهي. البته ملائيشيا ۾
مغربي سياحن لاءِ ايتري ڇڪ ناهي جيتري کين فلپائين لاءِ ٿيندي هوندي. فلپائين جي
آباديءَ جو وڏو انگ مقامي عيسائين جو آهي جيڪي ڪافي لبرل آهن.
بلوچ صحبت علي هرڪم
۽ ارادي ۾ عمدگي پسند perfectionist رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري وارو عهدو هجي، وڪالت جو
پيشو هجي، يا بطور شاعر، مترجم ۽ ايڊيٽر انگريزي ماهوار The
Literature جو هجي يا ٻاهرين ملڪن جي سياحت وارو
پروگرام، انهن جي رٿا بندي، عمليت پسندي تڪميل لاءِ ذميدار ي، جفاڪشي ۽ نفاستي
طريقهءِ ڪار سندس گڻ چئبا. خاص وصف سندس لکڻيءَ جو اندازِ بيان آهي. انڊونيشيا جي
سفر جو احوال پڙهندي پڙهندي محسوس ٿيندو ڄڻ ته پڙهندڙ به ان سفر ۾ ساڻ آهي. ڪم
آندل ٻولي ايتري ته روان ۽ مزيدارآهي جهڙوڪر زباني حال احوال يا دلچسپ قصا گوئي،
جنهن ۾ پڙهندڙ ايترو ته محصور ٿي ويندو جو چاهيندو ته سفر جو احوال اڃان جاري رهي.
جيئن چپس سان نمڪ پارا کائڻ دوران crispy لڳندا آهن تيئن ئي ان سفر جو داستان به آهي.
جيئن سنڌيءَ ۾
چئبو آهي ٻه ته ٻارنهن، تيئن انڊونيشيا جي ان سفر ۾ بلوچ صحبت علي سان ٽي دوست ڊاڪٽر
سنتوش مل، پرتاب راءِ شيواڻي ۽ منصور علي چارڻ به شامل آهن. هم خيال ۽ سک ڏک جا ساٿي،
انهن همراهن ڪري بلوچ جو اهو سفر ڪاميابيءَ ۽ خوشگوار پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو. جيڪڏهن
بلوچ صحبت علي اهو سفر اڪيلو ڪري ها ته پوءِ ان جو اظهارِ بيان ۽ احوال به ممڪن
آهي ته مختلف هجي ها.
ان سفرنامي ۾ نه
صرف موج مستي ۽ حاصل ٿيل لذتن جو احوال آهي، ساڻ ساڻ انڊونيشيا جي تاريخ، تهذيب،
سماجي ۽ معاشي ۽ سياسي حالتن جو به احوال ملندو. ٻيو ته ڪتاب جي خالي هنڌ کي بلوچ
صحبت علي ڏاهن جي قولن، پنهنجي شعرن جي بندن ۽ واضع سياسي بيانن سان پُر ڪري
پنهنجي ڪمٽمينٽ ۽ آدرشن جو به واضع اظهار ڪيو آهي. ان مان ظاهرٿيو ته بلوچ صحبت
علي هڪ ڪميٽيڊ انسان دوست ۽ سنڌ دوست ليکڪ ۽ شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي موجوده سماجي ۽
سياسي حالتن جي زوال کي ڏسي رنجينده ته آهي پر مايوس نه آهي. هو روشن مستقبل ۽
تبديلي جو آرزو مند آهي.
”دادو ۾ آهي
جادو“ جي رهواسي بلوچ صحبت علي جي خوش مزاجي، دوست نوازي ۽ علم دوستي جو قائل
رهندي مان سندس وڌيڪ ڪاوشن جو آرزو مند آهيان ته وڌيڪ سفرڪندو رهي ۽ عشق ناما
لکندو رهي.
ممتاز مهر
نوٽ: هن کان اڳ ۾
ايندڙ سفرنامي” انڊونيشيا جو عشق“ جي مهورتي تقريب جيڪا پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿي هئي،
جنهن جي صدارت نالي واري نقاد، ڪهاڻيڪار، ۽ فلاسفر محترم ممتاز مهر ڪئي هئي ۽
صدارتي مقالو پڙهيو هو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment