سخي دربار تنهنجو در قلندر! - عاشق دادوي



سخي دربار تنهنجو در قلندر!
نظر پنهنجي اسان تي ڌر قلندر!

رسولِ پاڪ جي گلشن جو گل هين،
ولين اوليائن ۾ املهه هين،
ڪري پرواز عرشن تي پڳل هين،
شهيد ڪربلا جي رنگ رنگيل هين،
تنهنجو رهبر علي حيدر قلندر!

اسان جي دانهن سڻ سيد سيوهاڻي،
نڪي بجلي نڪي آ دال پاڻي،
ٿيا بدتر آهيون قيدن کان هاڻي،
هڻن گوليون ٿا دهشت گرد تاڻي،
صفايو ظالمن جو ڪر قلندر!

پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي ويڳاڻا ڦرون ٿا.
ڳڀي ڳولا ۾ ٿي ساڻا ڦرون ٿا،
ڪڏهن ٿاڻا ڪڏهن گهاڻا ڦرون ٿا،
ٿي چريا چپ ڪري سياڻا ڦرون ٿا،
وسيلو واهرو ٿي ور قلندر!

ڪري پرواز پروانا پڇن ٿا،
مچي مچ تي نچي نانگا نچن ٿا،
عجب مشاق ۽ عارف اچن ٿا،
سدائون دادوي عاشق هڻن ٿا،
ڏي دلبر دان جهوليون ڀر قلندر!

سخي دربار تنهنجو در قلندر!
نظر پهنجي اسان تي ڌر قلندر!


عاشق دادوي

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت