ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ نُبَيْشَةَ، الْهُذَلِيِّ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم   أَيَّامُ التَّشْرِيقِ أَيَّامُ أَكْلٍ وَشُرْبٍ وَذِکۡرِ اللہِ۔ (مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم ایام التشریق و بیان انھا ایام الکل و شرب و ذکر اللہ عَزوجل ج 1 ص 360۔ مسند احمد بن حنبل ج 2 ص 169۔ 174۔ و ج 3 ص 415۔ 451۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی النھع عن صیام ایام التشریق ص 124(
حضرت نُبيشھ هذلي ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ايام تشريق (يعني 11 ـ 12 ــ 13 ذي الحج جا ڏينهن) کائڻ، پيئڻ ۽ الله پاڪ جي ياد جا ڏينهن آهن.
عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ ۽ ايام تشريق ۾ روزو رکڻ کان منع فرمايو ويو آهي ڇو جو اهي کائڻ، پيئڻ جا ڏينهن آهن ۽ انهن ڏينهن ۾ روزا رکڻ منشا الاهيءَ جي مخالفت آهي ۽ قربانيءَ جي ڏينهن ۾ گوياڪه الله پاڪ جي طرف کان مهماني هوندي آهي ۽ اهو انسان وڏو ناشڪرو ۽ وڏو متڪبر هوندو جيڪو الله پاڪ جي ضيافت ۽ مهمانيءَ جي ڏينهن روزو رکي.
۽ ڏهه (10) ذي الحج کان تيرهن (13) ذي الحج تائين روزن رکڻ کي ممنوع قرار ڏنو ويو آهي، هاڻي انهن ڏينهن جا روزا رکڻ عبادت نه بلڪه معصيت ۽ گناهه آهي. 
(فتاويٰ عالمگيريھ ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت