جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
سڀني کان موڪلائي گيٽ مان داخل ٿي سري لنڪن ڪولمبو
واري ڪائونٽر تي اچي پهتاسين. اتي ايڏي گهڻي رش ڪانه هئي. اهو ساڳيو ئي همراهه هن
دفعي به ڪائونٽر تي ويٺو هو، جيڪو سال 2022ع جي دوران جڏهن اسان نيپال ويا هياسين
ته ان ڏينهن به هن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو. خير هن دفعي سڌري ويو هو. اهڙي قسم جي
ڪا به ڳالهه نه ٿي. جنيد اسان سڀني جا پاسپورٽ هن وٽ جمع ڪرائي پاڻ آجو ٿي بيهي
رهيو. هن اسان جا بيگ لگيج واري پٽي تي رکي، انهن بيگن ۾ اسٽيڪر لڳائي، اسان کي
بورڊنگ ڪارڊ ڏيندي، ان جي پٺين پاسي بيگ جا اسٽيڪرچنبڙائي ڇڏيا هيا.
اتان نڪري اميگريشن وارن ڪائونٽرن تي جڏهن پهتاسين
ته دل ئي دهلجي ويو. تمام وڏي رش ڏسي، پاڻ سڀني کان ڪنڊ واري ڪائونٽر تي اچي بيهي
رهياسين. هتي ٻه لائينون هيون. ساڄي پاسي واري قطار ۾ اسان بيهي رهياسين. ان وقت
قطار ۾ گهٽ ماڻهو بيٺل هيا، پر ٿوري دير کان پوءِ ماڻهن جي ڀيڙ وڌندي وڌندي ويئي.
قطار ڊگهي ٿيندي ويئي ۽ انتظار وڌندو ويو. ٻين ڪائونٽرن تي ته اڃان به مسافرن جي
گهڻي رش نظر آئي. اسان واري قطار اڳتي وڌي ئي نه پئي، بلڪ چري ئي نه پئي. ڪلاڪ کان
پوءِ به ساڳي جاءِ تي بيٺا هياسين. جڏهن ته اسان جي کاٻي پاسي واري قطار جا اهي ماڻهو
جيڪي اسان کان به پٺتي بيٺل هيا، اهي وڃي ڪائونٽر تي پڳا هيا. ان مان لڳو ٿي ته
اسان واري ڪائونٽر تي ويٺل همراهه ڪجهه مڙئي سست سوايو آهي.
سو ٿيو ائين جو پرئين قطار وارن شور ڪيو ته ڪائونٽر
تي ويٺل همراهه پنهنجا من پسند ماڻهو اڳتي اماڻي رهيو آهي. اصل ۾ ٻه سنڌي سٻاجهڙا ٻهراڙي
جا ماڻهو هيا، جيڪي ذات جا سرڪي هيا. انهن سان هڪڙي پوڙهي عورت به هئي، مردن کي مٿي
تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. اهي ويچارا بغير بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ جي ئي اچي قطار ۾ بيٺا.
انهن کي سمجهايوسين ته پهرئين وڃو بورڊنگ ڪارڊ وٺي اچو ۽ پوءِ اچي هن قطار ۾، ساڳي
جاءِ تي بيهي اڳتي وڌو. اهي ٽيئي ڄڻا قطار کان نڪري بورڊنگ ڪارڊ لاءِ نڪري ويا ۽ جڏهن
موٽي آيا ته اتي ئي اچي بيهي رهيا، جنهن ماڻهو جي اڳيان بيٺل هيا. پر جن ماڻهن کي
خبر نه هئي، سو انهن اعتراض ڪيو. جنهن تي پرتاب به پنهنجن سنڌي سٻاجهڙن جو پاسو
کنيو. پرتاب جي اها ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي. چوڻ لڳو ته ”پنهنجا ماڻهو آهن. ان لاءِ
لپو هڻجي ته بهتر“. انهي دوران اسٽاف جا ڪيترا ماڻهو آيا ته فلاڻو جهاز اڏمڻ لاءِ
تيار آهي، پر ڪي ماڻهو اڃان نه پهتا آهن. رش گهڻي هئڻ ڪري اهي اڃان به ڦاٿا پيا
هوندا. سو اهي انهن ماڻهن جي پڇا پيا ڪن. ته اهي ماڻهو ڪٿي آهن، جيڪي اڃان نه پهچي
سگهيا آهن. ان جو مطلب اهو هيو ته هن پروسيس ۾ انهن کي گهڻي دير ٿي ويئي هئي، جهاز
۾ بورڊنگ به مڪمل ٿي ويئي هئي. پر ڪي همراهه شايد ڪٿي ڦاٿل ٿيا، ان ڪري جهاز ۾ نه
پهچي سگهيا هيا. بار بار اهڙي قسم جي اعلان ذريعي ماڻهن کي قطارن مان ڪڍي اميگريشن
جو مرحلو طئي ڪرائي انهن کي اندر بورڊنگ لاءِ تڪڙو تڪڙو موڪلين پيا. هي قطار ۾ بيهڻ
وارو مرحلو ڏاڍو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. ان لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وڃو ته ان قطار
۾ توهان کي ڪلاڪ کان به مٿي جو وقت لڳي سگهي ٿو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment