سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
ميلان اسان کي سمونڊ ۾ لهڻ کان اڳ ۾ ترڻ جون
هدايتون ڏيندي چوڻ لڳو ته،”جيڪي دوست ترڻ ڄاڻن ٿا اهي سڀ کان اڳ ۾ هيٺ لهن. پر جن
کي ترڻ نه ٿو اچي انهن کي مان سمجهايان ٿو ۽ انهن کي ترڻ سيکاريندس“.
ميلان سڀني دوستن کي چيو هو ته،”ڪو به ماڻهو هيٺ پٿرن
يا ڪورل تي پير نه رکي. ڇو ته اهي بليٽ جيترا تکا هونداآهن. انهن تي پير رکڻ جي ڪري
اسان جو پير ڪٽجي به سگهجي ٿو“.
ان کان علاوه هن اهو به ٻڌايو
ته،” اکين جي چشمي سان هيٺ سمونڊ جي سڄي مخلوق جو نظارو ڪري سگهجي ٿو“.
هن ٻڌايو ته،”پاڻي جي هيٺان
تمام گهڻي مخلوق رهندي آهي پر اسان کي ڪنهن به مخلوق سان حرڪت يا ڪا ڇيڙ ڇاڙ ناهي ڪرڻي.
نه ئي ڪنهن کي ٽچ ڪرڻو آهي. نه ته اهي اسان تي حملو به ڪري سگهن ٿا. انهن ۾ ڪي
خطرناڪ ۽ زهريلا جيوت به آهن. جن جي ڪري اسان کي يا انهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. ٻي
صورت ۾ جيڪڏهن اسان ڪنهن کي تنگ نه ڪنداسين ته ڪو به اسان کي نقصان نه ڏيندو. جيئو
اور جيني دو“.
هن سمونڊ ۾ لهڻ لاءِ گارگل
وڏو چشمو اکين تي لڳائڻ لاءِ ڪڍيو. ان سان گڏ لڳل ساهه کڻڻ وارو پائيپ جيڪو وات ۾
وجهڻو اهو به ڪڍي اسان کي ڏيکاريو. ان پائيپ ذريعي ئي نڪ مان ساهه کڻڻو هيو.
سڀ کان اول جنيد کي هن
لائيف سيونگ جيڪٽ پارايو، ان کان پوءِ هن کي اهو پاڻي وارو گارگل پارائي پريڪٽس ڪرائي.
پائيپ وات ۾ وجهي نڪ کان ساهه کڻڻو هيو. وات کان نه. جيڪڏهن ڪو وات کان ساهه کڻندو
ته پاڻي ان چشمي جي شيشن تي اچي ويندو. پوءِ هو سامونڊي مخلوق کي چڱي ريت نه ڏسي
سگهندو. ڇو ته چشمي جا شيشا انڌا ٿي ويندا. هاڻي جنيد هيٺ لهڻ لاءِ تيار هو.
پهرئين ميلان پاڻ سمونڊ ۾ هيٺ لٿو ۽ ان کان پوءِ هن جنيد کي هيٺ لاٿو، آهستي آهستي
ڪري، ميلان جنيد کان هٿ ڪڍي ويو ۽ هو مزي سان تري رهيو هو. هن کي ته سوئمنگ ڪٽ جي
به ضرورت نه هئي. هو ايڏو تجربيڪار هيو. ڇو ته هنن جو روز جو ڪم هيو. سمونڊ ۾ لهي
هو ماهر ٿي ويا هئا. هن کي ترڻ لاءِ اتي ئي هدايتون ڏيندو رهيو. ان کان علاوه هن وٽ
واٽر پروف ڪيمرا به هئي. جنهن سان هو اسان جي وڊيو ۽ اسان جا ڦوٽو ڪڍڻ چاهي پيو.
هيٺ سمونڊ ۾ لهڻ کان اڳ ۾ هن کي لائيف جيڪيٽ پارائي
ويئي هئي. ان کان پوءِ هن کي اکين وارو چشمو جيڪو نڪ تائين اچي پيو ۽ نڪ کي بند ڪري
ڇڏي پيو ۽ ان کان پوءِ وات ۾ ساهه کڻڻ وارو پائيپ. جيتوڻيڪ هي عمل ڏاڍو ڏکيو هو. ڇو
ته ساهه بند ٿيڻ جي ڪري تمام گهڻو مونجهارو ٿئي پيو. ان ڪري مون کي لڳو ته شايد
مان دل جي بيماري جي ڪري نه لھي سگهندس.
جنيد سان گڏ ميلان به لٿو.
اسماعيل ٻيڙي تي ويٺل هيو. اسان سڀ ٻيڙي تي هياسين. هن دفعي مون بلو ٽوٿ تي پنهنجا
گيت هلايا. جنهن ۾ اعجاز سولنگي، نڪي چاهه چاهت چکي آ حياتي، اسان بس اوهان لاءِ
رکي آ حياتي ۽ اوهان جو کڻي ڪوئي پيغام آيو، ڏيڻ دل ڏکيءَ کي ڪو آرام آيو. ۽ استاد
خادم سخيراڻي ؛ جليا جوش جذبا، جليون سڀ ادائيون، اسان سان نه تنهنجون هليون سڀ
ادائيون. سڀني دوستن کي شاعري ڏاڍي پسند آئي. جنيد ته بار بار اعجاز سولنگي واري
گيت جي هلائڻ جي فرمائش پئي ڪئي.
جنيد سان شروع شروع ۾ ته ترڻ جو مسئلو ٿئي پيو. پر
پوءِ هن کي سمونڊ ۾ ترڻ جو ڏانءُ اچي ويو هو. ميلان ترڻ مهل ٿورو پري ٿي تيراڪ جا ڦوٽو
به ڪڍي رهيو هيو ۽ وري وڊيو به ٺاهي رهيو هو.
تقريبن ڏهن پندرنهن منٽن
کان پوءِ جنيد ٻاهر نڪري آيو هو. هاڻي جنيد کان پوءِ پرتاب سمونڊ ۾ لٿو هو. پرتاب
کي به شروع ۾ ٿوري تڪليف ٿي، پر پوءِ هو به سڀني کان بهترين تارو نڪتو ۽ تيراڪي ڪندي،
اسان واري بيٺل جهاز کان ٿورو پري ٿي، سمونڊ جي ان حصي ۾ هليو ويو، جتي گهڻي
گهرائي هئي. جتي هن ٻڌايو ته هن هڪڙو ڪافي وڏو نانگ به ڏٺو هيو. شايد پاڻي جو نانگ
هجي. ان کان پوءِ اسان ٻين دوستن جو وارو هيو. سو سائين مختيار ۽ مظفر هيٺ سمونڊ ۾
نه لهڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا هيا. سائين مختيار جو ته وڏو مسئلو ڪرنگهي وارو هيو ۽
هن جو اهو سهي فيصلو هو. پر مظفر جو انڪار ڪرڻ سمجهه ۾ نه پئي آيو. انهي موقعي تي
هرڪو هڪٻئي کي چوڻ لڳو ته،“سائين توهان لهو”. دوستن جو مون تي گهڻو اسرار هيو. سو
مون وري پنهنجو برڊن عجب يوسف تي شفٽ ڪري ڇڏيو. جنهن چيو ته،“قسم سان مون کي صفا
ترڻ نه ايندو آهي، مان زندگي ۾ ڪڏهن به تيراڪي نه ڪئي آهي، مون کي معاف ڪيو”. ان
تي مون کي ڪاوڙ لڳي مون هن کي چيو ته،“اسان به خانداني تيراڪ نه آهيون”. ان موقعي
تي پرتاب چيو ته،”يار آيا آهيو ته سمونڊ جي پاڻي ۾ ٿوري دير لاءِ ئي سهي لهو ضرور،
وڏو مزو آهي“. منهنجو هڪڙو شعر آهي ته:
تنهنجي احساس هو ڇڏيو ماري،
نه ته موت کان ڪير هو ڊنو سائين. ب ص ع
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment