مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا نذير احمد عمراڻي



مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)


------------------------------
مولانا نذير احمد عمراڻي
خادم مدرسه هاشميه سجاول
-------------------------------

محبوب العوام والخواص حضرت سائين مولانا عبدالغفور قاسمي نور الله مرقده
حضرت سائين  قاسمي رحمه الله عليه جي سوانح حيات لکڻ لاءِ قلم ۽ ڪاغذ ته کنيم ليڪن نااهلي ۽ ڪم همتي سبب لکڻ جي جسارت نٿو ڪري سگهان. تاهم احباب جي اصرار تي ڪجهه آڏي ابتي تحرير قارئين جي پيش خدمت آهي اميد ته عدم ربط ۽ عدم ترتيب جي عيب کي نظر انداز ڪري چشم پوشي کان ڪم ورتو ويندو، بنده راقم الحروف جي مدرسه دارالفيوض الهاشميه سجاول ۾ داخلا
14 سال جي عمر ۾ 1964ع ۾ ابتدائي استاد مربي ۽ مشفق حضرت سائين  قاري عبدالله خشڪ رحمه الله تعاليٰ جي مشفقانه رويه سبب سجاول جي چانڊيه هاء اسڪول جي انگريزي تعليم کي خيرباد چئي ڪري ديني تعليم جي حصول لاءِ مدرسه ۾ داخلا ورتم. قرآن مجيد ناظره ۽ ڪجهه مختصر تجويد حضرت سائين  قاري صاحب جن وٽ پڙهي. انهيءَ مدرسه ۾ حفظ قرآن مجيد لاءِ حضرت سائين  حافظ احمد صاحب منڌرو جي خدمت ۾ حاضر ٿيس جتي منهنجي ساٿين ۾ محترم سائين  محمد حسين شاهه صاحب کان علاوه حافظ محمد صديق خشڪ ۽ ٻيا ڪافي دوست زير تعليم هئا. بفضل تعاليٰ حفظ قرآن مجيد جي تڪميل کانپوءِ حضرت سائين  پير و مرشد ولي ڪامل استاد الڪل حضرت مولانا نور محمد رحه نور الله مرقده جن جي انتهائي مشفقانه مربيانه طرز عمل سبب سندن حڪم سان درس نظاميءَ جي تعليم لاءِ انهي مدرسه هاشميه ۾ حضرت استاد محترم سائين  قاسمي صاحب جن جي آڏو خدمت ۾ رهي عربي تعليم جي ابتداء ڪئي جتي حضرت استاد موصوف کان علاوه ٻين استادن جهڙوڪ حضرت استاد محترم مولانا عبدالله صاحب ميمڻ (والد محترم حضرت استاد مولانا ابراهيم صاحب مهتمم شيخ الحديث مدرسه باب الاسلام ٺٽه) ۽ وقتا فوقتآ ٻين قابل ماهر استادن کان به فيض تعليم حاصل ڪندو رهيس ليڪن ابتدا کان انتها تائين گهڻا ڪتاب حضرت سائين قاسمي رحه جن وٽ پڙهيس. دوران تعليم اگرچه حضرت استاد نور محمد صاحب جن باقاعده تدريسي عمل سبب ناسازي طبع ڇڏي چڪا هئا تاهم ڪجهه ڪتاب مير قطبي ۽ فن بيان مختصرمعاني ۾ سائين  جن وٽ پڙهڻ جو شرف ۽ سعادت حاصل ڪيم. واضح هجي ته بنده جي عربي تعليم جو پهريون سال 1968ع آهي ۽ سائين  قاسمي رحه جن جو تدريسي ٻيو سال آهي. جڏهن ته محترم محمد حسين شاهه صاحب جن جو سال سائين  جن جي تدريسي سال سان گڏ آهي.
بهرحال پورا ڏهه سال عربي تعليم جا سائين  قاسمي رحه جن وٽ مڪمل ڪري دوره حديث جي تڪميل سميت تعليم کان فراغت حاصل ڪئي. اهو سائين  قاسمي رحه جن جو پهريون دوره حديث هو جيڪو اسان کي پڙهايائون. منهنجي ساٿين ۾ محترم مولوي محمد ايوب جمالي صاحب جن کان علاوه مولوي سراج احمد جمالي سکر جا به هئا . سائين  قاسمي رحه جن پنهنجي تعليم انتهائي قابل ماهر فن اساتذه ڪرام کان حاصل ڪئي جن ۾ استاد محترم حضرت مولانا نور محمد صاحب جن کان علاوه حضرت مولانا استاد عبدالله صاحب ميمڻ سجاولي ۽ حضرت مولانا فيض علي شاهه . مولانا انور شاهه مانسهروي، حضرت مولانا محمد نور عيسيٰ خيلوي (ميانواله) به شامل آهن جڏهن ته دوره حديث جامعه بنوري ٽائون ۾ حضرت مولانا محمد يوسف صاحب بنوري رحه وٽ پڙهيا ۽ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي گڏيل وفاق المدارس جي امتحان ۾ اول پوزيشن حاصل ڪيائون.
بقول حضرت قاسمي رحه جي ته حضرت استاد مولانا نور محمد صاحب جي پڙهائي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان کي ٻي ڪنهن استاد جي علم مرعوب نه ڪيو ۽ استاد موصوف جي بزرگي کان ۽ تقويٰ کان پوءِ ٻي ڪنهن بزرگ جي بزرگي ۽ تقويٰ متاثر ۽ مرعوب نه ڪيو اسان جو استاد عالم باعمل متقي زاهد ۽ وقت جو ابوذر هو.
حضرت قاسمي ڪجهه وقت پنجاب ۾ طاهر والي ۽ ڪبير والا ۾ به اساتذه کان تعليم جو شرف حاصل ڪيو.
ماشاء الله ـ سائين  قاسمي رحه جن هڪ علمي خاندان جا چشم و چراغ هئا سندن ولادت 1942ع ۾ غالبآ سجاول جي مضافات ۾ ڳوٺ گجو ۾ حضرت مولانا محمد قاسم صاحب ميمڻ جي گهر ۾ ٿي غالبآ انهن نسبت سان يان حضرت ناتوي رحه جي نسبت سان کين قاسمي سان پڪاريو ويندو آهي . حضرت قاسمي رحه ۾ خداداد صلاحيتون موجود هيون جن مان هڪ هيءَ هئي ته وقت پاڻ عظيم مدرس هئا ته بهترين مقرر به هئا تقرير ۽ خطابت جي ميدان جا ته شهسوار هئا. مجمع کي سندن تقرير جو انتظار رهندو هو سندن آخري تقرير هوندي هئي شروع ۾ ته تقرير ۾ ايتري تيزي هوندي هئي جو چار ڪلاڪ جو مضمون اڌ ڪلاڪ ۾ بيان ڪري ڇڏيندا ليڪن بعد ۾ سمجهاڻي جي انداز بيان ۾ ڪجهه تبديلي ايندي رهي. تدريسي عمل به انتهائي اعليٰ درجه جو تمهيدي مقدمات سان اهڙي طرح بهتر هوندو هو جو اسان جهڙو غبي ڪند ذهن طالب علم سمجهي وڃي. بار بار دهرائڻ سبب طالب علم کي اهو سبق بلڪل ياد ٿي ويندو هو ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ طالب علمي جي دور ۾ جيڪڏهن تدريس تي رکيو وڃي ته ڪرم آساني سان پڙهائي سگهي. بهرحال سائين  قاسمي صاحب درس تدريس ۽ خطابت جا پنهنجي دور ۾ ماهر ۽ شهسوار هئا.
سائين  قاسمي جن جهڙي  طرح علمي ميدان جا ماهر فن هئا اهڙي طرح حسن سيرت ۽ حسن اخلاق سان گڏ ظاهري صورت ۾ به پنهجو مٽ پاڻ هئا. حضرت سائين  قاسمي صاحب طالب علمي جي زمانه کان مدرسي جي استادن جي توجه جو مرڪز بنيل هئا. خصوصآ حضرت استاد مولانا نور محمد رحه جيڪي سندن پير و مرشد سان گڏ علمي ترقي جو ذريعو هئا انهن جو مٿن خاص توجه هوندو هو. ۽ سائين  قاسمي صاحب جن به پنهنجن استادن جو خاص ادب ۽ خيال ۽ خدمت ۾ ڪوتاهي نه ڪندا هئا. سندن ذهانت جي ڪهڙيِ ڳالهه ڪجي هڪ دفعي مدرسه هاشميه جي پراڻي ريڪارڊ جي ورق گرداني ڪندي مدرسي جي امتحاني نتيجي تي نظر پئي ته سائين قاسمي صاحب جي طالب علمي جي دور ۾ ممتحنين ۾ ٻين معزز عالمن کان علاوه حضرت مولانا ولي ڪامل بزرگ وقت مولانا عبدالعزيز صاحب ڀانڊوي رحه جن به مدرسه هاشميه ۾ تشريف فرمائيندا هئا ۽ مختلف طالب علمن تي پنهنجو امتحاني نوٽ به لڳائيندا هئا چنانچه هڪ امتحان ۾ حضرت سائين  قاسمي صاحب جن کي انتهائي اول درجه جا نمبر ڏيئي ڪري نوٽ ۾ تحرير ڪيائون ته “هي طالب علم انتهائي درجه جو ذڪي ۽ ذهين آهي هن جو خاص خيال رکيو وڃي.” معلوم ٿيو ته سائين  قاسمي صاحب جن بچپن ۽ طالب علمي جي دور کان پنهنجن استادن ۽ بزرگن جي توجه جو مرڪز رهيا آهن. سندن زندگي انتهائي درجه جي سادگي واري هوندي هئي ڪنهن به قسم جو تڪبر يا وڏائي جو ته نالو به نه هو بلڪل تواضع ۽ انڪساري واري زندگي هوندي هئي. هر شخص جيڪو پهريون مرتبو کين ڏسندو هو يا مجلس ۾ ايندو هو ته گرويده ۽ عاشق بنجي ويندو هو. سندن سخاوت ۽ مهمان نوازي عروج تي هوندي هئي. الله تعاليٰ سائين قاسمي رحه جي اندر اهڙيون خصوصيات ۽ خوبيون وديعت رکيون هيون جنهن سبب همعصرن ۾ پاڻ بلڪل فائق ۽ ممتاز هوندا هئا. سندن قدرتي طور تي آفيسر طبقه ۽ وڏيرن تي رعب هوندو هو هر فتنه کي چند ڪلاڪن ۾ منهن ڏيئي ختم ڪري ڇڏيندا هئا. ڪنهن کي به سندن آڏو جرئت نه ٿيندي هئي سندن فيصلي آڏو سڀ سر تسليم خم ڪندا هئا سندن فيصلو آخري فيصلو تصور ڪيو ويندو هو.
سمجهو ته پاڻ مستقل ادارو هئا . هر ڳالهه کي منهن ڏيو ويٺا هوندا هئا. ليڪن سندن وڃڻ کان پوءِ فتنن جا دروازا کلي ويا آهن بلڪل ائين جيئن حضرت عمر رضه ۽ حضرت عثمان رضه جن جي شهادت کان پوءِ فتنا ظاهر ٿيڻ لڳا.
بهرحال سائين  قاسمي رحه جن جو پنهنجو هڪ مقام هو. هر خاص ۽ عام جي دل ۾ سندن لاءِ محبت هئي. بلڪل ائين جيئن هڪ حديث شريف مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن الله جل شانه پنهنجي بنده کان راضي ٿيندو آهي ته ان جي محبت پهريائين جبريل ۽ ٻين فرشتن ۾ وجهندو آهي اهڙي طرح نيڪ صالح ماڻهن ۾ بعد ۾ عام ماڻهن ۾ به ان شخص لاءِ محبت پيدا فرمائيندو آهي، سائين  قاسمي سان به هر خاص عام ماڻهوءَ کي بلڪل محبت پيدا ٿي هئي جنهن جو مثال سندس جنازه ۾ ڪثرت سان شرڪت جو آهي تان جو غير مسلمن تي به  سائين  قاسمي رحه جي رحلت جو اثر پيو. آخري عمر جا چند سال پاڻ الله تعاليٰ جي طرفان آزمائشن ۾ رهيا مثلآ  سندن طبيعت ۾ خطرناڪ بيماريون شگر ۽ ان سبب ٽنگ جو ڪٽجڻ. ٻانهن جو ٽٽڻ وغيره انهيءَ حالت ۾ پاڻ بلڪل حلم صبر ۽ بردباري جو دامن نه ڇڏيائون بلڪه  الذین اذا اصابتھم مصیبت قالو انا للہ وانا الیہ راجعون۔  جي مصداق بنا رهيا. انهن حالتن ۾ پاڻ مدارس جي ديني پروگرامن ۾ حاضري ڏيندا رهيا عوام جي حوصلي افزائي فرمائيندا رهيا. خصوصآ ختم نبوت ۽ ختم بخاري جي پروگرامن ۾ انتهائي شوق ۽ ذوق سان حاضري ڏيندا رهيا. خوف خدانوند ۾ ته حضرت عمر رضي الله عنه جي جهلڪ جو اظهار فرمائيندا هئا. ته ڪاش الله سائين  جنت نه ڏي ته نه ڏي پر رڳو معافي ڏيئي ڇڏي تڏهن به عبدالغفور کٽيو. لکڻ لاءِ ته ڪافي لکجي سگهجي ٿو ليڪن سائين  جن جون خوبيون بلڪل ظاهر ۽ عيان هيون بس الله جل شانه جي دستوري حڪم جي اڳيان سر تسليم خم ڪري ڪلما ڀريندي هن فاني جهان مان منتقل ٿي پنهنجي اصلي خالق سان وڃي مليا . تاريخ 25 نومبر 2013ع موافق 20 محرم الحرام 1435 تي اسان کي هميشه لاءِ داغ مفارقت ڏيئي ويا.
الله تعاليٰ کين اعلي عليين ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ سندن نقش قدم تي هلڻ ۽ سندن لڳايل باغ کي سيراب ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت