سُر آسا - داستان چوٿون

سُر آسا

داستان چوٿون

1
مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛
چِڙِيءَ جِيئَن چُهِنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ واديءَ وِچَ ۾.

2
اَسِين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي؛
لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ، وَنءُ اوڏانهِين پيهِي؛
تِهان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي.

3
ڏِسَڻُ ڏِسِين جي، ته هَمہَ کي حَقُّ چَئِين؛
شارِڪَ! شَڪُ مَ ني، اَنڌا! اِنهِيءَ ڳالھِ ۾.

4
آڏو جو اِثباتِ کي، سو شِرڪُ لاهي شَڪُ؛
هُئي جنهن ۾ حَقُّ، تنهن نَفِيءَ جِهو ناهِ ڪو.

5
اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛
دَغا تُنهِنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛
مُنهَن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.

6
ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ؛
هِندُو هَڏِ نه آهِئين، جَڻِيو تو نه جُڳاء؛
تِلۡڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرۡڪَ سين.

7
مُنهُن ته آهيرِيان ئِي اَجِرو، قَلۡبَ ۾ ڪارو؛
ٻَهَران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو؛
اِنَ پَر ويچارو، ويجھو ناهِ وِصالَ سين.

8
تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي؛
دُوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعۡرِفَتَ مَلهاءِ؛
سُپيرِيان جِي سُونهَن ۾، رُخنو ڪونَ رِهاءِ؛
اَکِ اَشَهَد چاءِ، ته مُسَلِمانِي ماڻِئين.

9
سُرمُون سِياهيءَ جو، رَننِ کي رِهاءِ؛
ڪانِي ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿي مَ پاءِ؛
اَکِـيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَنَ جي.

10
سُرمون سُرخِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن؛
تَڏهن ڏِٺِـي تن، رَوۡنَقَ ريٽي جَهِڙي.

11
سُرۡمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن وِڌو جن؛
تَڏهن ڏِٺِي تن، اَڇائِي عالَمَ ۾.

12
مُون تان لِڪائِي گَھڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ؛
رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجھان زَردِيءَ ظَنُ؛
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِھ ڪَيائِين ڳُجَھ جِي.

13
لَکين سَئين مَهَراڻَ، آٽِي سَڀِ اُڌَمِيا؛
سَڙان مَنجهِين مانَ، ٻَهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.

14
پاڻُپَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ؛
وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ هِنَ جو.

15
پاڻُپَردو پاڻَ کي، طالِبَ! سُڻجِ تُون؛
نَڪا هان نه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.

16
مُونمُونهِين ۾ سَپَجي، مُون کيمُونجُڳاءِ؛
مُونهين جي ساڃاءِ، مُونهين مَنجھانمُونٿِئي؛
اُنَهِين اِئن جُڳاءِ، آن کي اِئن نه چَوَڻو.

17
گُندِي نِينهُن نه سَپَجي، تُھَ نه پَچي ماھُ؛
ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئاءُ، ٿِئي سَماجوڳُ سَڄَڻين؟

18
نَظَرُ نِزدِيڪونِ، سَهِي نه سَگھان ساعَتَ سِيئن؛
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نالي ڳِيڙي نِجُھران.

19
مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.

20
پِيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالِهو رَهي؟
سالِڪَ! مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِين پاندَ جو.

21
ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
هِنئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.

22
ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏَهِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ؛
ساري سَناسِيُنِ جِئَن، لائِقَ! رَکِجِ لانگَ؛
ته چارَئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪرِين.

23
سُتوئِي سيڄَ گُھرِين، جَفا ڏِئين نه جانِ؛
صُلِحَ رِيءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نه چَڙهِين.

24
صُلِحُ جِنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي؛
اَلَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا وَکَانُوۡا يَتَّقُوۡنَ، اِنَ پَر اُڀا جي؛
نيئِي نُونڌين تي، ڏِکي چِٽي چاڙِهيا.

25
جي ٿِيا حَلُّ حَبِيبَ سين، سُمهڻُ تن ثَوابُ؛
نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خوش ڪَيائُون خَوابُ؛
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِيان تَنِين دُورِ ٿِيو.

26
تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛
تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛
وَحۡدَهٗ لَا شَرِيۡڪَ لَہٗ، اِهو راڳُ رَڳُنِ؛
سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.

وائي

ڪِي اُنِهين مَنجِھ آهي، هُو جي جُھونا پَسجَنِ جُھوپِڙا.
اِنَ دَرِ سيئِي اَگِھيا، جن کي ڪونَ چِتائي؛
ڌارِيان ڀانئِنِ ڌارِيو، پاڻُ پِرِيان سين کائي؛
اِنَّ اَوۡلِيَائِيۡ تَحۡتَ قَبَائِيۡ، پَنهنجا پاڻَ پَهرائي؛
لَا يَعۡرِفُهُمۡ غَيۡرِيۡ، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي؛
پَنهنجِي ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙهُ اُنِين جي رائي؛
خِدمَتَ ڪَرِ خُلۡقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، اِتاهِين ڪِي آهي.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت