مسافر جي روزن جو بيان
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
مسافر جي روزن جو بيان
-------
قرآن ڪريم ۾ جنهن جڳهه تي رمضان المبارڪ جي روزن جي فرضيت جو اعلان
ڪيو ويو آهي اتي مريضن ۽ مسافرن کي رمضان شريف ۾ روزا نه رکڻ جي اجازت به عنايت
ڪئي وئي آهي. ۽ انهن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي سفر ۽ بيماريءَ کان پوءِ پنهنجا
روزا پورا ڪن ۽ ان سان گڏ هي به ٻڌايو ويو آهي ته هي اجازت ٻانهن جي سهولت جي خاطر
ڏني وئي آهي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ وَمَن كَانَ مَرِيضًا
أَوْ عَلَى سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِّنْ أَيَّامٍ أُخَرَ يُرِيدُ اللَّهُ بِكُمُ
الْيُسْرَ وَلاَ يُرِيدُ بِكُمُ الْعُسْرَ
(سورۃ البقرۃ رکوع 23)
”۽ جيڪو شخص توهان مان رمضان المبارڪ جو مهينو ڏسي ته اهو انهيءَ
پوري مهيني جا روزا رکي، ۽ جيڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ان جي ذمي تي ٻين ڏينهن
۾ رمضان جي (رهيل) ڏينهن جي برابر روزا رکڻ آهي. الله پاڪ کي توهان جي لاءِ آساني
منظور آهي. اهو توهان جي لاءِ مشڪلات ۽ دشواري نٿو چاهي.“
هن آيت شريف ۾ صاف صاف طور تي ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ اجازت ٻانهن جي
سهولت ۽ آسانيءَ جي لاءِ ۽ تنگي و دشواريءَ کان بچائڻ جي لاءِ ڏني وئي آهي. ان ڪري
اگر ڪوئي شخص سفر ۾ هجڻ جي باوجود روزي رکڻ ۾ پنهنجي لاءِ ڪا خاص ڏکيائي محسوس نه
ڪري ته اهو روزو رکي سگهي ٿو ۽ چاهي ته رخصت ۽ اجازت تي عمل ڪري سگهي ٿو.
Comments
Post a Comment