ڪرنگھي وارن جانور جا ڪلاس

ڪرنگھي وارن جانور جا ڪلاس
ڪرنگھي وارا جانور پنجن ڪلاسن ۾ ورھايا ويا آھن.
1.   پائسز (مڇيون) (Pisces)
2.   ايمفيبيا  (Amphibia)
3.   ريڙھيو پائيندڙ (Reptillia)
4.   ايوز (پکي) (Aves)
5.   مماليھ (Mammalia)


ڪلاس پائسز  (مڇيون) (Pisces)
مڇيون طرح پاڻيءَ واريون ڪرنگھي وارا جانور آھن ھنن جو جسم سڌو سنئون ۽ چرخي نما (Spindle shaped) آھي جنھن ڪري آسانيءَ سان ترن ٿيون پاڻيءَ ۾ رڪاوٽ گھٽ ٿئي ٿي. سندن جسم  کي ٽن حصن مٿي ڌڙ پڇ ۾ ورھائجي سگھجي ٿو ھنن جو سڄو جسم ڇلرن (Scale) سان ڍڪيل ھندو آھي. مڇي کي پير ڪونه آھي. جوڙيدار کنڀڙاٽيون آھن. جيڪي ترڻ ۾ مدد ڏين ٿيون ھنن جي وات ۾ ڏند آھن جيڪي کاڌو ڪترڻ جي ڪم اچن ٿا، پر اھي کاڌو چٻاڙڻ جي ڪم نٿا اچن مڇيون ٿڌي رت واريون  ٿين ٿيون جيڪي پنھنجي گرميءَ جي درجي کي حالتن مطابق مٽائي  سگھن ٿيون. مڇين جا عام مثال شارڪ (Shark)، لئبيو  (Labeo)، روھو (Rohu) ، ٽرائوٽ  (Trout)، پلو (Hilsa)، ۽ کڳو (Cat fish) آھن.

روھو مڇي (Rohu)
روھو(Rohu)  يا ڪرڙو کاڄرو مڇي آھي. تازي پاڻي ۾ ملي ٿي. ھن جون ڪليون (Gills) ھڪ ھڏائين پليٽ سان ڍڪيل آھن. جن کي آپرڪيولا (Operculla) چئبو آھي. ھن جي جسم جي ٻاھران وڏن ڇلرن وارو ڍانچو آھي. مڇيءَ جو تعلق سڀ کان وڏي ڪرنگھائين گروھ سان آھي. جيڪي انسان ذات ۽ جانور جي خوراڪ جو ھڪ خاص ذريعو آھن. مڇيءَ جو شڪار ھڪ سٺو شوق به آھي ته ھڪ صنعت به آھي.

ڪلاس پائسز       (مڇيون) (Pisces) جون خاصيتون
(1)           ھي سڀ مڇيون آھن.
(2)           ڪلين وسيلي ساھ کڻن ٿيون.
(3)           جسم مٿي، ڌڙ ۽ پڇ تي مشتمل آھي.
(4)           جسم ڇلرن سان ڍڪيل آھي.
(5)           ٿڌي رت واريون آھن.
(6)           پاڻيءَ ۾ رھندڙ آھن.
(7)           وات ۾ ڏند اٿن جيڪي کاڌو ڪُترڻ جي ڪم اچن ٿا.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت