شاهه جي نظر ۾ زندگي جو تصور - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي



زندگي ۽ موت، جزا ۽ سزا جا مسئلا انساني سوچ ۾ ابتدا کان وٺي وڏي اهميت رکن ٿا. انسان انهن معاملن ۽ مسئلن بابت هزارين سالن کان سوچيندو ۽ مختلف نظريا قائم ڪندو آيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به ان بابت سوچيو ويچاريو. ان کي پنهنجي شعر ۾ سلجهائي سمجهايو آهي. شاهه صاحب جي نظر ۾ زندگي تحرڪ جو نالو آهي، ۽ تحرڪ ئي روحاني توڙي مادي ترقيءَ جو ذريعو آهي. هو ٻڌائي ٿو، ته زندگيءَ جو سفر، سامونڊي سفر جيان اجهاڳ آهي. انهيءَ ڪري زندگيءَ جي اعليٰ مقصد ۾ اهي ئي ڪامياب ٿين ٿا، جيڪي سدائين سفر ۾ رهن ٿا.

سر سامونڊيءَ ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي،
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جيون،
اٺئي پهر ا ٿن، سعيو ڪنهن  سفر جو.
قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ ﴿ الانشِقاقِ ــ١٩﴾
(توکي درجي بدرجي چڙهڻو آهي)


يعني قرآن شريف جي ان آيت جي روشنيءَ ۾ شاهه صاحب جو نظريو هي آهي، ته موت، انساني روح کي نابود نه ٿو ڪري. زندگيءَ جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. شاهه صاحب هڪ ٻي بيت ۾ انهيءَ نظريي کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

جتي عرش نه اُڀ، زمين ناهه ذرو،
نڪو چاڙهو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اُتي اَديسين جو، لڳو دڳ درو.
پر  پيو  پرو، ناٿ  ڏٺائون نانهه ۾.

البت ايترو آهي، ته زندگيءَ جو سفر اجهاڳ ۽ اڻانگو آهي. ۽ ان جي رستي ۾ ڪيترائي ڪٽ ۽ ڪڙڪا آهن ۽ ٻيا ڪيترائي خوف ۽ خطرا آهن. انهيءَ ڪري زندگي ٻابرن، ڪنڊن تان هلڻ جو نالو آهي. انهيءَ ڪري شاهه صاحب ذهن نشين ڪرائي ٿو، ته زندگيءَ جو اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي. فرمائي ٿو:

ڪنڊا مون پيرن ۾، توڙي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پيرن ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه ڀائيان،

هو سمجهائي ٿو ته اهو ڏک ڏاکڙن وارو پنڌ طئي ڪرڻ لاءِ عقل، هوس ۽ علم ڪم ڪونه ايندو، پر پاڻ آڏو اچي اٽڪاءُ پيدا ڪندو. انهيءَ ڪري شاهه صاحب انهيءَ پر خطر واديءَ کي دهشت واري درياءَ سان ڀيٽي ٿو:

دهشت دم درياءَ ۾، جت سٽاڻا سنسار،
بيحد باگو بحر ۾، هيبتناڪ هزار،
ساريان ڪونه سرير ۾، طاقت توهان ڌار،
ساهڙ ڄام ستار، سگهو رسج  سير ۾.

اِهي لڪ ۽ لانگها، پنڌ ۽ پار، اوکا ۽ اڻانگا ضرور آهن، پر جيڪڏهن اعليٰ مقصد جي تانگهه طلب دل ۾ جائگزين هوندي ته اڻانگا آر تري وڃي منزل مقصود تائين پهچبو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

سيه سيارو، پاڻي پارو، جت جهڙ، جَهڪَ ۽ جهولَ،
من اندر بهار جا، هينڙي اچن هولَ،
جيلاه ٻڌيسِ ٻول، ٿي اتانگا  آر  تران.

ٻي هنڌ فرمائي ٿو:
ڪاري رات ڪچو گهڙو، اڻٽيهه اودناهي،
چنڊَ نالو ناهه ڪو، درياء دَڙَ لائي،
ساهڙَ ڪارڻ سوهڻي، اَڌيءَ ٿي آئي.
اِيءُ ڪم الاهي، ناته ڪُنن ۾ ڪير گهڙي.

شاهه صاحب ٻڌايو آهي، ته زندگي جهدِ مسلسل ۽ اڻ ٿڪ ڪوشش جو نالو آهي. وحد الوجود جي شارح، ابن عربي پنهنجي مشهور ڪتاب ”فتوحات المڪيه“ ۾ ڄاڻايو آهي:

”جڏهن ڳولها ڪرڻ وارا ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن ٿا، تڏهن ان ۾ کين ڪاميابي ٿئي ٿي.

يعني جڏهن راهه جي ورن وڪڙن کان واقف ٿي اڳتي وڌجي ٿو، ته مولا جي مهر ٿئي ٿي، ۽ مسافر منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.

شاهه صاحب به چوي ٿو، ته چپ چپات موت جي نشاني آهي. ۽ ڪوبه مقصد خاموش ٿي ويهڻ سان حاصل نه ٿو ٿئي. ڪوشش سان ئي مقصد حاصل ٿئي ٿو:
ويٺي وَرَ نه پَوَنِ، ستي ملن نه سپرين،
جي مٿي رَندنِ رُونِ،  ساڄن ملي تن کي،

انهيءَ ڪري اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ وارو سدائين سندرو ٻڌي وڙهندو، وچڙندو، اورچ ٿي، اڳتي وڌندو رهي ٿو:

ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پر ۾ پيرُ پنهوءَ جو،
سڪ ٻڌائين سندرو، جانب ليءُ جڙي.
لڪڻ سر لطيف جي ، مُنڌَ جهيڙي ۽ جهڙي،
پڻيءَ تان نه پَڙي، جي عرم سڀ اِنءَ ڪري.

هو سمجهائي ٿو، ته وهم ۽ وسوسا، خوف ۽ خطرا، مصلحتون ۽ مونجهارا انسان کي ڀنڀلائڻ، پرڀائڻ، ڊيڄارڻ ۽ مقصد تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ ڪري انسان ٿڙڻ ۽ ٿاٻڙڻ لاءِ بهانا ڳولهي ٿو. انهيءَ حالت ۾ شاهه صاحب هوشيار ٿو ڪري، اهي گهتون ۽ گوهيون ڇڏي، اڳتي وڌ، ۽ مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ ويسلو ٿي نه ويهه. فرمائي ٿو:

لَڙُ مَ لاڙائي ٿئو، گهُتون گوهيون ڇڏ،
لاهو لڏو لَڏِ، ته ڳاڙهي سڄ ڳالهه مڙين.

زندگيءَ جي اعليٰ مقصد لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد ته ضروري آهي، پر مالڪ حقيقي جي مره کان سواءِ ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي ٿئي. انهيءَ ڪري شاهه صاحب انهيءَ اڻانگي سفر مان پار پهچائڻ لاءِ پنهنجي رب ڪريم کي ٻاڏائي ٿو، چوي ٿو:
دهشت دَمُ درياءَ ۾، جت جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، واڪا ڪئي ورن،
ورزو پيدا نه ٿئي، تختو منجها تن،
ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اڻ تارن، ساهڙَ  سيِر لنگهاءِ تون.

مطلب هي آهي، ته انسان فقط پنهنجي ڪوشش ۽ محنت تي ڀروسو نه ڪري، انهيءَ ڪري هن ۾ پاڻ پڻو پيدا ٿيندو، ۽ خود غرضي ۽ خود پرستيءَ جا اوڳڻ منجهس اچي ويندا. هن ۾ تڪبير، هٺ ۽ وڏائي پيدا ٿيندي، ۽ پوءِ پرمار ٿي ويندو ۽ سندس طبيعت آمرانه ۽ جارحانه ٿي پوندي. انهن ڳالهين جي ڪري هو اڳتي هلي غلطيون ڪرڻ لڳندو، ۽ مقصد تان ٿڙي ٿاٻڙجي ويندو. مشهور صوفي فلسفي ابن عربي چيو آهي:

”ٻانهي کي اهو نه جڳائي، ته هو پنهنجو مرتبو ڏسي غرور ۽ تڪبر ڪري. جيڪڏهن هن ائين ڪيو، ۽ پنهنجي حيثيت کان تجاوز ڪيائين، ته تباهه ٿي ويندو.

انهيءَ ڪري شاهه صاحب چوي ٿو ته انسان جيڪڏهن پنهنجي اعليٰ مقصد لاءِ مالڪ حقيقي کان مدد جو ملتجي رهندو، ته هن ۾ اهي اوڳڻ پيدا نه ٿيندا، ۽ سندس سفر سولو ۽ سڻائو ٿي پوندو. اهو ئي سبب آهي، جو ڪارساز حقيقي کي ٻاڏائيندو نظر اچي ٿو:

پُران مَ پڄان، بندر مون ڏور ٿيا،
نه مون هڙ نه هنج ڪي، جو آئون چئي چڙهان.
ڪارون ٿي ڪريان، ته در اُڀي  ناکئا.

هڪ بيت ۾ دعا گهرندي چوي ٿو:

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا،
مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،
جي گهر اچين مون، ته ميرائي مان لهان.

شاهه صاحب زندگيءَ جو مقصد به متعين ڪيو آهي. هو چوي ٿو، ته زندگيءَ جو اعليٰ مقصد قرب الاهي آهي، انهيءَ ڪري جو فقط اها ئي ذات غيرفاني، ازلي، ابدي آهي، جنهن جو نه ڪو مثال آهي، ۽ نه ثاني، اها ذات حقيقي ئي هميشه رهڻ واري ۽ باقي آهي: ٻي هر شيءِ فاني ۽ زوال پذير آهي.

قرآن شريف كُلُّ شَىْءٍ هَالِكٌ إِلَّا وَجْهَهُ (القَصَصِ ــ 88)
(سواءِ ان ذات جي سڀ شيءِ ناس ٿيڻ واري آهي.)

كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ ﴿٢٦﴾  وَيَبْقَى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ ﴿٢٧﴾  (سُورَةُ الرَّحْمَن)
(جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي، اهو سڀ ناس ٿيندو، فقط تنهنجي رب جي ذات رهندي. جيڪو بزرگيءَ ۽ تعظيم وارو آهي.)

شاهه صاحب چوي ٿو ته، عاشقن کان الله ڪنهن به وقت ڪونه ٿو وسري. عاشقن جو ساهه ڪنهن به وقت، عشق جي آهه ڪندي، پنهنجي محبوب حقيقي کي ياد ڪندي، وسري ويندو:

عاشقن الله، وروتار نه وسري،
آهه ڪريندي ساهه، ڪڏهن ويندو نڪري.

وحدت الوجود جي نظريي جو شارح، ابن عربي چوي ٿو ته، وجود مطلق فقط هڪ آهي. فقط اهو ئي موجود آهي. هر ٻي شيءِ فقط ان جو مظهر آهي. انهيءَ ڪري عالم ۽ الله هڪ ٻئي جو عين آهن. انهيءَ ڪري هو عالم ۽ الله جي ذات کي ذات ۽ صفات جي عينيت جي بناءَ تي، انهيءَ ڪري  هو چوي ٿو ته، عالم، ان جي صفات جي محض تجلي آهي. مطلب هي آهي ته، ڪائنات ۾ ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود ڪونهي. هيءَ ڪثرت فاني آهي، ۽ انهيءَ وحدت جو پرتو يا اولڙو آهي. شاهه صاحب انهيءَ ذات حقيقي جي ساڃاهه ڏيڻ لاءِ درياءَ جي تمثيل آندي آهي. هو سمجهائي ٿو، ته جهڙيءَ طرح درياءَ  ۾ ڪيئي لهرون اڀرنديون ۽ اسرنديون آهن، پر اصل ۾ پاڻيءَ جي پسڻ جي حقيقت هڪ هوندي آهي، اهڙيءَ طرح هي رنگينيون ۽ رعنائيون به انهيءَ ذات جو مظهر اهن. انهيءَ ڪري جڏهن ويڇا وساربا، تڏهن ئي حقيقت هٿ ايندي. فرمائي ٿو:

لهرن لکَ لباسَ، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو،
اونهي تهَ عميق جي، واري ڇڏ وماس.
جت ناهه نهايت نيهه جي، کوءِ ات پهچي کاس،
تڙن جي  تلاش، لاهه ته  لالن لڳ ٿين.

انهيءَ ڪري شاهه صاحب چوي ٿو، ته هن ڪثرت کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏي. انهن غير حقيقي ۽ فاني شين کي من مان مٽائي ۽ ميساري ڇڏ، ۽ حقيقي حق جي تانگهه طلب دل ۾ ڌر، ته زندگيءَ جو اصل مقصد توکي حاصل ٿئي. فرمائي ٿو:
هي هنڌ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري،
ڪل  شيءِ يرجه اليٰ اصله ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ،
ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.

مطلب ته شاهه جي نظر ۾  واحد جو وصال زندگيءَ جو اعليٰ مقصد آهي. انساني زندگيءَ ۾ روحاني مقصد کان سواءِ دنيوي زندگيءَ جا به ڪيترائي مقصد ٿي سگهن ٿا، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان جهد ۽ جاکوڙ ڪندو رهي ٿو. شاهه صاحب جي نظر ۾ انهن کي حاصل ڪرڻ جو اصول به ساڳيو آهي. يعني جهد مسلسل، اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ خدا جي ذات تي ڀروسو. البت شاهه صاحب ان کي اعليٰ مقصد ڪونه ٿو ڪوٺي جيڪو پر ماريت تي مبني آهي. شاهه صاحب سير وس سفر ڪري، نهايت باريڪ بينيءَ سان معاشرتي حالتن جو مطالعو ڪيو هو. هو ٻڌائي ٿو ته اسين طبقائي ويڇن، معاشرتي براين، انسانيت سوز رسمن، اسلامي نظام عدل جي خالف ورزين، اسلامي مساوات ۽ برادريءَ جي اُبتڙ قائم ڪيل نظام ۽ ٻين اوڳڻن ۾ اهڙا ته قيد ٿيل آهيون، جيئن ڪو قيدي، بند ۾ باندي هجي ۽ کيس هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون پيل هجن. فرمائي ٿو:

ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون ۽ زنجير،
پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺين اندر ڪير،
چاري چو گانن ۾، واهيت ڪن وزير
ڇن نه ڇني آهيان، اهڙيءَ سٽ سرير،
مارو ڄام ملير، پڇج ڪي پهنوار کي.

نَوَ نيز ڏهه ڏانوڻ، پندرهن پئيو پياس،
بگهاڙيون بغلن ۾، لکين لوهه لڳاس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، تَڏَن ڇرڪ ڇنائي هيڪڙي.

شاهه صاحب ٻڌائي ٿو، ته انهيءَ نظام جي خلاف جدوجهد ڪري، ان مان جند ڇڏائڻ به انساني زندگيءَ جو اعليٰ مقصد آهي. شاهه صاحب چوي ٿو، ارادو مضبوط هجي، ۽ مقصد سان عشق هجي ته اهڙو انقلاب آڻڻ ناممڪن نه آهي. شاهه صاحب انقلاب، آزادي سلامتي، خوشحالي ۽ انساني ڀلائي واري نظام جو منتظر آهي. هو سارنگ کي انقلاب ۽ خوشحاليءَ جي علامت طور آڻي. سارنگ کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃن جي،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان انُ ڪريج،
وطن  وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي.

هو چوي ٿو، انقلاب جا آسائتا، سدائين سارنگ ساريندا رهن ٿا:

سارنگ کي سارين، ماڙهو، مرگهه، مينهون،
سپون جي سمنڊ ۾، نئين سج نهارين،
پلر پيارين، ته سنگهاررن سک ٿئي.

شاهه صاحب پر اميد ٿي چوي ٿو:

مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي  يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

شاهه صاحب جي نظر ۾، ڪنهن به اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، سر ساهه جي قرباني ڏيڻ بنيادي شرط آهي. مڙس اهو آهي، جيڪو اٽل ۽ اڏول هجي. مڙڻ ۽ موٽڻ ان لاءِ مهڻو آهي. فرمائي ٿو:

سوري آهه سنگار، اڳهين عاشقن جو،
مڙڻ، موٽڻ مهِڻو، ٿئا نظاري نروار،
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.

ان مقصد کي واضح ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب ڪيترائي مثال ڏنا آهن، ۽ ذهن نشين ڪرايو آهي، ته اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا، ته اسان پنهنجي اعليٰ مقصد ۾ ڪامياب ٿيون، ته اسان کي سور ۽ سختيون سهڻيون پونديون، ۽ ڏاڍ ۽ ٻاٻرن ٽانڊن تي جيرا، جگر ۽ بڪيون سيخن ۾ وجهي پچائبا آهن. يعني ڏکن ۽ ڏاکڙن، مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان ڪنڌ ڪڍائڻو ناهي، پر سيخن ماهه پچائڻو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي:

ڪانڊين، ٽانڊين ٻابرين، پچان مَر پيئي،
جيرا جگر بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهڻي سڄڻين.

ٻي هنڌ شاهه صاحب پتنگ جو مثال آندو آهي. هو چوي ٿو ته هونئن ته پتنگ باهه جي اُلي تي پنهنجو پاڻ اچي قربان ڪندو آهي، پر تون پاڻ ۾ اُها طاقت ۽ حرفت پيدا ڪر، جو جنهن باهه ڪيترن ئي پتنگن کي ساڙي رک ڪري  ڇڏيو آهي. اُن کي اهڙو اُجهاءِ، جو هوءَ وري ٻرڻ لاءِ سڪندي رهي:

پتنگ چاهين پاڻ کي، ته اچي آڳ اوجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام  کي.

ڪن بيتن ۾ شاهه صاحب لوهار جي ڌوَڻ، رڪ جي رجڻ ۽ ان کي پاڻي ڏيڻ جا مثال ڏنا آهن. شاهه صاحب چوي ٿو، ته جهڙيءَ طرح لوهار ڪچي لوهه يعني بهڻ بهاڻ کي پگهاري پهريائين پالٿو لوهه، پوءِ گهاڙو لوهه، ۽ ان کان پوءِ صاف رڪ بنائيندو آهي، تهڙيءَ طرح تون پنهنجي جان کي جوکن مان پار لنگهاءِ، ته ڪاميابي تنهنجا قدم چمي، ڊاڪٽر گربخشاني لکيو اهي، ته “هتي پهاڻ جي معنيٰ آهي ”سالڪ جي خام طع“ يا ”وجود“، جو شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جون چار منزلون ڪچي ڌاتوءَ وانگي پار لنگهي، صاف رڪ جيئن ڪماليت تي پهچي ٿو. ته اها معنيٰ به برحق، پر شاهه صاحب جو ٻڌايل هيءُ اصول هو اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. شاهه صاحب جو اهو بيت اجهو هي آهي:

پچائي پهاڻ، جن رسائڻو رڪ کي،
تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.

رڪ ٺهڻ جو دستور آهي، ته جيڪڏهن ڌوڌيو يعني ڌمڻوارو ڌوڻيءَ کي ساندهه ڌئيندو نه ايندو، ته پهاڻ پوريءَ طرح پچي نه سگهندو. ۽ لوهار جي ڌڪن سان ذرا ذرا ٿي ويندو. شاهه صاحب جو مطلب آهي ته اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سور ۽ سختيون ڏسي پير پوئتي هٽائبو، ته پنهنجو وجود بچائي ته نه سگهبو، پر پاڻ پرزا پرزا ٿي وڃبو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن رڪ ٿيڻو آهي، ته باهه ۾ پاڻ پچائڻ کان پاسو ڪرڻو نه آهي. شاهه فرمائي ٿو:

ڌنءُ ڌَنءُ ڌمڻوار، اڄ پڻ اڳڙين جي،
ٻاريو مچ مجاز جو، اوتيائون اڱار،
ڌوڌئا ٿيءُ مَ ڌار،  جه ڪچو رڪ  ڪڻيون ٿي.

جڏهن لوهار ڪو اوزار ٺاهيندو اهي، تڏهن پهريائين لوهه کي باهه ۾ تپائي ڳاڙهو ڪري، ٺپي، ان کي پاڻيءَ جي ڪُونَر ۾ وجهي ٺاريندو آهي. وري ٻيهر کوري ۾ تپائي، ٺاريندو اٿس. اهو عمل ايستائين جاري رکندو آهي، جيستائين اوزار پورو پاڻي وٺي. مضبوط ٿئي. ان کي پاڻي ڏيڻ چيو ويندو آهي. شاهه صاحب اهو مثال ڏئي سمجهايو آهي، ته مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي ڪيترين ئي آزمائشن مان پار پوڻو آهي. جيئن لوهه کي پورو پاڻي نه ايندو، ته ڪچو ٿي پوندو، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن انسان ڪنهن هڪ آزمائش کان به لنوائي ويو، ته وڻواند ٿي ويندو، ۽ مقصد حاصل ڪري نه سگهندو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لئا لُهارين جا.

اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سِراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.

اڄ آڳڙيا آئيا، سائوُ ڪي سڄاڻ،
لاهيندا مرياڻ، رڪ ڪريندا پڌرو.

ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌدا جت ڌڳن،
مترڪن مُوَ ڪڍئا، سانداڻيون سرڪنِ،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو  آهي مچ تي.

اهڙيءَ طرح شاهه صاحب ڪامياب ۽ مثالي انسان جون خوبيون بيان ڪيون آهن، ۽ ٻڌايو آهي، ته انهن خوبين وارو ئي صحيح انسان آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ به ڪامياب ڪري ٿو، ته اجتماعيت لاءِ پڻ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.

شاهه صاحب ٻڌايو آهي، ته صحيح انسان اهو آهي، جيڪو عزت، شان ۽ وقار سان زندگي گذاري، ۽ لوڀ ۽ لالچ تي هرکجي پنهنجي عزت ۽ ملڪ جي وقار جو سودو نه ڪري.


شاهه جي نظر ۾ زندگي جو تصور
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت