لُڙڪ (شاعري مجموعو) ياسمين سمون



لُڙڪ


لُڙڪ (شاعري مجموعو)
ياسمين سمون
---------
مان ڪا قابل شاعر ته نه آھيان بس لکڻ جو شوق آھي قلم کڻي ڪاغذ تي جيڪو ڪجھ تحرير ڪيو اٿم اھو اوھان آڏو پيش آهي، اميد ته منھنجي غلطين کي معاف ڪندا مان وري ٻيھر چوندس ته مان ڪا قابل شاعرا نه آھيان
ويھي لکيم دل جو حال ڪاغذ تي
قلم آزاد ھو ڪو پھرو نه ھيو ھِنَ تي.
ياسمين سمون
---------
توکي سمجھي وياسين
تحرير نه پڙھي پر مفھوم سمجھي وياسين
مرڪن ۾ لڪيل لڙڪن جو راز سمجھي وياسين
چاھيو اوھان لڪائڻ دنيا کان زخم پنھنجو
ليڪن اسان ستايل اھو راز سمجھي وياسين
تحرير ۾ جذبن جو عڪس ٿو نمايان ٿئي
اوھان گھڻو لڪايو پر عڪس سمجھي وياسين
چاھيو اوھان ٻڌائڻ حال ڪنھن پنھنجي کي
ليڪن اسان پروا اھو حال سمجھي وياسين
حال احوال ٻڌائڻ لئه شرط رشتن جي رکي اوھان ھئي
پر اسين اجنبي اوھان جو حال سمجھي وياسين.

پيڙاھ
دل جي حالت جو ذڪر ڪنھن سان نه ڪيان
ھن پيڙاھ جو ذڪر ڪنھن سان ڪيان
ڪوئي اڄ يار دوست ڪين رھيو
مان تباھيءَ جو ذڪر ڪنھن سان ڪيان
اندر ۾ ڄڻ مچو ڪو مچ آھي
ذھن ۾ ڄڻ ڪو طوفان آھي
مان پچان ٿي ڄڻ ڪنھن آوي ۾
مان اڪيلي ھجوم ساري ۾
دل جي حالت جو ذڪر ڪنھن سان ڪريان
ھن پيڙھ جو ذڪر ڪنھن سان ڪيان.

خاموشي
دل جي سڀ دل ۾ رھي
زبان خاموش رھي
تون به ڪجھ چئي نه سگھين
مان به ڪجھ چئي نه سگھيس
تو وڌائي قدم روڪي ڇڏيا
مون به رستا پنھنجا بدلائي ڇڏيا
توبه نظر ڦيرائي ڇڏي
مون به نظر جھڪائي ڇڏي

صرف تون
توکي مون ڳوليو پي ھر شي ۾
تو مگر ھئين موجود شھ رڳ ۾.
تون ئي صحرا ۾ تون بيابان ۾
تون ئي شھرن ۾ تون بستين ۾
تون ئي سوچن ۾ تون خيالن ۾
تون ئي ظاھر ۾ تون ئي باطن ۾
تون ئي تون بس رڳو تون ئي تون
مان تون ٿي ويس ٿي گم تو ۾.

دلِ اداس
اڄ دل اداس آھي نيڻن ۾ وري سمنڊ آھي
اڄ حوصلا خطا ٿيا صبر نه رھيو آھي
اڄ زندگيءَ سان شڪايت وري ڪئي آھي
اڄ تقدير تي وري رنو آھي
اڄ دل سيني ۾ وري ٽٽي آھي
اڄ ذھن ۾ خيالن جو وري طوفان آھي
اڄ تنھائي کان وري خوف ٿيو آھي
اڄ وري قدمن کي ھن طرف وڃڻ کان روڪيو آھي
اڄ ڪارن ڪڪرن جيان اندھار ٿي وئي آھي
اڄ سرءُ جي موسم جيان ھر شيءِ سڙي آھي.
اڄ صحرا جي واريءَ جيان ھر شيءِ تپي آھي
اڄ خزان جي موسم جيان سڀ گل ڇڻيا آھن
اڄ سمنڊ جيان من ۾ ڪو شور اٿيو آھي
اڄ ڪشتي طوفان جي حوالي وري آھي.

منھنجا ساٿي
بند ڪمري ۾ مان ڏکن سان گڏ رھندي آھيان
لڙڪ جاري رھندا آھن ۽ مان ڪجھ لکندي آھيان
منھنجي ڏکن جو راز نه پڌرو ٿي پوي ڪنھن تي
ان لئه مان در کي لاڪ رکندي آھيان
مرڪي سڀن سان ملندي آھيان
نه ويجھو ڪنھن کي پنھنجي ڏک جي ڪندي آھيان
ھجوم ۾ تنھا رھجي ويندي آھيان
۽ ڪمري ۾ وري ڏکن سان گڏ رھندي آھيان.

ڪيئن خود غرض ٿيان
پنھنجي خوشي خاطر ڪنھن تي ستم ڪيئن ڪيان مان
ڇو نه ھيءَ زندگي تنھا بسر ڪيان مان
جنھن دوست دوستيءَ جو اقرار ڪيو مون سان
ان دوست جي نشيمن کي ڪيئن تباھ ڪيان مان
اُنَ تي آحق پئي ڪنھن جو اھا خبر ھوندي به
ڪيئن زھر ڍڪ ڀريان مان ڪيئن خود غرض ٿيان مان

لمحو
آخري وقت نھارڻ ۽ خاموش رھڻ
ياد آ اڄ به دل جو ويران ٿيڻ
ڳالھ ڪابه نه ٿي بس خاموش رھڻ
سوچن ۾ ٻنھي جو گم ٿيڻ
اچانڪ شور ٻڌي ڪنھن جو ڇرڪ ڀرڻ
پوءِ پل ڀر ۾ ئي جدا ٿي وڃڻ
منھنجو اڄ به ان لمحي سان ساٿ رھڻ
بي وجھ ڪنھن اجنبيءَ جو انتظار ڪرڻ

ڏينھن رات
ڏينھن جو ماڻھن سان رات جو پاڻ سان ملندي آھيان
ڏينھن جو کلندي آھيان رات جو روئندي آھيان
ڏينھن جو ھجوم ۾ به تنھا نظر ايندي آھيان
رات جو خيالن جي گھيري ۾ رھندي آھيان
ڏينھن جو غيرن جا ستم سھندي آھيان
رات جو پنھنجن جا زخم ياد ڪندي آھيان

فيصلو
ڪل دل ڪيو فيصلو آھي ھاڻ توکي نه سوچڻو آھي
مون ڪيو تنھنجو نه ڪيڏو انتظار آھي
تو مگر ڏنو نه ڪو پيار جو ثبوت آھي
مان ته اڪيلي پھرين به ھيس اڪيلي رھڻ جو خوف مون کي ناھي
ڪاش ڪو ھاڻ فريبي نه ملي
منھنجي ھمت وري ٿي مضبوط آھي.

ايذاءُ
ھي ڪھڙي درد جي در تي آڻي بيھاريو اٿئي
زندگي ڪيڏي نه ايذاءَ مان گذاريو اٿئي
کلڻ ويو وسري لبن تي ھي ڪھڙو قھر ڪيئي
زندگي ڇو ڀلا نيڻن کي سمنڊ بڻايو اٿئي
ويون سڀ وسري زماني جون جفائون مون کي
زندگي ڪھڙي وفا ساڻ دل ملايو اٿئي
گلن جي کڻڻ سان به ھٿ ٿيو پون زخمي
زندگي ڪھڙي نازڪ موڙ تي آڻي بيھاريو اٿئي
زندگي ڪيڏي نه ايذاءَ مان گذاريو اٿئي.

گل
ھڪ باغ ۾ ڪو گل اڪيلو ئي رھجي ويو
موسم بهار جيءَ ۾ خزان جھڙو حال ٿي ويو
ڪو پيار ڪرڻ وارو نه ساٿ ڏيڻ وارو
ٽاريءَ تي رھيو پر سندس رنگ کڄي ويو
ھڪ ھڪ پتي ٿي پکڙجي پيو زمين تي
بي رحم ھوائن سان رلندو رھجي ويو
ھڪ باغ ۾ ڪو گل اڪيلو ئي رھجي ويو

زمين ۽ آسمان
تنھنجون ڳالھيون آسمانن جون
مان ڪيان ذڪر زمين وارن جو
تون رھين خواھشن جي سپني ۾
مان ڪيان تلخ حقيقتن جو ذڪر
تنھنجي محفل آ ستارن واري
محفل اسان جي آ لڙڪن واري
تنھنجون ڳالھيون آسمانن جون
مان ڪيان ذڪر زمين وارن جو

ڇا ڪيان
ھر طرف گل ٽڙيا گلستان ۾ نوان
خزان جو ذڪر ڪيان ته ڪنھن سان ڪيان
ھليا سڀ نَون رستن تي ساٿ سھانو ڪري ساڻ
مان وڇڙيل دوست جو ذڪر ڪيان ته ڪنھن سان ڪيان
پرواز سڀ ڪنھن ڪئي آسمانن ڏي
مان زمين جو ذڪر ڪيان ته ڪنھن سان ڪيان
دوست سڀ اڀرندڙ سج جا پڄاري آھن
شامِ تنھائيءَ جو ذڪر ڪيان ته ڪنھن سان
ھر چھري تي چڙھيل ڪيئي نقاب آھن
مان اعتبار ڪنھن تي ڪيان ته ڪيئن ڪيان
ڪوڙي شھرت پويان ھر ڪو ڊڪندو ٿي ڏسان
سچائي جو ذڪر ڪيان ته ڪنھن سان ڪيان
مانَ وارن عزت دارن جي محفل ۾
پنھنجي بدنامين جو ذڪر ڪيان ته ڪنھن سان ڪيان
سمنڊ ۾ رھي ماگر مڇ سان نه وير پرائي ڪوئي
پر مان اھڙو پاپ ڪيان ته ڪيئن ڪيان.

سچ
ڏوھ آھي ته ڏوھ ڌار آھيون
نه الزام ڪنھن جي سر رکندا آھيون
لڪائي پاڻ کي سو پردن ۾
نه ڪنھن تي پٿر اڇليندا آھيون
ڪري محفوظ ڪنھن جي لفظن کي
نه گھايل ڪنھن کي ڪندا آھيون
لفظن جي ھيراڦيري کان ناواقف آھيون
اسان سچ جي تلوار سان وڙھندا آھيون.

ڏک
ڏک جھڙو خوبصورت جذبو ڪونھي
ڏک جھڙو مزو ڪنھن شيءِ ۾ ڪونھي
ڏک جھڙو ڪو سچو ساٿي ڪونھي
ڏک جھڙو ڪو مرھم ڪونھي
ڏک جو گھر جنھن دل ۾ ڪونھي
اھو دل آھي پر دل ڪونھي

درد
درد جي پکيءَ کي آزاد ڪيم
ڄڻ ته پنھنجو پاڻ سان انصاف ڪيم
سارو ڏينھن گذريو رات درد ياد آيو
اُف ھي ڪھڙو وڏو گناھ ڪيم
درد مون سوا ڪاڏي وڃي ھا
اچي پھتو دل جي دروازي تي
خوش ٿي سندس آجيان ڪيم
وري نه ڪڏھن کيس جدا ڪيم

جيئن اچي ويو
ستم سھندي سھندي صبر ڪرڻ اچي ويو
بيوفائن سان وفا ڪندي پيار ڪرڻ اچي ويو
ڌوڪا کائيندي کائيندي چھرا پڙھڻ اچي ويو
سچ چوندي چوندي سوليءَ تي چڙھڻ اچي ويو.

ساوڻ
ساوڻ ڪئي مھڪار ٽڙيا گل ھزار
من جي آتش مور نه اجھامي
ٿي ھر جاءِ ٿڌڪار
من ۾ رھيو آزار
ساوڻ واھ تنھنجي مھڪار
آيو وري ڪو ياد
ٿيا سور سوين نروار
دل ٿي نه سگھي آباد
ڏک وارن لئه آزار
ساوڻ واھ تنھنجي ٿڌڪار.

ھجوم
ھر طرف شور ھر طرف آ ھجوم
تنھا ڪيئن آھيان نه آھي معلوم
مان آھيان يا منھنجو سايو آھي
ڪنھن به آواز نه منھنجو ٻڌو آھي
ھرڪو پنھنجي مستي ۾ گم آھي
ھر طرف شور ھر طرف آ ھجوم

انتظار
اڄ تنھائي تي ڪيڏو نه ڏک ٿيو آھي
دوست سڀ بيوفا ٿيا ڏک ٿيو آھي
اڄ احساس ان ڳالھ جو ٿيو آھي
ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن سان ساٿ رھيو آھي.

خبر ھئي ته ڪو پيغام منھنجي لئه ڪونھي
ڪوبه منھنجو دوست يا ھم راز ڪونھي
پوءِ ڇو دل بيقرار ٿي وئي آھي
جواب منھنجي انتظار جو نه آھي

خواھشون
خوابن جي سمنڊ کان دور رھڻ ڀلو آ
حقيقت جو وجود بچائڻ لئه ايئن ڪرڻ ڀلو آ
مقدر کان وڌيڪ نه مليو آ نه ڪڏھن ملندو
وڏين وڏين خواھشن کان پاسو ڪرڻ ڀلو آ.

آدمي
ڪھڙا نه پيارا سپنا سجائي ٿو آدمي
ڏينھن رات مشين وانگر وھي ٿو آدمي
ننڊ ۽ چين پنھنجو ڦٽائي ٿو آدمي
خواھشن کي پورو ڪرڻ لئه ڊوڙي ٿو آدمي
مايا کي ئي پنھنجو بنائي ٿو آدمي
پيار ۽ خلوص کان پري ٿيو آ آدمي
جيون سمورو پنھنجو وڃائي ٿو آدمي
دنيا مان ھٿين خالي وڃي ٿو آدمي
مٽي آ مٽي سان وڃي ملي ٿو آدمي
جيون سمورو ڪوڙ پٺيان ڊوڙي ٿو آدمي.

اي انسان
ھيءَ وٺ وٺان جي دنيا ھر جاءِ لوڀ آھي
خاموش ٿي وياسين پنھنجي جاءِ نه آھي
ڪوڙي ناموس خاطر انسان وڪاميو آھي
ڌڪو ڏئي ٻئي کي اڳيان وڌيو آھي
مايا پٺيان ٿو ڊوڙي انسان ٿي ويو ڇا آھي
شيطان جي نقش قدم تي ھلي رھيو آھي
نه پنھنجي ضمير جو ڪو آواز ٻڌي رھيو آھي
خون پنھنجي ضمير جو پاڻ ڪري رھيو آھي.

ماءُ
اڄ تنھائيءَ ستايو ته ماءُ ياد آئي
اڄ زخم کاڌم دنيا جا ته ماءُ ياد آئي
اڄ خوشي ملي ته ماءُ جي مرڪ ياد آئي
اڄ راز دار نه پاتم ته ماءُ ياد آئي
اڄ سور سليان ڪنھن سان ماءُ ياد آئي
اڄ تپيو بدن بخار کان ماءُ جي ڇا تو ياد آئي
ڇڏي اڪيلو وئي مون کي ماءُ ياد آئي.

بيوفا دوست
اھڙي دوستن کي ڇا ڪيان جيڪي زخمن جو مرھم بڻجي نه سگھيا
اھڙي دوستن کي ڇا ڪياڻ جيڪي خشڪ اکين جا لڙڪ ڏسي نه سگھيا
اھڙي دوستن کي ڇا ڪيان جيڪي ھمراز بڻجي نه سگھيا
اھڙي دوستن کي ڇا ڪيان جيڪي سچ لئه زبان کولي نه سگھيا
اھڙي دوستن کي ڇاڪيان جيڪي مطلب کان سواءِ اچي نه سگھيا
اھڙي دوستن کي ڇا ڪيان جيڪي مون کي سمجھي نه سگھيا

پنھنجا
دل جي خواھش آ ته اڄ موٽي وڃان پنھنجن ڏي
غيرن جي محفل کان دل بيزار ٿي وئي آھي
حال دل جو وڃي ڪيا پنھنجن سان
خاموشي ڄڻ عذاب ٿي آھي.

چڙھندڙ سج
مان به ڪو چڙھندڙ سج ھجان ھا
ڪيترائي سلامي ھجن ھا
ڪري برداشت رويي کي
ڪيترائي گڏ ھجن ھا
مان سچ چوان ھا دل کولي
تڏھن به ماٺ ڪيو ويٺا ھجن
مان پري کائن رھان ھا
ھو منھنجي پويان ڊوڙن ھا
ڪاش مان چڙھندڙ سج ھجان ھا
پر مان ته ھڪ ادنيٰ انسان آھيان
ڪوڙي شھرت کان پري آھيان
ٺڳي ٺوڙيءَ کان پري آھيان
تڏھن ئي ته مان تنھا آھيان
مان ڪو چڙھندڙ سج نه آھيان
مان انسان آھيان مان انسان آھيان

راز
ڏکويل دل جو حال ڏکويل دل ئي ڄاڻي
رُنو ڪير ۽ کليو ڪير اھو محفل ڇا ڄاڻي
ٻري ٿي شمع روشنيءَ لئه اھو ھر ڪو ٿو ڄاڻي
روئي ٿي ۽ ڳري ٿي اھو ڪوئي نه ڄاڻي
لھرن جي لوڏي کي ٿي ھر نظر تاڻي
پر اندر ۾ ڇا ھي اھو سمنڊ ئي ٿو ڄاڻي

انسان ۽ جانور
انسان ۽ جانور ۾ ڪو فرق رھيو نه آھي
ھڪ کاڌو ماس آھي چنبن ۾ جھلي سوگھو
پئي ڪيو آقتل لفظن سان ئي گھو گھو
ھڪ عقل کان آھي ويڳاڻو
ٻيو آھي گھڻو سياڻو
ھڪ جھنگ ۾ رھي ٿو
ٻيو شھرن کي جھنگ ڪري پيو
انسان ۽ جانور ۾ ڪو فرق رھيو نه آھي.

ھي ڇا آھي
طنز جي گفتگو عزاب آھي
ھرڪو ھن مرض ۾ مبتلا آھي
اڙي اوجو زبان تي اچار آھي
نظر کي ٻئي جي بچار آھي
سمجھي ٿو ھر ڪو ته ھو ھوشيار آھي
پنھنجيءَ ۾ رھڻ وارو خوار آھي
سچو انسان ٿيو بيزار آھي
ھر طرف ڪوڙ جي ڀرمار آھي
ھر ڪو ڦرلٽ لئه تيار آھي
انسان انسان جو جيئڻ ڪيو جنجال آھي.

ڌوڪو
چارو طرف فريبي مڪار نظرون آھن
ھر وقت فتني فساد لئه تيار نظرون آھن
ھر ڪنھن جي خبر رکڻ لئه تيار نظرون آھن
پر پنھنجو گريبان ڏسڻ لئه تيار مور نه آھن
ويھي جن ڪچھريون خوب ڪيون آھن
ھڪ ٻئي پٺيان گلائون تن ئي ڪيون آھن
جن قرب سان ڀاڪر پاتو ھٿ ملايو
تن ئي پويان ڇريون تيز ڪيو آھن.

ھوش
ڪنھن جي زبان ٿي ھلي
ڪنھن جو قلم ٿو ھلي
ڪو جوش ۾ ٿو ھلي
ڪو ھوش ۾ ٿو ھلي
ڪو وعدھ ڪري ڪوڙا
ڪو پدرا ڪري ڪوڙا
ڪو ميڙ ۾ ماڻھن جي
ڪو اڪيلو ويو رھجي.

شاخ جا گل
ھڪ ئي شاخ جا گل ھئاسين اسان
غيرن جي ھٿان جدا ٿياسين اسان
مليا آھيون پر ڪجھ لمحن لئھ
ڪڏھن ته گڏجي رھندا ھئا اسان
پيار گھڻو ھو تڏھن ته وڙھندا ھئاسين اسان
پر تڪليف ڪا ھڪ ٻئي کي نه ڏيندا ھئاسين اسان
اڄ ملون ٿا پر غيرن جي نظر جي پھري ۾
ھڪ ئي شاخ جا گل ھئاسين اسان.

پٿر
اذيت آ ڏک آ تڪليف آھي
پر ڪنھن جو غرور ڀڃڻو آھي
ڪجھ وقت لئه دل پريشان آھي
پر ڪجھ ته ٿيو ڪو بي چين آھي
خبر اٿم ته انا پرست ھو شخص آھي
پر بدلجڻ اُن جو ناممڪن نه آھي
اڄ ڏٺو مون ھن کي بيقرار آھي
غرور پيار اڳيان ڪجھ به نه آھي
پيار ۾ اھڙي طاقت آھي
ٿي وڃي ميڻ جي ڪو پٿر آھي.

تنھائي
وقت جو ڇا آھي ھِتي گذري يا ھُتي گذري
پر بي وفا زماني ۾ زندگي ڪيئن گذري
ڏينھن سارو نيٺ جيئن تيئن ٿو گذري
رات ڀاري آ گذري ته آخر ڪيئن گذري.

صبر
ڏکن ڀريل زندگي کي گذارڻ لئه صبر کپي
دل جي زخمن کي لڪائڻ لئه صبر کپي
سمنڊ لڙڪن جو نيڻن ۾ لڪائڻ لئه صبر کپي
زبان کي بند رکڻ لئه صبر کپي
اندر جي اڌمن کي لڪائڻ لئه صبر کپي
پيار دل ۾ ئي رکڻ لئه صبر کپي
پنھنجو پاڻ تي صبر ڪرڻ لئه صبر کپي
دغا ھيءَ آھي ته بس رڳو صبر کپي

آھ
ڳرندي رھيس ائين جيئن برف ڳري ٿي
ٻرندي رھيس ائين جيئن شمع ٻري ٿي
سڙندي رھيس ائين جيئن ڪاٺي سڙي ٿي
بي چين ائين رھيس جيئن ڪا لھر لڇي ٿي
خاموش ائين رھيس جيئن ڪا تصوير ھجي ٿي
زندھ ائين رھيس جيئن ڪا لاش ھجي ٿي
نير ائين وھايم جيئن ڪا بارش وسي ٿي،
دل خون خون ٿي جيئن تڪبير پوي ٿي.

اڄ دل اداس آھي ڪو ياد پيو آھي
اڄ روئنداسين ملي ڳلي رات ۽ مان
اڄ زخم تازھ ٿيا دل خون ٿي اھي
اڄ جشن ملھائينداسين رات ۽ مان

اھڙو نه ڪجي ڪم جو وري موٽجي جڏھن
پنھنجي ئي رويي تي ندامت ٿئي محسوس
زندگيءَ ۾ جڏھن به ڪنھن راھ تي ھلجي
انسانيت جو سبق نه وسارجي ڪڏھن.

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت