غذائي ڀوسو ڇا آھي ۽ ان جو صحت سان ڪھڙو اثر آھي؟

روشنائي ترڪيب جو بنيادي مرڪز پن (Leaf) ڇو آھي؟
پن روشنائي ترڪيب جو بنيادي مرڪز آھي انھيءَ جو سبب ھيٺيون خاصيتون آھن.
(1)           پن جي ويڪري ۽ لسي ھجڻ سبب ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي روشني جذب ڪرڻ لاءِ وسيع ميدان مھيا ٿئي ٿو.
(2)           پن جي اندر گھرڙن جي وچ ۾ گھڻي وٿي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي آسانيءَ سان جذب ٿيڻ ۾ مدد ڪري  ٿي.
(3)           اڪثر پن سنھا ٿين ٿا. جنھن سبب ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي اندرين گھرڙن تائين پھچڻ لاءِ ٿورڙو وقت لڳي ٿو.
(4)           پن جي اندرين طرف ڪافي سوراخ(Stomata) آھن جيڪي پڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽آڪسيجن جي مٽاسٽا ۾ استعمال ٿين ٿا.
(5)           پن جي مٿاڇري تي ڪلوروپلاسٽ (Chloroplast) ٿيندو آھي. جنھن ڪري ان جي ٻاھرين پاسي کان گھرڙن جي لاءِ سج جي روشني آسانيءَ سان گھڻي جذب ٿئي ٿي.
(6)           پن ۾ سنھين شاخن ۽ نسن وارين ڏانڊين جو ڄار آسانيءَ سان روشنائي ترڪيب جي عمل ۾ گھربل جيوگھرڙن کي وسيع مقدار ۾ پاڻي پھچائي سگھي ٿو ڪوبه گھرڙو پاڻي پھچائيندڙ شاخن کان پري نه آھي.
پن جي اندرين توڙي ٻاھرين مٿاڇري تي شفاف گھرڙن جو ھڪ تَھَ (Layer) ائپي ڊرمس(Epidermis) آھي. جنھن جا ٻاھريان مٿاڇرا ميڻ (Wax) ۽ پاڻيءَ جي غلاف سان ڍڪيل آھن جن کي ڪيوٽيڪل (Cuticle) چئجي ٿو انھن جو ڪم پن مان پاڻيءَ جي بخار ٿي نڪرڻ کي روڪڻ آھي. پن روشنائي ترڪيب لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ھوا مان حاصل ڪن ٿا. ڪجھ گھرڙن تي ٻڌل تَھَ (Layers) ٿين ٿا جيڪي ميزوفل (Mesophyll) يا وچون پن سڏجن ٿا. جتي روشنائي ترڪيب مستقل طور ٿئي ٿي.

غذائي ڀوسو ڇا آھي ۽ ان جو صحت سان ڪھڙو اثر آھي؟
غذائي ريشا کاڌي جي بيڪار جزن تي مشتمل ڀاڄين ۽ ميون ۾ تاندورن جا ٺھيل ھوندا آھن جيڪي گھڻو ڪري انھن جي کل جي شڪل ۾ ھوندا آھن ھاضمي کان بچي پيل انھن بيڪار مادن جي اھا به خاصيت ھوندي آھي ته اھي پاڻ سان گڏ پاڻي به جذب ڪري وٺندا آھن. جنھن سبب آنڊي ۾ پاڻياٺ ڪافي ھوندي آھي ۽ قبضيءَ کان به بچاءُ ٿيندو آھي ۽ ھاضمي واريءَ نالي ۾ کاڌي جو اڳتي ڌڪجڻ به آسانيءَ سان ٿيندو آھي. کاڌي ۾ انھن تاندورن جي ھجڻ سبب قبضي سميت آنڊن جون بيماريون به ٿي سگھن ٿيون.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت