پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
ٿوري ڪچهري کان پوءِ هن چيو ته،”نماز جو وقت ٿي
ويوآهي اچو ته هلون“.
هوٽل جي ڪمري کان نڪرندي، مون سان گڏ مختيار صاحب،
يوسف ۽ جنيد به گڏ هيا. جنهن مهل پاڻ مسجد پهتاسين ته فرض نماز ٿي رهي هئي. امام
صاحب پهرئين رڪعت ۾ قيام ۾ بيٺو هيو. ٻاهران ئي لائوڊ اسپيڪر تي فرض نماز جي قرعت
جو آواز ڪنين پئجي چڪو هيو. ان ڪري تڪڙي تڪڙي وکون کڻڻ لڳاسين. منهنجو ته وضو هوٽل
کان ئي ٿيل هيو، ان ڪري مان ۽ ٻيا دوست سڌو جماعت سان وڃي شامل ٿياسين. جڏهن ته
نظير وضو ڪرڻ لاءِ وضو خاني جو رخ ڪيو.
فرض نماز پيش امام پرسڪون نموني سان پڙهائي. هن جي
نماز پڙهائڻ جو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو. سچ ته ڏاڍو دلي سڪون اچي ويو هو. روح کي
راحت اچي وئي ھئي. هن نماز پڙهائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تڪڙ نه ڪئي هئي. نه ئي وري
هن کي ڪا جلدي هئي. هو جڏهن رڪوع ۾ وڃي پيو ته رڪوع جو حق ادا ڪري پيو ۽ جڏهن وري
سجدي ۾ وڃي پيو ته سجدي جي روح ۾ هليو وڃي پي. سو هتي حقيقي قلب کي سڪون نصيب ٿيو
هو. فرض نماز کان پوءِ اسان انتظار ۾ هياسين ته پيش امام صاحب ڪيڏي مهل ٿو دعا
گهري. پر هن دعا نه گهري. نفل ۽ سنتون پڙهي، هو روانو ٿيڻ لڳو ته هن کي ڊاڪٽر نظير
روڪيندي چيو ته،”سائين! سنڌ کان مهمان آيل آهن. توهان لاءِ اجرڪ جو تحفو کڻي آيا
آهن. توهان سان ملڻ جي خواهش رکن ٿا. ان ڪري مهرباني ڪري توهان ٿورو ترسو ته نماز
پڙهي وٺن“.
مون نماز
ختم ڪئي ته جنيد، يوسف ۽ مختيار صاحب به تيار ويٺا هيا. اهي به گڏ ٿي ويا. پيش
امام نالي حافظ محمد حسين سان ملياسين. هو نهايت ئي خوش اخلاقي سان مليو. هن کي جڏهن
اجرڪ جو تحفو ڏنوسين ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي اجرڪ جو تحفو گهڻو سهڻو لڳو هو. هن
اجرڪ جي گهڻي تعريف ڪئي هئي. هن اجرڪ کي اکين تي رکي چميو هو. ان کان پوءِ هن اسان
جو شڪريو ادا ڪيو. اسان به هن جي فرض نماز پڙهائڻ واري طريقيڪار کي ساراهيو. هو ڏاڍو
خوش ٿيو هو. هن کان موڪلائي، ڪچهري ڪندا ٻاهر نڪري آياسين. مسجد جي گيٽ تي جوتن جا
ڍير لڳل هيا، ڪنهن به جماعتي پنهنجي جتي کڻي ڪنهن ڪنڊ تي نه لڪائي هئي ۽ نه ئي وري
پنهنجي اڳيان رکي هئي. هتي مون کي لڳو ته جماعتين کي جتين جي ڳڻتي نه هئي، بلڪ
پنهنجي رب جي سامهون ائين بيٺا هيا، جيئن نماز ۾ بيهڻ جو حق هيو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment