حمل جي تشخيص

حمل جي تشخيص
حڪيم نور محمد عبدالڪريم کتري سجاولي

عورت جي جنسي زندگي شروع ٿيڻ سان ئي ھوءَ حامله ٿيڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي آھي. جڏھن مردانه توليد ۾ شامل جراثيم منويه Spermatozoa ۽ زناني بيضه انثيٰ Ovum جو ميلاپ ٻچيداني جي نالي فيلوپين ٽيوب ۾ ٿيندو آھي تڏھن اھو زنانو بيضو ڍڪو يا باردار  Fertilise ٿي پوندو آھي ۽ ٻن کان پنجن ڏينھن تائين ھي رحم يعني ٻچيداني Uterus اندر پھچي ويندو آھي، اھڙي طرح عورت حامله ٿي ويندي آھي. ھڪ شڪي يا قياسي علامتون ۽ ٻيون يقيني علامتون.

قياسي علامتون Probable Sign
حمل جون ھي نشانيون قياسي ھونديون آھن، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن غير حامله عورتن ۾ به ڏسڻ ۾ اينديون آھن.
مختصر ھن ريت آھن:
1.   حيض بند ٿي وڃڻ.
2.   ڇھن 6 کان ٻارنھن 12 ھفتن تائين صبح جي وقت اٻڪن ۽ الٽين جو ٿيڻ.
3.   پستانن (ٿڻن) ۾ ڪجھ تبديلين جو نمودار ٿيڻ، جنھن ڪري پستان وڏا به ٿي ويندا آھن ۽ انھن کي زور ڏيڻ سان ڪجھ رطوبت خارج ٿيندي آھي ۽ ڪجھ سُور به محسوس ٿيندو آھي، پستان جون وريدون وڌيڪ ظاھر ٿي ڏسڻ ۾اينديون آھن.
4.   رحم جي ڳچي عنق الرحم Cirvix- Uteri جو رنگ نيرو ٿي وڃڻ.
5.   وڌنڌڙ رحم جي ڪري مثاني تي بار پوڻ ڪري ھر ھر پيشاب جو اچڻ.
6.   داخلي معائني ڪرڻ سان رحم جو وڌيل محسوس ٿيڻ. جيئن ته رحم Uterus يا ٻچيداني جي شڪل / بناوت ناسپتي جھڙي ھوندي، باردار رحم Fertilise Uterus آھستي آھستي وڌندي ناسپتي جي شڪل مان ڦري گول ٿي ويندو آھي.

حمل جي تشخيص جون گڏيل سڀئي مٿيون نشانيون حمل جي سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آھن پر ھنن مان ڪابه علامت اڪيلي ظاھر ٿئي ته حمل جي تشخيص ۾ يقيني ڪردار ادا نٿي ڪري سگھي، تنھن ڪري اھا شڪي علامت ليکي ويندي.

حمل جون يقيني علامتون:
يقيني علامتون گھڻو ڪري حمل جي چوٿين مھيني کانپوءِ پيدا ٿينديون آھن، انھيءَ قسم جون چار 4 نشانيون ھونديون آھن، جيڪي حمل جي تشخيص ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. ھي آھن:
(1)           پيٽ واري ٻار يا جنين جي جسم جي حصن کي ماءُ جي پيٽ مٿان ھٿ لاھي محسوس ڪرڻ.
(2)           معائني ڪندڙ کي حامله Pregnant جي پيٽ تي ھٿ رکڻ سان جنينءُ پيٽ اندر ٻار جون حرڪتون محسوس ٿيڻ.
(3)           تپاسڻي يا آله مسماع الصدر Stethoscope حامله عورت جي پيٽ تي رکڻ سان جنين جي دل جي دڙڪڻ ٻڌي سگھجي ٿي.
(4)           حمل جي سورھين 61 يا سترھين 71 ھفتي کانپوءِ پيٽ واري ٻار يا جنين جون ھڏيون X-RAY ۾ نظر اچي سگھن.
(5)           حامله عورت جو پيشاب ليباريٽري ٽيسٽ وسيلي ٽيسٽ ڪرڻ حمل جو پتو پوڻ.

حمل جي وچم غذائي ضرورتون
ڪيلوريون (calories) قوت انرجي (Energy) پيدا ڪرڻ واريون غذائون. حمل دوران جنين جي به اوسر ٿيئي آھي. ۽ ناڙ جي به، پوءِ ٻچيداني ۽ تاندورن کي به وڌڻو آھي، تنھن کان سواءِ جنين کي به رحم جي اندر حرڪت به ڪرڻي آھي، انھيءَ سڀني لاءِ ۽ پوءِ ٻار کي کير مھيا ڪرڻ لاءِ پيٽ واري (حامله) جون غذائي ضرورتون وڌي وينديون آھن. تنھن ڪري ھن جي معمول جي غذا ۾ ھڪ پيالي پريل چانورن جي يا ٻن ڦلڪن يا ھڪ ڇٽانگ گيھ جو اضافو ڪيو وڃي. ته انھيءَ سان اھا وڌيڪ قوت انھيءَ کي ملي ويندي جا ھن جي ٻار جي اوسر لاءِ ضروري آھي.

پروٽين:
انھيءَ اوسر لاءِ غذا ۾ پروٽين جو اضافو به لازمي آھي. ڏھ ڇٽانگ کير يا نباتاتي غذائن جو ھڪ مناسب مرڪب شامل ڪري ڇڏڻ ڪافي ھوندو آھي.

فولاد:
رت جي کوٽ حمل جي زماني ۾ گھڻي عام ھوندي آھي، انھيءَ جي تدارڪ ۽ علاج جي لاءِ اھڙين غذائن جي ضرورت گھڻو وڌي ويندي آھي جن ۾ فولاد نسبتن گھڻو ھجي يا پوءِ فولاد کي دوا جي نموني تي به ڏيڻ شروع ڪيو وڃي ۽ ھي استعمال کير پيارڻ جي زماني ۾ جاري رھي.

ڪيلشيم:
جنين ھڏين جي صحيح اوسر لاءِ ڪيلشيم تمام ضروري آھي. پر کير ۾ ھنجو مقدار چڱو چوکو ھوندو آھي. جيڪڏھن ڏھ ڇٽانگ کير روزانو ڏنو وڃي ته ڪافي ٿيندو ۽ يا وري ڪيلشيم دوا جي صورت ۾ ڏنو وڃي.

وٽامن:
حمل ۽ کير پيارڻ جي زماني ۾ وٽامن جي فراھمي به گھڻي ضروري ھئڻ گھرجي، اھڙيون غذائون خوراڪ ۾ ضرور شامل ھجن جيڪي ھر قسم جا وٽامن مھيا ڪري سگھنديون ھجن انھيءَ ڏس ۾ تازا ميوا ۽ ڀاڄيون اھم آھن.
حمل ۽ کير پيئارڻ دوران عورت جي مثالي خوراڪ ڪجھ ھن قسم جي ھئڻ گھرجي، سڄي ڏينھن ۾ چار پياليون کير يا لسي، گوشت يا مڇيءَ جو چڱو چوکو مقدار، ھڪ بيضو ٻه دفعا، چڱي مقدار ۾ تازا ميوه ۽ ڀاڄي انھن مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ۾ وٽامن (اي) موجود ھجي.
مثال:–
تازيون سايون يا ھيڊي رنگ جون ڀاڄيون، چار ڀيرا ڪنھن اناج مان تيار ٿيل کاڌو کائڻ مثال ماني چانور وغيرھ. پر عملي طور تي پاڪستان جي ھر عورت اھڙي غذا جي خرچ کي رسي نٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته ھن ۾ ڪافي حيواني پروٽين آھن ۽ ھي گھڻيون مھانگيون ھونديون آھن. البته ھن جي ڀيٽ ۾ سستو بدل به تجويز ڪري سگھبو آھي.
انھيءَ ڪري اھي پروٽين جيڪي ڪافي حد تائين وٺي سگھن دال ماني مان حاصل ڪري سگھبا آھن. ۽ گھڻن قيمتي ميوون بدران عام سستا ميوا استعمال ڪجن ته اھي فائدو ڏيندا. جيڪي گھڻن مھانگن ۽ عمدن ميون کان حاصل ٿيندا آھن بھرحال اسان ھن غذا جي سفارش ڪريون ٿا.
(1)           سڄي ڏينھن ۾ ھڪ دفعو گوشت، کير، لسي، يا بيضو.
(2)           سڄي ڏينھن ۾ ٻه يا وڌيڪ ڀيرا تازا ميوا يا سايون ڀاڄيون، خاص ڪري انب، پپيتا، زيتون، ٽماٽا، سايون يا ھيڊيون ڀاڄيون.
(3)           دال ماني يا دال چانور ڏيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته اھا تقريبا گوشت جو ڪم ڏيندي آھي، کير پيارڻ جي زماني ۾ کير بھترين غذا آھي.
ڇاڪاڻ ته انھيءَ سان ماءُ جو پنھنجو کير به وڌنڌو آھي ۽ پوءِ ڪيلشيم مُھيا ٿي ھنجون، ھڏيون ۽ ڏند محفوظ رھندا آھن، ڇاڪاڻ ته ھنکي ٻارن جي ھڏين ۽ ڏندن جي اوسر لاءِ پنھنجي کير ۾ ڪيلشيم مُھيا ڪرڻو ھوندو آھي، تنھن ڪري ھنجي خوراڪ ۾ ھي شيون ضرور شامل ھجن.
(الف) سيال يعني پاڻي، شربت، لسي، وغيرھ جو ڪافي مقدار،
(ب) وٽامن خاص ڪري اھي جيڪي تازن ميون ۽ ڀاڄين مان حاصل ٿيندا آھن.
(ج) قوت پھچائڻ واريون غذائون مثال ماني ۽ سڻڀ.


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت